محمد بخش سميجو
محمد بخش سميجو (انگريزي:Muhammad Bux Samejo) (پيدائش: 5 فيبروري 1946ع - وفات: 13 سيپٽمبر 2004ع) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جو ناميارو هدايتڪار ۽ پروڊيسر هو. سندس پيش ڪش ۾ ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ۾ ڊارما ٽيليويزن سينٽر ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جيڪي عوام ۾ مقبول ٿيا.[1][2][3]
محمد بخش سميجو Muhammad Bux Samejo | |
---|---|
پيدائش | محمد بخش سميجو فيبروري 05 1946 ڳوٺ ٻُٽ سرائي، ميھڙ تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
وفات | 13 سيپٽمبر 2004 (عمر 58 سال) ڪراچي |
ڌنڌو | هدايتڪار، پروڊيوسر |
ٻولي | سنڌي، اردو |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | ايم اي سياسيات |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
صنف | ڊرامو |
موضوع | هدايتڪاري |
مُکيه ڪم | ڊراما سيريل جياپو ڊراما سيريل جيت ڊراما سيريل ڪونج |
ايوارڊ | بهترين هدايتڪار پي ٽي وي اوارڊ |
زندگي ۽ تعليم
سنواريومحمد بخش سميجو جو اصل نالو بشير احمد هو پر سندس اسڪول رڪارڊ ۾ محمد بخش درج ڪيو ويو. هي 5 فيبروري 1946ع تي سنڌ جي دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻُٽَ سرائي ۾ فقير محمد سميجو جي گهر ۾ جنم ورتو.[4][1][2] سندس پيءُ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪند وهو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس خاندان اباڻي ڳوٺ مان لڏي اچي دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن مئٽرڪ ، انٽر ۽ بي.اي کان پوءِ ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۾ 1964ع ۾ پاس ڪئي. هيءُ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀان سيدآباد ۾ استاد طور مقرر ٿيو پر 1972ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ بعد استادي پيشو ترڪ ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. 75-1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن سينٽر تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو. ترقي ڪندي پروڊيوسر جي عهدي تي فائز ٿيو.[1][2]
خدمتون
سنواريومحمد بخش سميجو جي هدايتڪاري ۽ پيش ڪش ۾ ڪيترائي سنڌي ٻولي ءُ اردو ۾ پِي ٽِي وِي ڪراچي سينٽر تان ڪيترائي ڪامياب ڊرامه نشر ٿيا. هن ڪيترائي اداڪار ۽ ليکڪ متعارف ڪرايا جن فن جي دنيا ۾ نالو ڪمايو. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا.[1][2] کيس 1996ع ۾ سٺن ڊرامن عيوض جرمني ۾ سَنَدُون ڏنيون ويون.[3]
وفات
سنواريومحمد بخش سميجو دل جي تڪليف سبب اسپتال داخل ٿيو. ڪافي ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ 13 سيپٽمبر 2004ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. کيس دادو شهر ۾ دفن ڪيو ويو.[1][2]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2019-06-01.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 "سميجو محمد بخش : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-01.
- ↑ 3.0 3.1 بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16822&BookTitle=Bakhshu%20Lagharti%20Khan%20Baltimore%20Taeen.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-06-01.