اوڀر

چئن مک طرفن مان ھڪ

اوڀر ادانجي زمين تي موجود هڪ اهڙو طرف آهي، جيڪو اولهه جي ضد ۾ آهي . نقشن هن جي جڳه سڄي طرف هوندي آهي. قطب نما کي 90 ڊگري تي طي ڪرڻ سان ڪنهن به جڳه ٿي اوڀر جي طرف جو تعين ڪرڻ آسان آهي. هي اهو طرف آهي جنهن ڏانهن سج اڀرندوآهر.

قطب نما، جنهن تي اوڀر جو طرف نمايان ٿيل آهي.

چئن طرفن مان هڪڙو طرف. جنهن طرف کان سج اُڀري، انهيءَ کي ”اوڀر“ ڪوٺجي ٿو. عام ماڻهو اوڀر کي اُڀرندو به چون ٿا. عربي ٻوليءَ ۾ اوڀر کي مشرق چوندا آهن. سنڌ ۾ عام طرح اُڀرندي کي ”پورب“ به چون، مثلاً: ”پورب جو واءُ“ ۽ ”پورب جو مينهن“، يا ساوڻيءَ جي مند ۾ چوندا ته ”اوڀر پيو لڳي، مينهن آيو ڪي آيو“. هندو ڌرم جا ماڻهو سج اُڀرڻ تي، پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، جڻيو ڦيرائيندا ۽ سج ڏانهن اکيون ڪري پاڻيءَ جو لوٽو هيٺ نائيندا آهن.[1]

حوالا سنواريو