قصي
قصي | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
تاريخ ڄم | 1 جنوري 400 |
تاريخ موت | سال 480 (79–80 سال) |
ٻار | عبدالمناف |
عملي زندگي | |
پيشو | واپاري |
ترميم ![]() |
پنجين صدي عيسوي ۾ هڪ بزرگ فهر جي نسل مان ٿي گزريو آهي جنهن جو نالو قصي آهي. علامه شبلي نعماني لکي ٿي تو ته ان قصي کي قريش ئي چئبو آهي.پر حقيقت ۾ قصي جو اصل نالو زيد ء ڪنيت ابولمغيره هئي.سندن والد جو نالو ڪلاب ۽ ماءُ جو نالو فاطمه بنت سعد هو ۽ زال جو نالو عاتڪه بنت خالڪ بن ليڪ هو.
مزاجسنواريو
قصي هڪ نامور، بلند ،حوصلامند ، جوان مرد ۽ زبردست بزرگ هو. اوهان ڏاڍي عزت ۽ مقام حاصل ڪيو اوهين سخي ۽ دلير هيا.
ڪعبي جي نگهبانيسنواريو
اوهان جي هڪ زال خليل خزائي هئي. خليل بنو خزاع جو سردار هيو اوهان وفات جي وقت ڪعبي جي سار سنبهال لاءِ ڪعبي جي وراثت حبسي کي ڏيڻ چاهي پر حبسي بيمار هجڻ جي ڪري ان ڪم کان منع ڪئي، پوءِ سردار ڪعبي کي سندس هڪ رشتيدار ابوخبثان کي ڏنائين.جنهن کا قصي مال ۽ دولت ڏئي ڪعبي کي پنهنجي وراثت ۾ آندو.هن ريت قصي بن ڪلاب هڪ عظيم شهرت جو مالڪ بنجي ويو.
سماجي خدمتونسنواريو
اوهان هڪ پاڻي جو کوھ بنايو جنهن جو نالو عجول هيو.اوهان خانه ڪعبه جي مرمت ڪرائي ۽ دالندوه بڻائي.
وفاتسنواريو
اوهان جي وفات جو سن 480 عيسوي آهي.سندن جي مزار مقام حجون ۾ آهي.
اولادسنواريو
اوهان جا 6 پٽ هيا جنهن ۾ وڏو عبدالدار ۽ سڀن کان لائق عبدالمناف هيو.
عزت جو سببسنواريو
قصي نه نبي هيو نه امام پر اوهان جي عزت جو سبب نور محمد هجڻ جي ڪري اوهان کي آسمان ۽ زمين ۾ عزت ء فضيلت ملي.