مدد علي سنڌي (انگريزي:Madad Ali Sindhi) سنڌ جو ناميارو اديب، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ صحافي آھي جنھن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1] مدد علي سنڌي موجوده نگران سرڪار ۾ تعليم ۽ پيشه ورانه سکيا جو نگران وفاقي وزير آھي.

مدد علي سنڌي
Madad Ali Sindhi
پيدائش حيدرآباد، سنڌ
ڌنڌو ليکڪ ڪهاڻيڪار
صحافي
شاعر
ٻولي سنڌي
رهائش حيدرآباد
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع ڪھاڻي شاعري، صحافت
ايوارڊ صدارتي ايوارڊپرائيڊ آف پرفارمنس

زندگي جو احوال سنواريو

مدد علي جو پورو نالو مدد علي ولد الله بخش قريشي آهي. هن 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ ﷲ بخش قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم سنواريو

مدد علي سنڌيءَ پرائمري تعليم فاطمه گرلس اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي وڏي ڌيءَ حاجياڻي غلام فاطمه شيخ جو قائم ڪيل هو، انهيءَ خاتون مدد عليءَ کي پرائمري تعليم ڏياري. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۽ بي. اي سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي، جڏهن ته ايم. اي ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٻه ڀيرا سياسي ڪيسن ۾ ريسٽيڪيٽ هئڻ سبب اها مڪمل نه ڪري سگھيو.

سياسي ابتدا سنواريو

مدد علي، شاگرديءَ واري زماني کان سنڌ جي قومپرست سياست ۾ سرگرم رهيو. هي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي بانيڪارن مان آهي. 1969ع ۾ ’عوامي ليگ‘ حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ شيخ مجيب الرحمان کيس عوامي ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيو.

ادب ۽ سياست سنواريو

آڪٽوبر 1970ع ۾ ’اڳتي قدم‘ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيائين، جنهن رسالي تي 1973ع ۾ حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي، جنهن کانپوءِ 1973ع کان 1978ع تائين وارو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين. ان عرصي دوران، 1975ع ۾ ان وقت جي حڪومت 72 سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش لاڳو ڪئي. اُن ڪيس دوران مدد علي سنڌيءَ ۽ طارق اشرف جي گهرن تي ڇاپا لڳا ۽ ’اڳتي قدم‘ ڇپيندڙ پريس کي سيل ڪيو ويو ۽ مدد علي سنڌيءَ جي 86 سالن جي والد کي سندس بدران گرفتار ڪري، 26 ڏينهن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو.[2][3][4][5][6]

اوارڊ سنواريو

مدد علي سنڌي کي 14 آگسٽ 2021ع تي خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس ڏنو ويو.[7]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Bio-bibliography.com - Authors". www.bio-bibliography.com. حاصل ڪيل 2019-12-07. 
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد اٺون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-625-000-5) سال: 2013ع
  3. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: مدد علي سنڌي - رکيل مورائي". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2019-12-07. 
  4. اداس روح ازلَ کان. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17107&BookTitle=Udas%20Rooh%20Azal%20Khan. 
  5. "نظم.....مدد علي سنڌي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-07. 
  6. اداس روح ازلَ کان. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17107&BookTitle=Udas%20Rooh%20Azal%20Khan. 
  7. کارکردگی, مدد علی سندھیمدد علی سندھیپیدائشمدد علی سبدھی12 اکتوبر 1950ءحیدرآباد، سندھ، پاکستانقلمی ناممدد علی سندھیپیشہشاعر، افسانہ نگار، صحافیزبانسندھینسلسندھیشہریت پاکستانیتعلیمایم اےمادر علمیسندھ یونیورسٹیموضوعافسانہ، کالم ، شعرنمایاں کامگونجا بی کائی کوجااہم اعزازاتتمغائے حسن. "مدد علی سندھی - آزاد دائرۃ المعارف، ویکیپیڈیا". ur.wikipedia.org (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-08-16.