فلسفو يا فلاسافي (Philosophy) لفظ اصل ۾ ٻن يوناني لفظن جو ميلاپ آهي. فليو (Phileo) معنيٰ محبت يا پيار ڪرڻ ۽ سوفيا (Sophia) معنيٰ سڃاڻپ يا معلومات. ان مان ظاهر آهي تہ فلسفي يا فلاسافيءَ جو مطلب سڃاڻپ يا معلومات سان محبت ڪرڻ آهي. ڏاهپ جو هڪ اهڙو علم، جيڪو ڪنھن نموني ڪائنات ۾ انسان متعلق بنيادي سوالن تي بحث ڪري، مثال طور ڇا دنيا جي بناوٽ طبعي آهي؟ ڇا اسان يقين سان ڪجهہ ڪري سگهون ٿا؟، ڇا اسان آزاد آهيون؟، وغيره. اهڙي دنيا سان تعلق رکندڙ ٻيا مسئلا بہ ان ۾ اچي وڃن ٿا. فلسفو سائنس کان مختلف آهي. هن ۾ هر شيءِ تجربي سان ظاهر ڪري نہ ٿي سگهجي نہ وري مذهبي طور ان جي ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. فلسفو ما بعد الطبيعات، اخلاقيات، جيڪو شڪ جا دروازا کولي ٿو. اهو صحيح آهي تہ سائنس بہ اسان کي معلومات ڏئي ٿي، پر اها معلومات فلسفي جي معلومات کان ٻئي قسم جي آهي، ڇا ڪاڻ تہ سائنسي معلومات حقيقت جي صرف هڪ حصي جي معلومات ڏئي ٿي.[1]

حوالاسنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.