انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ جامع انسائيڪلوپيڊيا

سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا جو پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي.[1]انسائيڪلوپييا سنڌيانا“ جو پهريون جلد ﺁگسٽ 2009 ﻉ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو . ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ان جا 12 ﺟﻠﺪ شايع ٿي چڪﺎ ﺁﻫﻦ. انسائيڪلوپيڊيا ۾ گهڻو حصو سنڌ سان لاڳاپيل مضمونن تي آهي جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ بقايا حصو دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي.

ﻫﻦ ﺍﻫﻢ ﺭٿا ﺟﻮ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻪ 1998ء ۾ جڙﻳﻮ ﭘﺮ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍڳ سنڌﻱ ٻوﻟﻲﺀَ ﺟﻲ ﺑﺎ ﺍﺧﺘﻴﺎﺭ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻲ ﻗﻴﺎﻡ ﺑﻌﺪ 1991ء ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺍهڙﻱ ﺭٿا ﺗﻲ ﺳﻮﭺ ﻭﻳﭽﺎﺭ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺷﺮﻭﻉ ٿيو ﻫﻮ . ﺑﻌﺪ ۾ ڊﺍڪٽر ﺗﻨﻮﻳﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲﺀَ ﻫﻦ ﺭٿا ﺟﻮ اﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺧﺎڪﻮ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﻮ ۽ 1998ء ۾ ٻولي ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ تڏﻫﻮڪﻲ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺑﺎﻗﺎﺋﺪﻱ ﺭﻳﺴﺮﭺ ﺳﻴﻞ ٺاﻫﻲ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺍﺳﺘﺎﺩ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻴﺦ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﻲ ﺍﻧﭽﺎﺭﺝ ﻣﻘﺮﺭ ڪﺮﻱ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ﺟﻲ ٽيم ﺗﺮﺗﻴﺐ ڏﻧﻲ . ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ سنڌ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺿﻠﻌﻲ ۾ ﺍﺩﻳﺒﻦ ۽ سهڪﺎﺭﻱ ﺳﺎٿين ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻮﺍﺩ ۽ ﺗﺼﻮﻳﺮﻭﻥ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﻲ سهڪﺎﺭ ﻻﺀِ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﺎ ﻭﻳﺎ. ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺟﻨﺎﺏ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﺑﺮﺍﻫﻴﻢ ﺟﻮﻳﻮ، ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ، ڊﺍڪٽر ﺍﻟﻠﻪ ﺭﮐﻴﻮ، ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺣﺴﻴﻨﻲ، ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ۽ ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ . ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڪﻢ لڳ ڀڳ ﭘﻮﺭﻭ ٿيو ﭘﺮ ﺍﻫﻮ ڇپاﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﺮﺣﻠﻲ ﮐﺎﻥ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻮ، ڇاڪﺎڻ ﺗﻪ 2001 ﻉ ۾ ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ ﺟﻲ ﻭڃڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺍسڪﻴﻢ ﺗﻲ ڪﻢ ﺑﻨﺪ ٿي ﻭﻳﻮ .

2008ء ۾ جڏﻫﻦ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، سنڌﻱ ٻوﻟﻲ ﺍٿارٽيءَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ﻣﻘﺮﺭ ٿي ﺁﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺗﺮﺟﻴﺤﻲ ﺑﻨﻴﺎﺩﻥ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺭٿا ﺗﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ .ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺑﺪﺭ ﺍبڙﻱ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺟﻲ ﺭﻫﻨﻤﺎﺋﻲﺀَ ۾ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮﻥ ٻيهر ڪﻢ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ۽ ﺻﺒﺢ ﺷﺎﻡ ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﺳﺎﻥ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ ﺟﻠﺪ ڇپجي ﻣﺎﺭڪيٽ ۾ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻦ ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻧﻲ ۽ ﺍﺩﺍﺭﺕ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ ڪﺌﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﺟﻮ سيڪريٽري ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ پڻ ﺳﻨﺪﺱ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو.

ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ ٽي ﺟﻠﺪ ” ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ﺥ “ ﺍﮐﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ پڌﺭﺍ ٿر چڪﺎ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻥ ﮐﻲ پڙﻫﻨﺪڙﻥ ﺳﺎڃهه ﻭﻧﺪ ﻃﺒﻘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻣﻮٽ ﻣﻠﻲ ﺁﻫﻲ . ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ، ﺭﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺗﻌﺮﻳﻔﻲ، ﺗﻨﻘﻴﺪﻱ ۽ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﺧﻂ پڻ ڇپيا . ﻫﻴﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﭼﺌﻨﻲ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ڏﺳﺠﻲ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ ﭘﻴڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﺎ 2684 ﺻﻔﺤﺎ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ۾ 10848 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ ﺍﻫﻦ . ﺳﻤﻮﺭﻱ ڇپاﺋﻲ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ﺭﻧﮕﻴﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮﻥ ﺳﺎﻥ ٿيل ﺁهي. ﺗﻴﺎﺭ ٿيل ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻮ ﻭﭼﻮﺭ ﺟﻠﺪ ﭘﻬﺮﻳﻮﻥ: ﺍﻟﻒ ﺏ ٻ ﺍﮐﺮﻥ ﺗﻲ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 648 ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺑﺎﺗﺼﻮﻳﺮ ﺻﻔﺤﺎ ﺁﻫﻦ. ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ڪﻞ 3712 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﺁگسٽ 2009ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ . ﺟﻠﺪ ٻيون: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٻيون ﺟﻠﺪ ( ڀ ﺕ ٿ ٽ ٺ ﺙ ) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ، جيڪﻮ پڻ ﺭﻧﮕﻴﻦ ۽ ﺁﺭٽ ﭘﻴﭙﺮ ﺗﻲ ڇپيل ﺁﻫﻲ، ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 2570 ﺁﻫﻲ . 728 ﺻﻔﺤﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﺁﺧﺮ ۾ ﺭﻫﺠﻲ ﻭﻳﻞ ﻋﻨﻮﺍﻧﻦ ( ﺍﻟﻒ ﮐﺎﻥ ٻ ) ﺟﻮ ﺿﻤﻴﻤﻮ پڻ ﺷﺎﻣﻞ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ٻئي ﺟﻠﺪ ﺟﻮ ڇاﭘﻮ ﻣﺌﻲ 2010ء ﺟﻮ ﺁﻫﻲ . ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ: ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮ پيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻮ ٽيون ﺟﻠﺪ ( ﭖ ﺝ ) ﺍﮐﺮﻥ ﺟﻲ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ . 700 ﺻﻔﺤﻦ ﺗﻲ ڇپيل ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ 2533 ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ٽيوﻥ ﻣﺎﺭﭺ 2011 ﻉ ۾ ڇپيو . ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ: ﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﺍﭘﺮﻳﻞ 2012ء ﺟﻲ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ ﻫﻔﺘﻲ ۾ پڌﺭﻭ ڪﻴﻮ ﻭيو . ﻫﻦ ﺟﻠﺪ ۾ ( ڄ ﺟﻬﻪ ڃ ﭺ ڇ ﺡ ﺥ ) ﺟﻲ اکرﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺩﺍﺧﻼﺋﻮﻥ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟﻠﺪ ﭼﻮٿوﻥ 608 ﺻﻔﺤﻦ ۽ 2033 ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺁﻫﻲ. سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺟﻠﺪﻥ ﺟﻲ ﻣﺘﻔﺮﻕ ﺩﺍﺧﻼﺋﻦ ﺟﻮ ڪﻢ پڻ ﺗﻴﺰﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻠﺪ ﭘﻨﺠﻮﻥ 2012ء ۾ پڌرو ڪيو ويو.

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ۽ ﭼﻴﻒ ﺍيڊيٽر ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ﺣﺴﻴﻦ، ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍيڊيٽر ﺗﺎﺝ ﺟﻮﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ﺭٿا ﺟﻲ ڊﺍﺋﺮيڪٽر ﻃﻮﺭ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎﻥ ميمڻ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻳﺌﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ . ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﺎﻫﺮﻥ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺿﻮﻋﺎﺗﻲ ﻟﺤﺎﻅ ﮐﺎﻥ ﻣﻮﺍﺩ ﺟﻲ ﻧﻈﺮﺛﺎﻧﻲ پڻ ڪﺮﺍﺋﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺍيڊيٽوﺭﻳﻞ ﺑﻮﺭڊ ۾ : ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻋﻠﻲ ﺍﻻﻧﺎ، ڊﺍڪٽر ﺣﺒﻴﺐ ﺍﻟﻠﻪ ﺻﺪﻳﻘﻲ، ﺳﻴﺪ ﻗﻠﻨﺪﺭ ﺷﺎﻫﻪ لڪﻴﺎﺭﻱ، ﺳﻴﺪ ﺣﺎڪﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺨﺎﺭﻱ، ﻭﻟﻲ ﺭﺍﻡ ﻭلڀ، ڊﺍڪٽر ﻏﻼﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻻﮐﻮ ۽ ڊﺍڪٽر ﺷﻤﺲ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺗﻨﻴﻮ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺍﺩﺍﺭﻱ ۾ ﻗﺎﺋﻢ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ ﺳﻴﻞ ۾ هيٺ ڄاڻاﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ڪﻢ ۾ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﺁﻫﻦ : ﺷﻮڪﺖ ﭼﺎچڙ ( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ) ، ﺻﻔﺪﺭ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮﺯﺍ ( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ) ، ﻭﺍﺣﺪ ﭘﺎﺭﺱ ﻫﻴﺴﺒﺎڻي ( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ) ، ﻫﻴﻤﻮﻥ ڪﺎﻻڻي ( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ) ، ﻋﺎﻣﺮ ﺳﻴﺎﻝ ( ﺭﻳﺴﺮﭺ ﻓﻴﻠﻮ ) ؛ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺭﻳﺴﺮﭼﺮ ﻃﻮﺭ ﺿﺮﺍﺏ ﺣﻴﺪﺭ، ﺷﻔﻴﻊ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ، ﺳﺎﺟﺪ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻏﻼﻡ ﺭﺳﻮﻝ مڱرﻳﻮ، ﺳﺮﺩﺍﺭ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ، ﻧﺎﺻﺮ ﻗﺎﺿﻲ، ﻋﻠﻲ ﻧﻮﺍﺯ ﺁﺭﻳﺴﺮ، ﻋﻨﺒﺮﻳﻦ ﺧﺎﺻﺨﻴﻠﻲ، ﺯﻳﻨﺖ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ، ﺭﺍﺳﻴﻪ ﺑﺸﺎﺭﺕ، ﺍﻣﺮ ﺧﻮﺭﺷﻴﺪ ۽ ﺻﺎﺋﻤﻪ ﻳﻮﺳﻒ ٽيم ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ٽيڪنيڪﻲ ﻋﻤﻠﻲ ۾ ڪﻤﭙﻮﺯﺭ / ﮔﺮﺍﻓڪﺲ ڊﺯﺍﺋﻨﺮ ﻃﻮﺭ، ﺗﻮﻻ ﺭﺍﻡ ﺳﻮٽهڙ، ﭘﺎﺭﺳﻪ ﺭﺿﻮﻱ، ﻧﻈﻴﺮ ﭼﺎنڊﻳﻮ، ﻋﺮﻓﺎﻥ ميمڻ ۽ ﺭﺣﻴﻢ ﭘﺎﺷﺎ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ - ﮐﻲ ﻭﻳﺐ ﺳﺎئيٽ ﺗﻲ ﺁﻥ ﻻﺋﻴﻦ ڪﺮڻ ﻭﺍﺭﻱ ڪﻮﺷﺸﻦ ۾ ﻓﻬﺪ ميمڻ ﻣﺼﺮﻭﻑ ﻋﻤﻞ ﺁﻫﻲ، ﺳﺎڻس گڏ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺨﺶ ڀنگر، ﺍﺣﺴﺎﻥ ﻟﻐﺎﺭﻱ ۽ ﭘﺮﻭﻳﺰ ﻧﻴﺎﺯ ﻫﻤﺎﻳﻮﻧﻲ ٻانهن ٻيلي ﺁﻫﻦ .

ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻠﺪ ﺟﻲ ﻣﻬﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺗﻘﺮﻳﺐ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻗﺎﺋﻢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻩ، تڏﻫﻮڪﻲ ﻭﻗﺘﻲ ﮔﻮﺭﻧﺮ ﻧﺜﺎﺭ کهڙﻱ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ سياﺣﺖ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ﺳﺴﺌﻲ ﭘﻠﻴﺠﻮ، سنڌﻱ ﻟﺌﻨﮕﺌﻴﺞ ﺍٿاﺭٽيﺀَ ﺟﻲ ﭼﻴﺌﺮﭘﺮﺳﻦ ۽ ﺍﻧﺴﺎئيڪﻠﻮپيڊﻳﺎ سنڌﻳﺎﻧﺎ ﺟﻲ ﻧﮕﺮﺍﻥ ﺍﻋﻠﻰ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ ڊﺍڪٽر ﻓﻬﻤﻴﺪﻩ ميمڻ جن شرڪت ڪئي.[2]


پڻ ڏسندا

سنواريو

خارجي ڳنڍڻا

سنواريو

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا[مئل ڳنڍڻو]