مفروضو
مفروضو يا انومان (انگريزي: Hypothesis ) مشاھداتي حقيقتن ۽ اڳ جمع ڪيل معلومات ۽ ڊيٽا جي آڌار تي ماھر ھڪ ذھن [1] لڳائيندا آهن تہ مختلف پيدا ٿيندڙ سوالن جو موزون جواب ڪھڙو ٿي سگھي ٿو. اھڙو ذھين اندازو ھڪ بيان جي صورت ۾ مفروضو سڏجندو آهي[2]. تحقيق ٿيندڙ مسئلي سان ڪنهن نہ ڪنهن طرح واسطو رکندڙ ڪي حقيقتون ذهن ۾ اڳي سوچيل ويچاريل هونديون آهن، جن جي مدد سان مسئلي جي خاصيتن جي ڪا نہ ڪا ترتيب مقرر ڪئي ويندي آهي[2]. اها آزمائشي ترتيب هوندي آهي، جنهن جي مدد سان مسئلي جي خاصيتن جي جانچ ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ”آزمائشي ترتيب يا فرض ڪيل ڳالھ يا گمان کي انومان چيو وڃي ٿو“ يا ائين چئجي ته انومان اهو وقتي ويچار يا خيال يا رٿ هوندي آهي جيڪا ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ قبول ڪئي وڃي ٿي، تہ مسئلو ڇا آهي؟ جڏهن بہ ڪنهن مسئلي کي پرکيو وڃي ٿو تہ انهيءَ وقتي ويچار کي مسئلي جو بنياد بنائي پرکيو وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح مسئلي جي سچ يا حقيقت کي ڳوليو وڃي ٿو. ۽ جڏهن انومان جي پرک مڪمل ڪئي ويندي آهي، تڏهن اهو سچ يا حقيقت اصول جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي[2]. ڪڏهن ڪنهن مسئلي جون ڪي نيون حقيقتون ڪنهن نہ ڪنهن طرح ڪيترن ئي انومانن کي پرکڻ کان پوءِ ظاهر ٿينديون آهن، جيڪي ڪڏهن غلط ۽ ڪڏهن صحيح ٿينديون آهن[2]. اهڙي طرح جيڪي بہ حقيقتون اڄ تائين تحقيق جي مدد سان اسان تائين پهتيون آهن، اهي غلط يا صحيح جيئن بہ ظاهر ٿيون آهن. تمام گهڻي تجزئي ۽ پرک کان پوءِ قبول ڪيون ويون آهن[2]. انومان ڪن وجودي حقيقتن جي حالتن جي ذهن ۾ هجڻ ڪري خيال ۾ ايندو آهي، جن جو تعلق ٻين مسئلن سان هوندو آهي، جيڪي مسئلي کي پرکڻ لاءِ ڪم ايندا آهن[2]. اهي مسئلا زندگي ۾ اڳي پرکيل هوندا آهن ۽ انهن تي تحقيق ٿيل هوندي آهي ۽ انهن جي مدد سان آئينده جي تحقيق جي رهنمائي ٿئي ٿي ۽ نئين تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. اهڙي طرح تحقيق ۾ انومان ڪنهن آزمائشي گمان، فرض ڪيل ڳالھ يا ڪنهن خيالي سوچ کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي مدد سان مسئلي جو نتيجو ڳوليو وڃي ٿو[2].