محمد عثمان ميمڻ

سنڌي ٻوليءَ جو اديب ۽ شاعر

محمد عثمان ميمڻ (انگريزي: Muhammad Usman Memon) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور ليکڪ، آرڪيالاجسٽ، قالم نگار، شاعر، ڪهاڻيڪار, ڊراما نويس ۽ موسيقي جي ماھر جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آھن. پاڻ 2009 کان 2019 تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي پروجيڪٽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو[1] انھي عرصي دوران انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا جا ڪل 12 جلد ڇپجي پڌرا ٿيا.[2][3]

محمد عثمان ميمڻ
Muhammad Usman Memon
پيدائش اپريل 01 1952(1952-04-01)
بوبڪ، سنڌ، پاڪستان
وفات ڊسمبر 8, 2021 (عمر 69 سال)
دادو، سنڌ، پاڪستان
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
صنف ڊراما نگاري، شاعري، تاريخ، آثار قديمه، ثقافت
ايوارڊ آثار قديمه ۾ بهترين تعاون جو انعام، بهترين ڊرامه نگار ايوارڊ، (سنڌ ٽي وي) ۽ سنڌ راڻي اوارڊ
جيون ساٿي نجمه عثمان
اولاد رضوان احمد، احسان احمد ميمڻ، عظميٰ ناز، صدف ناز ۽ يسرا مريم


زندگي جو احوال

سنواريو

سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب، محقق، آرڪيالاجسٽ، شاعر، ڪهاڻيڪار، ۽ ڊرامه نويس محمد عثمان ميمڻ ولد محمد بچل جو جنم پهرين اپريل 1952ع تي منڇر ڪنڌيءَ تي واقع تاريخي شهر بوبڪ ۾ جنم ورتو. سندس ناناڻا ٿيٻا آهن. هن جو ڏاڏو ورهاڱي کان اڳ لڏي اچي دادوءَ ۾ ويٺو، جنهنڪري سندس ذهني اوسر دادوءَ ۾ ٿي. هن پرائمريءَ کان فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم مدرسه دارالفيوض دادوءَ مان محمد سليمان صدائي ۽ محمد مصطفيٰ ملڪاڻيءَ کان، قرآن پاڪ ۽ قراءت جي تعليم قاري محمد قاسم چانڊئي کان حاصل ڪئي. ٽي درجا انهيءَ مدرسي ۾ قائم پرائمري اسڪول مان پڙهي، پرائمري مين اسڪول دادوءَ مان ماستر عبدالله ميمڻ ۽ ڌڻي بخش ميمڻ جي شاگرديءَ ۾ پنجون درجو پاس ڪيائين، بعد ۾ ڇهون ڪلاس پرمانند هرداس پائلٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ داخل ٿي مئٽرڪ تائين پڙهيو، جتي کيس عبيدالله آخوند ۽ بقا محمد قريشيءَ جهڙا لائق استاد مليا. انٽر سائنس جامعه مليه ڪاليج ملير ڪراچي مان ڪيائين، جتي کيس وقت جي وڏن عالمن مودودي ۽ سبط حسن جي صحبت نصيب ٿي ۽ ڪامريڊ نازش سان ويجهڙائيءَ ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ به حصو ورتائين بعد ۾ پي. ٽي. ويءَ لاءِ نامور براڊ ڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ ۽ هارون رند آڊيشن ورتو، ڪيترا ئي سال ٽي. وي تي سنڌي پروگرام ۽ ڊراما اسڪرپٽ لکيائين. سندس والد سنڌ جي جيلن جو وڏو مودي هو، جنهنڪري پاڻ ڪراچيءَ مان موٽي اچي پيءُ جو ٻانهن ٻيلي ٿيو. اتي قيدين کي کاڌ خوراڪ پهچائيندو هو. ان دوران ان وقت جي وڏن اسيرن خان ولي خان، جنرل شيروف ۽ نعپ جي ٻين اسيرن سان سندس لاڳاپا جڙيا ۽ دوستاڻا تعلقات وڌيا.[4] شاعريءَ ۾ سندس استاد، استاد بخاري هو جنهن سان 1970ع کان وٺي 1992ع تائين شاگردي واري سلسلي سان دوستي ۽ محبت جي مانڊاڻ ۾ منڊيو رهيو. شاعريءَ جي اصلاح سان گڏ استاد بخاريءَ سندس زندگيءَ جو به اصلاح ڪيو. حيدرآباد رهڻ دوران مدد علي سنڌي، شوڪت شورو، عبدالحق عالماڻي، منير ماڻڪ، فتاح هاليپوٽو، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر، طارق اشرف، عبدالفتاح بٺورائي، غلام حسين رنگريز، علي بابا، هارون رند، عبدالڪريم بلوچ، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا کوڙ اديب سندس ساٿ ۽ دوستيءَ ۾ رهيا. سليم سولنگي، محمد بخش سميجو، اطهر منگي، نور گهلو، تاج صحرائي، اسحاق راهي، محسن ڪڪڙائي، احمد مجتبيٰ، وفا ناٿن شاهي، شوڪت ڪيهر، سومرو سودائي استاد بخاري ۽ حاڪم علي شاھ ساڻس گڏ هئا. غالب ملڪاڻي کان سواءِ سيد حاڪم علي شاهه بخاري سان به گهڻو گهاٽو رهيو. حاڪم علي شاهه جڏهن به قديم آثارن جي پڙتال تي ويندو هو ته پاڻ ساڻس گڏ هوندو هو. حاڪم علي شاهه بخاريءَ سان رهي هن قديم آثارن بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ آرڪيالاجيءَ تي لکڻ شروع ڪيائين[5] . دادوءَ ۾ 1980ع ۾ ئي دادو ’آرٽس ڪلب‘ قائم ڪيائين جنهن ۾ استاد محمد صالح ساند، استاد بيبي خان جو شاگرد ۽ ڪلاسيڪل راڳ تي وڏي دسترس رکندو هو ان کي استاد مقرر ڪري سڀ ساز خريد ڪري ڏنائين. اتي خادم سخيراڻي، اڪبر بروهي ۽ ٻيا سکڻ ايندا هئا. استاد نظر محمد بئنجي نواز جيڪو استاد محمد صالح جو شاگرد هو اهو به اتي ئي سکيو. استاد صالح ساند کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ بابت گهڻو سکيائين. پاڻ دادو پريس ڪلب جو بانيڪار ميمبر آهي جنهن بعد ڪجهه وقت صحافت کي به ڏنائين. روشن طب هفتيوار اخبار جو ڪيترائي سال ايڊيٽر رهيو. 15 سال دادو چيمبرس آف ڪامرس جو اعزازي سيڪريٽري به رهيو.[6] هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1975ع ۾ والد جي وفات بعد ڪئي، روڊن، عمارتن وغيره جي ٺيڪيداريءَ جو ڪم شروع ڪيائين، پر اتي به دل نه لڳس ۽ ٻيا مختلف روزگار ڪرڻ لڳو، جن ۾ ميڊيڪل اسٽور، لوهه جو ڪم، ڪاغذ جو ڪم، ڪمپيوٽر ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ شامل آهن، پر ڊراما ۽ ڳائڻ سندس ورونهه رهيا. ڊرامي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس پهريون ڊرامو ’پسي ڳاڙها گُل‘ آهي ۽ ٻيو ڊرامو ’چريو‘ آهي. اهڙيءَ طرح هن وقت تائين سندس 30 کن ڊراما پي. ٽي. وي تي نشر ٿي چڪا آهن، جڏهن ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ ٽي. وي پنهنجي نشريات شروع ڪئي ته 2005ع کان هن اتي لکڻ شروع ڪيو. سندس ڊرامو ’پاڻيءَ مٿي جهوپڙا‘ مشهور ٿيو. جيڪو ڪي. ٽي. اين طرفان منان عباسيءَ جي ڊائريڪشن ۾ منڇر جي پسمنظر ۾ رڪارڊ ٿيو، جيڪو ٿيم توڙي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪي. ٽي. اين جي مک سيريل ۾ شمار ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هن ڪي. ٽي. اين تي ’حوا‘، ’آئينو‘ نالي سيريل، ’غريب آباد جي عذرا ۽ شمي‘ ۽ ڪيترائي فائيو ڊيز لکيا آهن. ساڳئي وقت هن سنڌ ٽي. ويءَ لاءِ به ڪافي لکيو آهي، جن ۾ گهڻو ڪري سيريل ۽ فائيو ڊيز آهن. سيريل ۾ وارث , شانتي ۽ دشمن سندس بهترين سيريل ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. فائيو ڊيز ۾ سندس ڊرامو ’اڄ جي نوران‘ گهڻو پسند ڪيو ويو. انهن ڊرامن کي مشهور هدايتڪار منظور دانش جي ڊائريڪريڪشن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. 2014ع ڪي. ٽي. اين تان سليم شاهه راشدي جي هدايتڪاري ۾ لکيل سندس هڪ ڊرامو ’غريب آباد جي عذرا ۽ شمي‘ ڏسندڙن ۾ بيحد مقبول ٿيو جيڪو 200 قسطن تي مشتمل هو. عثمان ميمڻ جو 2014ع ۾ سنڌ ٽي. وي تان ڊرامو ’دشمن‘ نشر ٿيو. جنهن جو ڊائريڪٽر منظور دانش هو. سندس هڪ ڊرامو ’جيون ڪٿا‘ مهراڻ ٽي. وي 2009ع تان نشر ٿيو. محمد عثمان ميمڻ جون سنڌي ڊرامي کي هٿي ڏيارڻ ۾ ڪيتريون ئي اڻ ٿڪ محنتون آهن هن سنڌي ڊرامي کي ڪيترائي نوان موڙ ۽ نوان لاڙا ڏئي سنڌي ڊرامي ۾ پنهنجي هڪ علحده سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. سنڌي ڊرامن ۾ هميشه ٻوليءَ جو ڪو خيال ناهي رکيو ويندو پر هڪ سنڌي ڊرامي ۾ وڌ کان وڌ ٻوليءَ ۽ اسلوب طرف ڌيان ڏيندو رھيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس ٿيل ڊراما گهرن ۾ پڻ ڏٺا ۽ ساراهيا وڃن ٿا. سندس ڊرامن جا پلاٽ سياسي، سماجي ۽ کهرو مسئلا هجن ٿا. هن جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ڊرامي کي قبيلائي دهشتگردي ۽ هٿيار ڪلچر کان ٻاهر ڪڍي سگهي پر ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ان سماج کي ان گند مان ٻاهر ڪڍڻ ڪافي ڏکيو مرحلو آهي. جنهن لاءِ هُو هميشه ڪوشان رهي ٿو. محمد عثمان ميمڻ ستر، اسي واري ڏهاڪي ۾ دادو شهر ۾ ٿيندڙ ناٽڪ منڊلن ۽ اسٽيج ڊرامن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترن اسٽيج ڊرامن ۽ ناٽڪ منڊلن جون ڪهاڻيون پڻ لکيائين. ان کانسواءِ هن نسيم کرل، اياز قادري، ڪرشن چندر ۽ هندستان جي مرهٽي ۽ تيليگو زبانن جي ڪهاڻين کي سنڌي ويس پارائي ڊراماٽائيز ڪيو آهي. ان کانسواءِ آرڪيالاجي، قديم آثارن توڙي سنگيت وغيره تي تحقيق پڻ ڪري چڪو آهي ۽ سندس تحقيق جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن .[7]

ادبي خدمتون

سنواريو

محمد عثمان ميمڻ لکڻ جي شروعات 1975ع ۾ ڪئي. شاعري جي شروعات استاد بخاري جي شاگردي ھيٺ ڪئي. پاڻ استاد بخاري جي ويجھي دوستن مان پڻ رھيو. هن شاعري سان گڏ ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي معياري رسالن ۾ شايع ٿيون. هيءُ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي اسڪرپٽ ايڊيٽر رهيو جنهن دوران سندس ڊراما پڻ نشر ٿيا. هن جو پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان "پسي ڳاڙها گل" ء "چريو" ٽيليڪاسٽ ٿيا.  ان کان پوءِ عثمان ميمڻ جا ڊراما سنڌي جي نجي چئنلن ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان 2005ع ۾ نشر ٿيڻ لڳا. هن جي شاعري ۾ رهنمائي سنڌ جي سدا حيات شاعر استاد بخاري ڪئي. محمد عثمان ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۽ استاد بخاري اڪيڊمي دادو سنڌ جو بہ گهڻو عرصو ميمبر رهيو. سندس ڊرامن ۽ ڪهاڻين جا موضوع منفرد آهن.[8]

  • قديم آثارن جي ڊاريڪٽري جلد پھريون، ترتيب احسان احمد ميمڻ آرڪيالاجي کاتو، حڪومت سنڌ 2024ع[18]

اڻڇپيل مڪمل ڪتاب

سنواريو
  • قديم آثارن جي ڊاريڪٽري جلد پھريون ترتيب احسان احمد ميمڻ (آرڪيالاجي کاتو، حڪومت سنڌ طرفان ڇپائي جي آخري مرحلي ۾)
  • جيوڻيون جلد پھريون ترتيب احسان احمد ميمڻ (ثقافت کاتي وٽ جمع ٿيل)
  • جيوڻيون جلد ٻيون ترتيب احسان احمد ميمڻ (ثقافت کاتي وٽ جمع ٿيل)

اڻڇپيل ڪتاب

سنواريو
  • منڇر جي آبي جيوت. منڇر جي جيوت.
  • سنڌ جي قديم آثارن جي ماهرن جو حياتيون.
  • ڪلاسيڪل ناچ ۽ تال.
  • سنڌو تهذيب جا دنيا ۾ ماڳ. ( هندستان، افغانستان، روس،بحرين ۽ ٻين هنڌن تي موجود 3300 سنڌو تهذيب جا ماڳ )

مشھور لکيل ڊراما

سنواريو
  • ”پسي ڳاڙها گُل“ (سولو پي ٽي وي- ذوالفقار نقوي)
  • ”چريو“ (سولو پي ٽي وي- هارون رند)
  • ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا“ (سيرل ڪي ٽي اين- منان عباسي: 70 قسطون)
  • ”آئينو“ (سيريل ڪي ٽي اين- منان عباسي)
  • ”حوا“ (سيريل ڪي ٽي اين- منان عباسي)
  • ”غريب آباد جي عذرا ۽ شمي“ ( سيريل ڪي ٽي اين- سليم شاهه راشدي: 290 قسطون)
  • ”وارث“ (سيريل سنڌ ٽي وي- منظور دانش)
  • ”شڪاري“ (سيريل سنڌ ٽي. وي- عمران چانڊيو)
  • ”دشمن“ (سيريل سنڌ ٽي وي- منظور دانش 90 قسطون)
  • ”اڄ جي نوري“ (5 ڊيز- منظور دانش)
  • ”شانتي“ (سنڌ ٽي وي. هي سيريل ٿري زبان ۾ لکيل هئي. 90 قسطون- منظور دانش)
  • ”ڪفن“ (سولو پلي ڪي ٽي اين- ڪرشن چندر جي ڪهاڻي جو ترجمو)
  • ”جيون ڪٿا“ ( سيريل مهراڻ ٽي.وي 52 قسطون)
  • ”ڀوري“ (5 ڊيز - مهراڻ ٽي وي)
  • ”دعا“ (سيريل 100 قسطون، سنڌ ٽي وي- منظور دانش)
  • ”ماچيس“ (سنڌ ٽي وي. 5 ڊيز- منظور دانش)
  • ”گيسٽ هائوس“ (ڪي ٽي. اين- 5 ڊيز)
  • ”نور فاطمه (سيريل 52 قسطون، ڌرتي ٽي وي- ظهير ميرجت)
  • ”دريا شاهه“ (ٽيلي فلم ڪي.ٽي. اين- شيراز شاهه)
  • ”شمع“ (سنڌ ٽي وي. سيريل 52 قسطون)
  • ”لڙيو سج لڪن ۾“ (سيريل- سنڌ ٽي وي)

ٻولين جي ڄاڻ

سنواريو

محمد عثمان ميمڻ 8 ڊسمبر 2021ع 72 سالن جي عمر[19] ۾ پنھنجي محبوب شھر دادو۾ عبح جو 12.30 بجي ڪينسر جي مرض سبب ھن فاني جھان مان لااڏڻو ڪيو.[20]



  1. "Sindhiana Category". Sindhi Language Authority. حاصل ڪيل 11 October 2024. 
  2. "Encyclopedia Sindhiana". Wikipedia. حاصل ڪيل 2024-10-14. 
  3. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا بابت". سنڌي انسائيڪلوپيڊيا. حاصل ڪيل 2024-10-14. 
  4. احسان احمد ميمڻ (2022). منڇر جو ماڻھون (محمد عثمان ميمڻ) اينٿالاجي. حيدرآباد, پاڪستان: محمد عثمان ميمڻ اڪيڊمي حيدرآباد. ISBN 978-6277646004. 
  5. علي نواز آريسر. "منڇر جو ماڻھو". Hindvasi. India. حاصل ڪيل October 11, 2024. 
  6. احسان احمد ميمڻ. "ويو وڻجارو اوھري". Sindh Express. حاصل ڪيل October 11, 2024. 
  7. سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس محمد عثمان ميمڻ | SindhSalamat, وقت 2017-10-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-02-16 
  8. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2022-07-27. 
  9. "سنگيت سنسار". سنڌي انسائيڪلوپيڊيا. حاصل ڪيل 2024-10-14. 
  10. Muhammad Usman Memon, Sangeet Sansar, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2008 (First Edition), 2017 (Second Edition), ISBN 978-969-625-103-3.
  11. Muhammad Usman Memon, Sindh Je Qadeem Asaran Ji Directory, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2008 (First Edition), 2017 (Second Edition), ISBN 978-696-625-080-7.
  12. Muhammad Usman Memon, Dakhan Asia Je Bolian Ae Lapiyan Ji Directory, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2010, ISBN 978-969-9098-35-2.
  13. Muhammad Usman Memon, Tameerat Ji Lughat, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2010, ISBN 978-969-9098-19-2.
  14. Muhammad Usman Memon, Tijarat ae Bankari Ji Lughat, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2011, ISBN 978-969-9098-18-5.
  15. Muhammad Usman Memon, Balochistan Je Qadeem Asaran Ji Directory, Sindhi Language Authority, Hyderabad, 2013, ISBN 978-969-9098-89-5.
  16. Muhammad Usman Memon (Author), Ihsan Ahmed Memon (Compiler and Co-author), Sindhu Tahzeb Ja Maag, Antiquities and Archaeology Department, Government of Sindh, 2023, ISBN 978-969-9432-04-0.
  17. "محمد عثمان ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌو تهذيب جا ماڳ“ جو مختصر اڀياس" (sd ۾). Awami Awaz. 04 November 2024. https://awamiawaz.pk/1241985. 
  18. Muhammad Usman Memon (Author), Ihsan Ahmed Memon (Compiler and Co-author), Asar Qadeema Vol I, Antiquities and Archaeology Department, Government of Sindh, 2024, ISBN 978-969-9432-06-4.
  19. "پهرين وريسي جي تقريب". Awami Awaz. حاصل ڪيل 11 October 2024. 
  20. Moderator, The Time News. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو اڳوڻو ڊائريڪٽر عثمان ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو". The Time News. حاصل ڪيل 2022-07-27.