تيلگو ٻولي

دراوڙي ٻولي

Telugu

తెలుగు

تيلگو
مستعمل:آنڌرا پرديش جزيرِا انڊومان ۽ نڪوبار، ڀارت
متڪلمين: مادري ٻولي 10 ڪرور واطن
ڪل: 12 ڪروڙ
رتبو:13
خاندانِ السنہ:

دراوڙي ٻوليون
 ڏکڻ مرڪزي
  تيلگو
     تيلگو

باضابطا حيثيت
دفتري ٻولي:ڀارت(آنڌرا پرديش)
نظميت از:تيلگو اڪادمي ۽ حڪومتِ آنڌرا پرديش
رموزِ زبان
آيزو 639-1:te
ISO 639-2:tel
ISO 639-3:tel [1]

تيلُگو يا تيلو گو ، ڏکڻ هندوستان جي رياست آنڌرا پرديش ۽ تلنگانا جي سرڪاري ٻولي آهي۔ ڏکڻ هند جي چار دراوڙي زبانن منجهان هڪ آهي۔ پر هي وچ وسطي يارت جي زبانجي نالي سان ، ماهرين لسانيات ۾ ڄاتي سنڃاتي ويندي آهي۔ هِن زبان تي آريائي ٻولي سنسڪرت جو غلبو ڏسي سگهجي ٿو ۔ ڀارت ۾ هندي ٻولي - اُردو ٻولي کان بعد گهڻو ڳالهائي ويندڙ ٻولي تيلگو آهي۔

تيليگو دراوڙي خاندان سان تعلق رکندڙ ٻولي آهي. انهيءَ ڳالهه جا ڪافي ثبوت ملن ٿا ته تيليگو ٻولي پهرين صدي عيسويءَ کان ملي ٿي. جڏهن ته تيليگو ڳوٺن جا نالا بخشش ڏيڻ وارن جا نالا، سندون، خط، وقت ۽ حرف وغيره ڇهين صديءَ جي ڪتابن ۾ ملن ٿا. تيليگو ٻولي ۽ ادب کي هيٺين دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي: پراڻن جو دور: هن دور کي ترجمن جو دؤر سڏيو وڃي ٿو ۽ هن دؤر جا ڪتاب سنسڪرت تصنيفن جو ترجمو آهن. نننايا کي تيليگو جو پهريون شاعر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن راجا نريندر جي خواهش تي وياس جي سنسڪرت ڀارتا جو تيليگو ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ کان پوءِ تڪڪننا (تڪَنا (Tikkanna مهاڀارت جي ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کنيو، جنهن جي شروعات نننايا ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ يراپراگڙا (Yerrapragada) چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ان کي مڪمل ڪيو. هنن ٽنهي شاعرن کي ڪويترايا (Kavitraya) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سري ناڌوا دؤر: هن دؤر کي ”ڪاويه“ جو عهد به چوندا آهن. سِري ناڌا کي ”ڪوي ساروا ڀوم“ جو خطاب ڏنو ويو هو، سندس ڪتاب سرنگارا نائي شڌم (Sringaranai-Shadham) ۽ ڪاسي مڪنڊمو گهڻو مشهور آهن. بمرا پوتانا (Bammera-Potana) سري ناڌا جو نوجوان همعصر هو، هن مهاڀڳت جو تيليگو ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. پربنڌا دور: هي تيليگو جو سونهري دور سڏيو وڃي ٿو. ان جو سبب هيءُ آهي ته هن دؤر ۾ ڪيترائي پرٻنڌ لکيا ويا. ڪرشنا ديوراءِ، وجيانگر جو مشهور راجا هو. هو پاڻ به وڏو شاعر هو، جنهن تيليگوءَ ۾ امڪتامليادا (Amukta Malyada) منظوم ڪتاب لکيو. سنسڪرت ۾ به سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. هن پنهنجي درٻار ۾ ڪيترائي وڏا شاعر عزت سان رهايا. سندس درٻار ”ڀون وجيا“ سڏي ويندي هئي. اٺن وڏن شاعرن جو سرپرست هو، جيڪي اشٽا ڊگا جاس (Ashta Digga Jas) سڏيا وڃن ٿا. ڏاکڻو يا جنوبي دؤر: هن دؤر کي اهو نالو ان ڪري ڏنو ويو، جو تنجور، مدورا، پدوڪوٽا ۽ ميسور ۾ ڏکڻ هند جي نايڪ راجائن جي حڪومت هئي. انهن ۾ اهڙا به هئا، جن نه رڳو تيليگو شاعرن جي سرپرستي ڪئي، پر اهي پاڻ به ان عهد جا ممتاز شاعر هئا. اهم ادبي صنفون، جيڪي ان دؤر ۾ تحرير ڪيون ويون، اهي پرٻنڌ ۽ يڪشاگنا (Yakshagna) آهن. 1750ع کان 1850ع وارو دؤر تيليگو ادب ۾ عام طور زوال جو عهد سمجهيو وڃي ٿو، ڇوته انهيءَ دؤر ۾ ليکڪ لفظي موشگافين ۽ اجاين استعارن جو شڪار ٿي ويا. منجهن شاعريءَ جو روح باقي نه رهيو، نتيجي طور شاعريءَ جو فطري حسن ختم ٿي ويو ۽ ان جو هڪ نقلي چهرو ظاهر ٿيو. هن دؤر ۾ انگريزي ادب جي ڄاڻن، انهن ڪمزورين کي محسوس ڪري شاعريءَ جا نوان قسم ۽ صنفون ايجاد ڪيون. آزاديءَ جي تحريڪ سان گڏ آنڌرا پرديش جي رهواسين ۾ هڪ الڳ صوبي جي قيام لاءِ خواهش پيدا ٿي. جن شاعرن انهيءَ نقطئه نظر جي ترجماني ڪئي، تن ۾ رايا پرولو، سري وشوناٿ، ستيانارائڻ، سري ٽي- سيتا راما مورتي ۽ ڪوڊالي سبارائو جا نالا ذڪر جو ڳا آهن. آزاديءَ بعد شاعرن جنهن ڍنگ سان پنهنجن جذبن کي اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کي هڪ قسم جي ’نثري شاعري‘ چئي سگهجي ٿو. ٻال گنگا ڌر تلڪ، انهيءَ ڍنگ جو باڪمال شاعر هو. دسرتي، ارودرا (Arudra) ديوگانند (Deveganand) سوما سندر، بوئي ڀيمنو ڪالوجي ۽ ڊاڪٽر نارائڻ ريڊي وڏي ڪاميابيءَ سان انهيءَ طرز کي اپنايو آهي. شري ڪندونتي انجانيٿ (Anjaneyth Kundunti) ان ’نثري شاعريءَ‘ جو ماهر استاد مڃيو وڃي ٿو. اڪثر بنگالي ۽ هندي ناولن جو تيليگو ۾ ترجمو ٿيو آهي. مثال طور: بنگال جي اهم ليکڪن-ٽئگور، بنڪم چندر، سرت چندر ۽ هنديءَ جي پريم چند ۽ ٻين اديبن جا ناول تيليگو ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح انگريزي، روسي ۽ ٻين مغربي ٻولين جا ناول به تيليگو ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. انهن ۾ فائوسٽ، وار اينڊ پيس، ايناڪرينينا، وغيره قابلِ ذڪر آهن. ممتاز افسانه نگارن ۾ ويلي سيواراما شاستري، سيوا سنڪرا شاستري اڊاوي باپي راجو، مني مانيڪم، گوپيچند ۽ بچي باپوءَ وعيره جا نالا وٺي سگهجن ٿا. ويرش لنگم پنتلو، تيليگو جو پهريون اديب آهي، جنهن جديد رنگ جي مضمون نگاري شروع ڪئي. پنوگنتي لڪشمي نرسمهارائو جي مضمونن جو مجموعو ”ساڪشي“ اعليٰ ادب جو نمونو آهي. تيليگو ۾ عوامي گيت به لکيا ويا آهن. جن جي شعريت خالص ۽ فطري آهي. تيليگو، ڀارت جي ڪرناٽڪا رياست ۽ آنڌرا پرديش ۾ ڪثرت سان رائج آهي. هن قسم جي شاعريءَ کي ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. مثلاً: پوراڻي گيت جون ڪهاڻيون، تاريخي رزميا ۽ فلسفياڻا نظم وغيره. تيليگو ٻوليءَ جا ناول، ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ جا ڪجهه تخليقي ڪتاب تيليگو ۾ ترجمو ٿيا آهن. هن ٻوليءَ کي آندرا (Andra)، گينٽو (Gentoo)، تيلنگاني (Talangani)، تيلنگائر (Telangire)، تيلگي (Teligi)، تينگو (Tengu)، ترنگي (Terangi)، تولنگان (Tolangon) پڻ چيو وڃي ٿو. براد (Berad)، داساري (Dasari)، ڊومارا (Domara)، گولارُي (Golari)، ڪاماٿي (Kamathi)، ڪمٽائو (Kamtao)، ڪونڊا- ريڊي (Kondar-Reddi)، سيل واري (Salewari)، تلنگانا (Telangana)، وگاڙا (Vagada)، سري ڪاڪولا (Srikakula)، وشاکاپتنام (Vishakha Patnam)، اوڀر گوڊاوري- رويل سمِا (Royal seema)، نيلور (Nellore)، گنتور (Guntore)، وداري (Vadari)، ونادي (Vanadi) وغيره هن ٻوليءَ جا لهجا شمار ڪيا وڃن ٿا. هيءَ ٻولي آنڌرا پرديش ۽ لاڳو رياستن کان سواءِ بحرين، فجي، ملائيشيا، موريشس، سنگاپور، عرب امارات، وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1997ع جي رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا 69634000 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. دراوڙي- وچ ڏکڻ- تيلگو ٻولين جي خاندان مان آهي.[1]

  1. "تيليگو". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 26 نومبر 2017.  Check date values in: |access-date= (مدد)

سانچو:يارت جون ٻوليون