ياروديرو
ديھ يارو ديرو(انگريزي: Deh Yaro Dero) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڳڻ تپي ۾ واقع آهي.
يارو ديرو (وارھ) ديھ ياروديرو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Yarodero | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°30′01″N 67°56′56″E / 27.50028°N 67.94889°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 8,395 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ياروديرو، ڳوٺ ڦورون، ڳوٺ مياڻي آنڌل جي، ڳوٺ خدابخش مغيري واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ياروديرو، پير جو ڪوٽ، مزاري ڳوٺ ۽ بستي چڪلال واقع آھن.
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گھٽھڙ ۽ ديھ ھني، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ وڳڻ، اولھ ۾ ديھ پيچوھا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ حسن ھوري ۽ ديھ عبيداڻي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. يارو ديرو ۽ وڳڻ ھڪٻئي سان لڳولڳ ديھ وڳڻ ۽ ديھ ياروديرو جي دنگ تي واقع آهن. ڄڻ تہ ھڪڙو شھر ٿي چڪا آهن.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 8,395 ھئي جيڪا 1,349 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
مشھور شخصيتون
سنواريومشھور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو جو تعلق ھن ديھ جي ڳوٺ ياروديرو سان آھي. سندس قبر پڻ ياروديرو واري مقام ۾ واقع آهي.