نيو ڪراچي سب ڊويزن

نيو ڪراچي سب ڊويزن (انگريزي: New Karachi Sub division ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جو هڪ تعلقو آهي، جنھن جي جاگرافيائي بيھڪ 67.0648263 لانگيٽيوڊ ۽ 24.999885 ليٽيٽيوڊ تي آھي، ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 56 ميٽر يا 184 فٽ آهي[2]. نئين لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2003 تحت شھري علائقن م يونين ڪاؤنسل جو نالو تبديل ڪري يونين ڪميٽي رکيو ويو آهي[3]. ھن تعلقي م يونين ڪاميٽيون واقع آھي. جنرل پرويز مشرف جي آندل سڌارن ۾ جڏهن ڪراچي جي ضلعن کي ختم ڪري شھري حڪومت وارو نظام آندو ويو تہ ھن تعلقي کي پڻ ختم ڪري نيو ڪراچي ٽائون جو درجو ڏنو ويو. 11 جولاءِ 2011 م سٽي گورنمينٽ نظام جي خاتمي سان پراڻا ضلعا ء تعلقا بحال ڪيا ويا تہ ھن تعلقي جي پڻ ڪجهه حدن کي ڦيرڦار سان نيو ڪراچي سب ڊويزن جي نالي سان بحالي ٿي. ھي سب ڊويزن ڪراچي جي گھاٽي آبادي وارو تعلقو اھي جتي صحت ء تعليم جون وڏيون سھولتون ميسر اھن.

نيو ڪراچي
تعلقو
نيو ڪراچي سب ڊويزن
نيو ڪراچي is located in سنڌ
نيو ڪراچي
نيو ڪراچي
نيو ڪراچي is located in Pakistan
نيو ڪراچي
نيو ڪراچي
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°54′N 67°04′E / 24.900°N 67.067°E / 24.900; 67.067
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي سينٽرل ضلعو
يونين ڪاميٽيون 15


ٻيھر قيام 15 جولاءِ 2013
پکيڙ
 • ڪل 19.4 ڪ.م2 (7.5 ميل2)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 8,71,232

ھي تعلقي جي 1998 م آدمشماري 5,82,866 ھئي. 15 مارچ 2017 جي آدمشماري واري تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي وڌي 8،71،232 ٿي وئي[4]. ان ڪاٿي مطابق ھن تعلقي جي في چورس ڪلوميٽر م 44,909 ماڻھو رھن ٿا. تعلقي جي 100 سيڪڙو آبادي شھري آھي[4]. آبادي جي غالب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. اقليتي نسلي گروهن م سنڌي، پنجابي، پٺاڻ ۽ سرائڪي اچي وڃن ٿا.

ھن تعلقي ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انڊا موڙ چوڪ، گورنمينٽ بوائيز سيڪنڊري اسڪول، پبلڪ اسڪول ۽ ڪاليج نارٿ ڪراچي، ٽائون ڪاميٽي اسڪول مدينه ڪالوني، گورنمينٽ مجيب النساء پرائمري اسڪول، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ايف 11 واقع آھن.

روڊ ۽ چؤڪ

سنواريو

ھن تعلقي مان گذرندڙ وڏن روڊن جا نالا لياقت روڊ، ڪڇي پاڙا لائينز ايريا روڊ، بلال روڊ ۽ حسن علي جعفري روڊ، انڊا موڙ چوڪ، انڊا موڙ روڊ، شاھراھ نورجهان، سرجاڻي روڊ، گوڌرا روڊ، نوراني مارڪيٽ روڊ، معمار اوينيو روڊ، جامع مسجد روڊ آھن.

باغ ۽ وندر

سنواريو

ڪليانه ٽائون سيڪٽر 10 پارڪ، انور انصاري فٽبال گرائونڊ، ڪليانه ڪميونٽي سينٽر، نارٿ ڪراچي جم ڪلب،

صحت جون سهولتون

سنواريو

ھتي صحت جي سھولتن ۾ نارٿ ڪراچي چلڊرين ھاسپيٽل، ايوان تجارت وصنعت اسپتال، شيڊ ھومز اينڊ ڪامپليڪس ھاسپيٽل شامل آهن.