ایمپريس مارڪيٽ انگريزن جي دور جو يادگار آهي ۽ ڪراچيءَ جي مرڪز ۾ واقع آهي. ڪراچيءَ جي هن وڏي مارڪيٽ جي بنياد جو پٿر سال 1884ع ۾ رکيو ويو ھو پر پيسن جي نہ ھجڻ سبب ڪم جي شروعات سال 1889ع ۾ مڪمل ٿي. ھن جو نقشو جيمس اسٽريچن جو ٺاھيل، رھائشي گوٿڪ طرز جو ھو. مارڪيٽ جو دروازو، مھاڙيءَ طور پريڊي اسٽريٽ طرف 231 فوٽ اوچو آھي. ان جي چوڌاري چار گيلريون ھرھڪ 40 فوٽن جي ٺھيل آھي. وچون حاطو 130x100 فوٽن جو آھي. بالڪونيءَ کي پٿر جون گهوڙيون ڏنل آھن، جنھن تي ڪيترائي نقش نڪتل آھن مارڪيٽ جو وچون ٽاور 140 فوٽ اوچو آھي. جنھن تي خوبصورت گھڙيال لڳل آھي، جيڪو چوويھ ڪلاڪ ھلندو رھي ٿو. ھي گهنٽا گهر ڪرافورڊ بمبئيءَ واري گھڙيال گھر کان 12 فوٽ اوچو آھي. گهڙيال جنھن جي لڳل آھن. ھتي ھڪ باغ بہ ٺاھيو ويو ھو، جيڪو ھينئر اسٽال ھڻندڙن جي قبضي ۾ اچي ويو آھي. ايمپريس مارڪيٽ جي ٺھڻ کان پوءِ ھي ڪراچيءَ جي ستن مارڪيٽن مان ھڪ ھئي. ھتي ڪل 280 دڪان ٺاھيا ويا ھئا.[1]

Empress Market
ایمپریس مارکیٹ
Marketplace
Karachi's oldest market, Empress Market is located in Saddar Town of Karachi, Pakistan.
Karachi's oldest market, Empress Market is located in Saddar Town of Karachi, Pakistan.
Country Pakistan
Province Sindh
City Karachi
Town Saddar Town

حوالا سنواريو