الرازي

ايراني طبيب، ڪيميا دان ۽ فلسفي


الرازي، مشهور طبيب، ڪيميادان، فلسفي ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس پورو نالو ابوبڪر محمد ابن ذڪريا الرازي هو. هو 250ھ/ 864ع ۾ ايران جي شهر ”ري“ ۾ ڄائو. رياضي، فلسفي، هيئت ۽ ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين. وڏيءَ عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ طب ڏانهن لاڙو رکيائين. ”ري“ جي حاڪم جي ملازمت ۾ آيو ۽ پوءِ انهيءَ شهر جي نئين وڏي اسپتال جو نگران اعليٰ مقرر ٿيو. بعد ۾ هو بغداد ۾ به ساڳئي عهدي تي رهيو. پنهنجي دؤر جو سڀني کان وڏو طبيب هئڻ سبب سندس شهرت مختلف بادشاهن جي درٻارن ۾ پکڙجي ويئي، پر بادشاهن جي مزاج ۽ غيريقيني سياسي صورتحال سبب الرازي ڪٿي به مستقل طور نه ويهي سگهيو. ڪئين ڀيرا پنهنجي وطن آيو. آخر اتي ئي 313ھ/925ع ۾ وفات ڪيائين. الرازي پنهنجي دؤر جو وڏو طبيب هو. هن مختلف مرضن تي ڪيترائي رسالا لکيا آهن. ان کان سواءِ طب جي فن بابت جيڪي ڪتاب هن لکيا آهن، اهي نهايت اهم حيثيت رکن ٿا. انهن مان ڪيترن جو لاطيني زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب ”الحاوي“ کي ته طب جي انسائيڪلوپيڊيا چيو ويندو آهي. الرازي انهيءَ ڪتاب لکڻ ۾ 15 سال لڳايا. طب کان سواءِ هن ڪيميا، طبعيات، مابعد طبعيات، سائنس ۽ فلسفي تي به ڪئين ڪتاب لکيا. بلاشڪ هو اسلامي دنيا جو تمام وڏو طبيب ۽ فيلسوف هو.[2]

ابوبڪر محمد زڪريا رازي
پيدائش 854 CE[1]
ري، فارس، گريٽر ايران
وفات 932 or 925
ري، فارس، گريٽر ايران
عهد اسلامي سونھري دؤر
شعبه عمل
طب، فلسفو، الڪيمي
اهم نظريا
گندرف جو تيزاب سڀ کان اول ھن ٺاھيو، ماتا ۽ ارڙي جي بيماري تي تحقيق، اکين جي بيمارين جو ماھر، ٻارن جي بيمارين تي ڪتاب لکيائين، نامياتي ۽ غير نامياتي ڪيمسٽري تي تحقيق ڪيائين، ڪيترن ئي ٻين فلسفي جي ڪتابن جو ليکڪ ھيو۔