حسن ھوري
ديھ حسن ھوري(انگريزي: Deh Hassan Huri) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڳڻ تپي ۾ واقع آهي.
حسن ھوري (وارھ) ديھ حسن ھوري | |
---|---|
ديھ | |
Deh Hassan Huri | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°28′43″N 67°56′44″E / 27.47861°N 67.94556°Eمڪانيت: 27°28′43″N 67°56′44″E / 27.47861°N 67.94556°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 835 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ٻہ ڳوٺ واقع ھيا جيڪي ڳوٺ ابراهيم وڳڻ ان سان لڳولڳ ڳوٺ ماڏو تونيو ھيا. ھاڻي ان ديھ جي معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ملوڪ تونيو ۽ ڳوٺ خيرو خان جتوئي شامل آهن.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ وڳڻ ۽ ديھ ياروديرو، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ چؤديرو، اولھ ۾ ديھ عبيداڻي ۽ ديھ بند جاني ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چؤديرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وڳڻ نصيرآباد روڊ ھن ديھ جي وچان گذرندڙ آھي. ڪور ھاشم ڊسٽري ھن ديھ مان وھندڙ آھي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 835 ھئي جيڪا 141 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].