مک مينيو کوليو

تعارفسنواريو

هي علم مادي جي ثن حالتن کي يعني نهرو، پاڻيات، هوا تي بحث ڪري ٿو. جيئن ته پاڻي ڇا جو ٺهيل آهي، آڪسيجن ۽ هائڊروجن جو وغيره
ڪيميا سائنس جي اها شاخ آهي جيڪا مادي ۾ رونما ٿيندڙ خاصيتي تبديلن کي رونما ڪري سندن مطلق ڄاڻ ڏي تـ ان کي ڪيميا چئبو آهي.
ڪيمسٽري سائنس جي اها شاخ جنهن ۾ مادي، انجي بناوٽ، انجون خصوصيتون ۽ انجي تبديلين بابت مطالعا ۽ مشاهدا ڪيا ويندا آهن.
ڪيمسٽري يا علم ڪيميا شين جي سائنس سان تعلق رکندڙ علم آھي. اھو ٻڌائيندو آھي تہ شيون جڏهن پاڻ ۾ ملنديون آهن تہ ان سان ڪيئن تبديليون اينديون آهن.ھيء سائنس اوتري پراڻي آهي جيتري انساني تھذيب آھي.ھن علم جون ڪيتريون ئي شاخون آهن. جن مان نامياتي ڪيميا ۽ غيرنامياتي ڪيميا اھم آهن.ان جو ھڪ قسم صنعتي ڪيميا آهي جنھن سان تمام ڪارآمد شيون تيار ڪيون ويون آهن پر انھن جي تياري جي دوران خارج ٿيڻ وارن مرڪبن ماحول ۾ گدلاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي.
ڪنھن به شئي جي ڪيمسٽري جو اڀياس ٽن اصولن تحت ڪيو ويندو آهي.

  1. پھرين مرحلي ۾ ان جي بناوٽ.
  2. ٻئي مرحلي ۾ ان جون خصوصيتون.
  3. ٽئين مرحلي ۾ ان شئي جون ڪيميائي تبديليون.

علم ڪيميا ۾ سائنسي طريقي جي تشريح مشاھدن، مفروضن، نظرين ۽ سائنسي قانونن جي ذريعي ڪئي ويندي آهي.

تاريخسنواريو

قديم دورسنواريو

علم ڪيميا جي تاريخ ان وقت شروع ٿيندي آھي جڏھن انسان پنھنجي اردگرد جو اڀياس شروع ڪيو تہ انھن جي سامھون موجود شيون ڪھڙي طرح انھن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪار آمد ٿي سگھن ٿيون.ان وقت انھن شين ۾ پٿر، ڪاٺيون ۽ لوھ سرفهرست ھيا. پٿرن سان گڏوگڏ انھن پھاڙن جو مشاھدو ڪيو ۽ انھن مان ڌاتو حاصل ڪيا.پٿرن کي پاڻ ۾ گسائي باھ ٻارڻ جو طريقو سکڻ کان پوءِ اھو سمجھڻ شروع ڪيو تہ ڪھڙيون شيون باھ ۾ سڙي وڃن ٿيون ۽ ڪھڙين شين تي باھ اثر نہ ٿي ڪري.پوء اتفاق سان واري گرم ڪندي شيشو ٺاھڻ جو فن سکي ويا.اھا سموري ترقي سطحي ۽ مختلف اندازن تي مشتمل ھئي.

يوناني دورسنواريو

ھي دور لڳ ڀڳ 600 ق م کان شروع ٿئي ٿو. ھن دور ۾ يوناني سائنسدان ارسطو تمام گھڻو مشھور آھي.ان سان گڏ سقراط ۽ افلاطون به جن سائنسي مظھرن کي فلسفيانہ انداز ۾ سوچي اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. ارسطو ۽ ٻين يوناني فلسفين مطابق ھر شئي چئن عنصرن مان ٺھيل آھي: مٽي، ھوا، باھ ۽ پاڻي.انھن مطابق باھ گرم۽ خشڪ ھئي، مٽي خشڪ ۽ ٿڌي، ھوا ۽ پاڻي ٻئي ٿڌا ، گرم ۽ آلاڻ وارا ھوندا آھن. رومين علم ڪيميا ۾ وڌيڪ اضافا ڪيا.انھن ڌاتن مان شيون ٺاھڻ جي فن کي بھتر بڻايو ۽ مٽيءَ جي ٿانون تي انيمل (enemal) ڪرڻ جو طريقو ايجاد ڪيو.

اسلامي دورسنواريو

ھي دور 600 عيسويءَ کان 1600 تائين جاري رھيو. ھن دور ۾ ڪيتريون ئي شيون ايجاد ۽ دريافت ڪيون ويون. ان دور ۾ تجربن ۾ استعمال ٿيڻ واريون شيون ھرھڪ قيف، بيڪر، تارازي ايجاد ڪيا ويا. جابر بن حيان شوري جو تيزاب يا نائٽرڪ ايسڊ، لوڻ جو تيزاب يا ھائڊروڪلورڪ ايسڊ ٺاھڻ جا طريقا دريافت ڪيا. ھن ڪپڙن کي رڱڻ ۽ ڌاتوڪاري جا طريقا به دريافت ڪيا. الرازي ھڪ طبيب يا فزيشن ، ڪيمسٽ ، فلسفي ۽ ماھر جراح يا سرجن ھيو.ھن سڀ کان پھريون آفيم جو ماڻھو کي بيھوش ڪرڻ وارو استعمال (Anesthetic use) ڪيو. ھن ڪيميائي شين جي جاندار ۽ بي جان واري حساب سان درجہ بندي ڪئي. بوعلي سينا دواسازي ۽ دوائن جي ڪيميا (Pharmacy)، فلسفي، رياضي ۽ فلڪيات جي علم تي ڪم ڪيو.البيروني ڪيميائي شين جي گھاٽائي يا ڪثافت (Density) ۽ اضافي گھاٽائي معلوم ڪئي.

جديد ڪيميائي دورسنواريو

ھن دور جو آغاز 1700 کان ٿيو. رابرٽ بوائل جو شمار جديد ڪيمسٽري جي بانين مان ٿئي ٿو. جان ڊالٽن ايٽمي نظريو پيش ڪيو جنھن سان علم ڪيميا ۾ تمام گھڻو واڌارو آيو. مينڊليف عنصرن جي مطالعي کي عنصرن جي نئين ترتيب ذريعي اڳتي وڌايو ۽ عنصرن جي درجي بندي سان انھن جي خصوصيتن ۽ نون عنصرن جي دريافت ۾ آساني پيدا ٿي. نيل بوھر ۽ ردرفورڊ ايٽم جي بناوٽ ۽ تابڪاري جي باري ۾ مفيد ڄاڻ فراهم ڪئي اھڙي طرح ايٽمي ڪيمسٽري جو آغاز ٿيو.

ڪيمسٽري جون شاخونسنواريو

نامياتي ڪيميا_Organic Chemistryسنواريو

ڪيمسٽري جي ھن شاخ ۾ اھڙن مرڪبن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي جن کي ڪاربن ۽ ھائيڊروجن چوندا آھن. مثال: پيٽرول، پلاسٽڪ وغيره.

غير نامياتي ڪيميا_Inorganic Chemistryسنواريو

اھو علم اھڙن مرڪبن ۽ عنصرن جي باري ۾ آهي جيڪي غير نامياتي شين مان ملن ٿا. ھن علم ۾ ڪاربن جي ڪيترن ئي مرڪب کان علاوه باقي سمورن عنصرن ۽ انھن جي مرڪبن جو اڀياس شامل آھي.

طبعي ڪيميا_Physical Chemistryسنواريو

ڪيمسٽري جي ھن شاخ ۾ ڪنھن ڪيميائي عمل دوران ماليڪيول ۽ ايٽمن جي وچ ۾ موجود اصولن ۽ نظرين بابت اڀياس شامل ھوندو آھي.

تجزياتي ڪيميا _Analytical Chemistryسنواريو

ڪيمسٽري جي ھن شاخ ۾ اھڙن طريقن ۽ عملن جو اڀياس ڪيو ويندو آهي جن سان عنصرن ۽ مرڪبن جو تجزيو ڪيو ويندو آهي.

حياتياتي ڪيميا_Bio Chemistryسنواريو

جاندارن ۾ موجود مادن جو اڀياس حياتياتي ڪيمسٽري سڏبو آهي.

نيوڪليائي ڪيميا_Nuclear Chemistryسنواريو

تابڪاري وارن عنصرن جي ايٽمن ۾ ٿيڻ وارين تبديلين ۽ انھن مان شعاعن جي نيڪال بابت اڀياس کي نيوڪليائي ڪيمسٽري چوندا آهن.

صنعتي ڪيميا_Indistrial Chemistryسنواريو

مختلف صنعتي شين جھڙوڪ شيشو، سيمنٽ، ڪاغذ، دوائون ۽ ھٿرادو ڀاڻ وغيره ٺاهڻ جي مرحلن جي اڀياس کي صنعتي ڪيمسٽري چوندا آهن.

ماحولياتي ڪيميا_Enviromemtal Chemistryسنواريو

صنعتي ڪيميائي مادن جي زندگيءَ تي پوندڙ اثرن جو اڀياس.

پوليمر ڪيميا_Polymr Chemistryسنواريو

جڏھن پنج يا وڌيڪ ماليڪيول پاڻ ۾ اھڙي طرح ڪيميائي عمل ڪن جو ھڪ بعد ٻيو لڙھي جي شڪل اختيار ڪري ته ان کي پوليمرائيزيشن چوندا آهن. ھي علم اسان کي پلاسٽڪ، مصنوعي ريشا (synthetic fibers) ۽ ڪاغذ وغيره جھڙين شين جي معلومات ڏئي ٿو

حوالاسنواريو