علي
ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |
هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊانهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
علي | |
---|---|
(عربي ۾: علي بن أبي طالب) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 15 سيپٽمبر 601 مڪو |
موت | 29 جنوري 661 (60 سال) ڪوفو |
شھريت | ![]() |
زال | فاطمه زهراام البنين |
ٻار | حسن ابن علي،حسين ابن علي،عباس بن علي،زینب،ام ڪلثوم بنت علي |
پيءُ | ابو طالب |
عملي زندگي | |
پيشو | جج |
ڪم جي ٻولي | ڪلاسيڪي عربي |
عسڪري خدمتون | |
لڙائيون ۽ جنگيون | بدر جي جنگ،احد جي جنگ،خيبر جي جنگ |
دستخط | |
![]() | |
ترميم ![]() |
علی بن ابی طالب (عربي ۾: علی بن أبی طالب؛ 13 رجب 30 عام الفيل – 21 رمضان 40 هجری) مذهب شیعہجو پهريون امام، صاحب نهج البلاغه ،خلفای راشدین اهل سنت جو چوٿون خليفو[1]. محمد صلي الله عليه و آله وسلم ، پیغمبر اسلام جو سوٽ، ۽ نياڻو..[2] پيءُ ابو طالب ماءُ فاطمه بنت اسد ۽ گھر واري فاطمهٔ زهرا پٽ امام حسن، امام حسين، و زینب ء ام ڪلثوم[3].پاڻ سال 35 تا 40 پنج سال جي گھٽ ارسي تائين خلیفي جي عنوان سان خلافت اسلامی، (شام کان الاوه)تقريبا پوڻا پنج سال تائين حڪومت ڪيائون[1]. پاڻ کي دنيا ۾ وڏو مان ۽ مرتبو حاصل آهي ڇو ته اهل سنت وارا علي کي خلفائ راشدین ۽ صحابهٔ مان ويجھو صحابي ۽ شيعه جو پهريون امام مڃن ٿا.[4]
ننڍپڻ ۾ والد جي قرضي ٿي وڃڻ ڪري، حضرت محمد ان کي پنهنجي سرپرستي ۾ ورتو. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي سرپرستي ۾ اچَڻ وقت، حضرت علی جي ڄمار 9 کان 11 سال هئي.؛[4] علي یوم الدار ۾ حضرت محمد صلم جي دعوت قبول ڪري اسلام تي سڀ کان پهريان ايمان آڻڻ وارو انسان بڻجي ويو.[5][6] ۽ حضرت محمد ان کي پنهنجو «ڀاءُ ۽ وصي ڪوٺيو».[4] چيو وڃي ٿو ته لیلة المبیت مديني طرف هجرت واري رات ۾ به ان جي مدد ڪيائين[4] ۽ حضرت محمد هجرت کان پوءِ مدینه ويو ۽ ڀائيپاڻي واعدي ۾ علي کي پنهنجو ڀاءُ انتخاب ڪيائين [7] هو گھڻين ئي جنگين ۾ علمدار اسلام رهيو .[4]
مڪي ۾ زندگيسنواريو
سندس نالوسنواريو
تاريخدانن جو بيان آهي تہ امام عليءَ جو نالو ابو طالب قصي جي نالي تي زيد رکيو هو.اوهان جي مان فاطمه بنت اسد اوهان جو نالو پنهجي پي جي نالي اسد تي رکيو هو جڏهن تہ محمد صلي الله عليه و آله وسلم مٿس الله جو نالو علي رکيو.[8]
لقب ۽ ڪنيتسنواريو
امام علي جي مشهور ڪنيت ابوتراب ۽ ابوالحسن آهي ء مشهور لقب اميرالمومنين،مرتضيٰ، وجه الله ،يدالله، عين الله، اسدالله، نفس رسول، ثاقي ڪوثر حيدر گھڻو مشور آهن.[9].[10]
پرورشسنواريو
حضرت علي جي پرورش نبي سائين جن پاڻ ڪئين جڏهن حضرت علي پيدا ٿيا تڏهن اوهان پنهجي زبان مبارڪ حضرت علي جي زبان سان ڏني ء پنهجو لعاب دهن سان علي کي سيراب ڪئين.[11]
مديني ۾ زندگيسنواريو
ولادت کان پيغمبر جي بعثت تائينسنواريو
علي جمعي ڏينهن 13رجب سن 30 عام الفيل (بعثت کان ڏهہ سال اڳ) ڪعبي منجھہ پيدا ٿيا[12][9]. هن نينگر جو عالي قدر والدابو طالب ابن عبدالمطلب ابن هاشم ابن عبد مناف هو ۽ سندن امڙ فاطمہ بنت اسد بن هاشم ابن عبدالمناف هئي.[9] علي ڇهن سالن جي ڄمار تائين پنهنجي والدين وٽ زندگي گذاريندو رهيو. ان کان پوءِ حضرت محمد صلم ابن عبدالله جي درخواست تي حضرت محمد صلم وٽ هليو آيو ۽ سندن تربيت هيٺ رهيو. پنهنجي ان زماني کي علي پاڻ بيان ڪري ٿو:
- ”وَضَعنِي فِي حِجرِه وَاَنَا وَلَدٌ يَضُمُنِي اِليٰ صَدرِهِ وَيَکنُفُنِي فِي فِرَاشِھِ وَيُمِسُنِي جَسَدَہَ وَيُشِمُّنِي عَرفَھُ وَکَانَ يَمضَغُ الشَيءَ ثُمَ يُلقِمُنِي وَ لَقَدُ کُنتُ اَتَّبِعُہ اِتِّبَاعَ الفَصِيلِ اَثَرَ اُمِھِ يَرْ فَعُ لِي فِي کُلِ يَوْمٍ مِن اَخلاََقِھِ عَلَماً وَيَا مُرُنِي بِاَلاِقتِدَاءِ بِھِ وَلَقَد کَانَ يُجَاوِرُ فِي کُلِ سَنَةٍ بِحَرَاءَ فَاَرَاهُ وَلاَ يَرَاهُ غَيرِي“
- ”ننڍپڻ ۾ رسول اڪرم منهنجي پالنا ڪئي، پنهنجي سيني سان لائيندا ۽ هنڌ تي پنهنجي ڀر ۾ جڳهہ ڏيندا هئا. پنهنجي جسم مبارڪ کي مون سان مس ڪندا هئا ۽ پنهنجي خوشبو مون کي سنگهائيندا هئا. پهرين پاڻ ڪنهن شَي کي چٻاڙي پوءِ ان جو گرهہ ٺاهي منهنجي وات ۾ وجهندا هئا.آءُ سندن پٺيان ائين هلندو هئس جيئن ڏاچيءَ جو گورو پنهنجي ماءُ جي پٺيان. پاڻ هر روز منهنجي لاءِ نيڪ اخلاقن جا پرچم بلند ڪندا هئا ۽ مون کي انهن جي پيرويءَ جو حڪم ڏيندا هئا ۽ هر سال (جبل) حرا ۾ ڪجهہ عرصو ٽڪندا هئا ۽ اتي مون کان سواءِ ڪو به کين نه ڏسندو هو“.
حضرت محمد مصطفي صلم جو اعليٰ ڪردار، بهترين سيرت، عدالت پسندي، انسان دوستي، خدا پرستي عليءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي راهہ متعين ڪرڻ لاءِ بهترين نمونو هئي.
امام علي جي باري ۾ نظرياسنواريو
شيعن جو نظريوسنواريو
شيعه اثناعشري ۽ اسماعيلي شيعه پاڻ کي الله جو ولي پيمبرِاسلام صلي الله عليه و آله و سلم جو روحاني سياسي جانشين پنهريون خليفو ۽ سندن اهل بيت مان مڄن ٿا ۽اوهان کي معصوم پڻ مڃن ٿا.شيعه اثناعشري ۽ اسماعيلي جو ايهو مڃڻ آهي ته پيمبرِاسلام صلي الله عليه و آله و سلم امام علي کي پنهنجو سياسي ۽ مذهبي خليفو نامذد فرمايو پيمبرِاسلام صلي الله عليه و آله و سلم جي وفات کان پوءِ امام جو حق ادا نا ڪيو ويو ۽ خلافت ابن ابوقحافه کي ڏني وئي. شيعه زيدي صوفي سنين وانگي اوهان کي صرف پيمبرِاسلام صلي الله عليه و آله و سلم جو روحاني جانشين مڃن ٿا يعني مذهبي جانشين ۽ سياسي جانشين کي الڳ مڃن ٿا
سنين جو عقيدوسنواريو
سني پاڻ کي مسلمان ،الله جو ولي چوٿون خليفو،خدا جي رسول صلي الله عليه و اله وسلم جو صحابي ۽ عشره مبشرا يعني ڏھ جنت جي بشارت مليل صحابين مان مڃن ٿا. سني اوهان کي بعد از انبياء ابوبڪر بن ابوقحافه عمر بن خطاب عثمان بن عفان کان پوءِ افضل مڃن ٿا. ڪجھ سني اوهان کي بعد از انبياء افضل مڃن ٿا انهن کي تفضيلي سني چىببو آھي، صوفي سني اوهان کي رسول الله صلي الله عليه و آله و سلم جو روحاني خليفو مڃن ٿا. سني پاڻ جي دور ۾ وڙھيل ٽن جنگن ۾ پاڻ کي حق تي ۽ مخالفن مان اهل جمل ،اهل صفين کي اجتهادي غلتي ۽اهل نهروان کي خالص گمراهي تي مڃن ٿا.
نصيري جو عقيدوسنواريو
نصيرين جو علي,الله آهي.
پڻ ڏسنداسنواريو
حوالاسنواريو
- ↑ 1.0 1.1 Aqaid e Ahle Sunnat wal Jama'at By Shaykh Mufti Muhammad Tahir Masood
- ↑ سانچو:پک
- ↑ أولاد الإمام علي عليه السلام - موقع الميزان
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 سانچو:پک
- ↑ سانچو:پک
- ↑ سانچو:پک
- ↑ سانچو:پک
- ↑ Seerat -e- Ali -ul- Murtaza [r.a] By Shaykh Muhammad Nafay
- ↑ 9.0 9.1 9.2 http://books.rafed.net/view.php?type=c_fbook&b_id=128
- ↑ (Najmul Hassan) - 14 Sitaray | Banu Hashim | Muhammad
- ↑ Seerat -e- Halbiya Urdu Translation By Shaykh Muhammad Aslam Qasmi
- ↑ دارالقران في العتبة الحسينية يشارك في أمسية قرآنية تقيمها العتبة الكاظمية المقدسة | العتبة الحسينية المقدسة
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |