جج:جسٽس:قاضي: Judge: پاڪستان ۾ جج لفظ جو تعارف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 19 ۾ ڏنل آهي. ان مطابق جج جو مطلب رڳو ھر اھو ماڻھو جنھن کي سرڪاري طور تي ان عھدي تي مقرر ڪجي ناھي پر ان ۾ ھر اھو ماڻھو شامل آھي جنھن کي قانون اختيار ڏنو آهي تہ ڪنھن بہ قانوني ڪاروائي ۾, پوء کڻي ديواني ھجي يا فوجداري , حتمي فيصلو يا ججمينٽ ڏئي. حتمي فيصلو جو مطلب اھڙو فيصلو جنھن خلاف اپيل داخل نہ ٿئي يا جيڪو مٿين عدالت ۾ برقرار رھي.[1] رومن قانون جو ھڪ متو (maxim) آھي تہ جج جو ڪم قانون ٺاهڻ نہ پر قانون کي لاڳو ڪرڻ آھي.[2]

جج

جان جي(John Jay), آمريڪا جي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس (1789–95)
پيشو
نالو جج ، قاضي، جسٽس، ماجسٽريٽ
پيشي جو قسم
عدل ۽ انصاف
مصروفيت جو دائرو
قانون ، انصاف
تفصيل
گھربل لياقت
يونيورسٽي جي قانون جي ڊگري ۽ وڪالت جو تجربو
ملازمت
جو شعبو
ڪورٽون
لاڳاپيل روزگار
بيريسٽر، پراسيڪيوٽر، ايڊووڪيٽ، پليڊر

Judicis est jus dicere, non dare
جج جو ڪم قانون ٺاهڻ نہ پر قانون کي لاڳو ڪرڻ آھي.

— رومن قانون جو اصول

اسلام ان ڳالھ تي زور ڏئي ٿو جج کي نہ رڳو ڄاڻو ۽ اونھي سوچ وارو پر ان سان گڏوگڏ ايماندار ۽ عدل ڪرڻ وارو ھجڻ گھرجي.[3]

2006

اھڙو ڪارندو جيڪو قانون جو اعلي امتحان پاس ڪري قانون جي ڄاڻ رکي ۽ کيس ديواني يا فوجداري عدالت جي صدارت تي فائز ڪيو وڃي. پاڪستان۾ ديواني عدالتن جي جج کي سول جج، سينيئر سول جج ۽ ڊسٽرڪٽ جج چوندا آهن. اسپيشل ڪورٽن ۾ وري بينڪنگ جج، ليبر ڪورٽ جو جج چوندا آهن. فوجداري عدالتن جي مقامي ججن کي ماجسٽريٽ، اسٽنٽ سيشن جج، ۽ سيشنس جج، خاص عدالتن ۾ دھشتگردي جي ڪورٽ جو اسپيشل جج. منشيات جي ڪورٽن جو اسپيشل جج شامل آهن.


سانچو:زمرو عام

جج جي پگھار سنواريو

آمريڪا ۾ جج ۽ ماجسٽريٽ جي سالياني پگھار گھٽ ۾ گھٽ 29540 آمريڪي ڊالر ۽ وڌ ۾ وڌ 101690آمريڪي ڊالر آهي جيڪا اتان جي وچولي پگھار ليکبي آهي پر فيڊرل ڪورٽ سسٽم ۾ ججن جون پگھارون مٿئين درجي واريون آھن پر ھيٺين درجي جي ججن ۽ ماجسٽريٽن جي پگھار اتي بہ وچولي آهي.[4] وفاقي ججن جي آمريڪا ۾ سالياني پگھار 205100 ڊالرن کان 263300 ڊالر تائين آھي [5]

حوالا سنواريو

  1. {سيڪشن 19 پاڪستان پينل ڪوڊ 1860}
  2. {Pakistan Legal Decisions 1972 Azad Jammu and Kashmir page 26}
  3. {Pakistan Legal Decisions 2004 SC page 192}
  4. https://www.thebalancecareers.com/judge-job-description-career-profile-2164303.  Missing or empty |title= (مدد)
  5. "Judicial Compensation". uscourts.gov. وقت 21 March 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 March 2018.