بوائل جو گيس جو قانون
بـوائـل نالي سائنسدان، گيس جي متعلق هڪ قانون دريافت ڪيو، جنهن کي بوائل جو قانون (انگريزي ٻولي: Boyle's Law Of Gas) چيو وڃي ٿو. اهو قانون 1662ع ۾ شايع ٿيو.
وضاحت
بوائل جي گيس جي قانون مطابق؛
"گيس گرمي پد (Temperature) کي مستقل رکجي تہ پوءِ گيس جي والار (Volume) دٻاء (Pressure) سان ابتي نسبت ۾ آهي."
جنهن جي وضاحت هن ريت ڪري سگهجي ٿي تہ جي گيس جي گرمي پد کي مستقل يعني کيس تبديل ٿيڻ نہ ڏجي، تہ پوءِ دٻاء کي گهٽائبو تہ سندس والار وڌي ويندي، پر جي ان جي ابتڙ دٻاء کي وڌائبو تہ والار گهٽجي ويندي.
کيس رياضياتي ٻوليءَ ۾ هيٺين نموني بيان ڪبو؛
pα1/V
سندس چرندڙ خاڪو ڏسڻ لاءِ ڪلڪ ڪيو
سافٽويئر ذريعي سمجهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪيو