چڪ آباد
ديھ چڪ آباد(انگريزي: Deh Chak Abad) سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعو وارھ تعلقو جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جوڳي ۾ واقع آهي
ديھ چڪ آباد ديھ چڪ آباد | |
---|---|
ديھ | |
Deh Chakabad | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: .127°19′00.7″N 67°42′32″E / 27.316861°N 67.70889°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,549 |
تاريخ
سنواريوبورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1931 کان 2004ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق اھا ديھ تپو ميرپور ۾ واقع ھئي بعد م تپو جوڳي ۾ شامل ڪئي وئي. روينيو رڪارڊ موجب 1882 جي سروي وقت ھن ديھ ۾ رڳو پنج ڳوٺ هئا جن ۾ 1 ڳوٺ آڍو خان لاشاري 2 ڳوٺ لشڪر خان لاشاري 3 ڳوٺ چنو ھي ڳوٺ غلام علي اوڍاڻو سان مشهور 4 شڪارين جو ڳوٺ سروي نمبر 357 ۾ واقع ھيو 5 ڳوٺ خان محمد چانڊيو شامل آهن،
ڳوٺ
سنواريوھاڻي ھن ديھ ۾ 12 ڳوٺ آهن جن ۾
- 1 ڳوٺ آڍو خان لاشاري
- 2 ڳوٺ لشڪر خان لاشاري
- 3 ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان (پراڻو نالو ڳوٺ خان محمد چانڊيو)
- 4 ڳوٺ خاطر خان ساکاڻي
- 5 ڳوٺ پير صالح شاھ
- 6 ڳوٺ عبدالله چانڊيو
- 7 ڳوٺ ڌڻي بخش اوڍاڻو
- 8 ڳوٺ فتح علي
- 9 ڳوٺ غلام قادر اوڍاڻو
- 10 ڳوٺ لڌو خان ساکاڻي شامل آھن.
اوائلي ڳوٺن مان 2 ڳوٺ ختم ٿي ويا آهن جن ۾ سروي نمبر 357 ۾ 1 شڪارين جو پراڻو ڳوٺ ۽ 2 ڳوٺ چنو جيڪو ڳوٺن غلام علي اوڍاڻو جي نالي سان مشهور ھي بہ مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي
جاگرافي
سنواريوھن ديھ جي اوڀر ۾ ديھ جوڳي، اتر ۾ بہ ديھ جوڳي ۽ ديھ ميرپور اولھ ۾ ديھ سانھاري ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي ميھڙ جي ديھ گل محمد واھ واقع آهن. ھن ديھ جي روينيو رڪارڊ مطابق مڪمل سروي ٿيل آھي.
آبادي
سنواريو2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي سڀني ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,549 آھي ٽوٽل 977 خاندانن تي مشتمل آهن.[1].
حوالا
سنواريوhttp://map.sindhzameen.gos.pk/GIS%20EGP%20Files1/GIS/JPG/Kamber%20Shahdad%20Kot/warah/Chak%20Abad.JPG آرڪائيو ڪيا ويا 2022-12-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.