محمد

عرب سياسي اڳواڻ ۽ اسلام جو باني
(محمد بن عبدالله کان چوريل)

مُحَمَّد (انگريزي: Hazrat Muhammad pbuh)(اپریل570ع - جون 632ع) مسلمانن جي عقيدي مطابق الله جو آخري نبي ۽ رسول ھيو جنھن تي آسماني ڪتاب قرآن مجيد نازل ٿيو. 40 سالن جي عمر ۾ عربستان جي شھر مڪي ۾ نبوت جو اظھار ڪندي اسلام جي توحيد واري عقيدي جي تبليغ جو آغاز ڪيو. سندس ڏنل تعليم عربن جي ان خطي ۾ ھڪ زبردست انقلاب برپا ڪيو. قرآن مجيد ۾ سندس زندگي کي اسوه سڏيو ويو آهي[1]. سورة الاحزاب جي آيت 21 ۾ فرمان آھي ته:لقد کان لکم فی رسول اللہ اسوۃ حسنہ: ترجمو: "بيشڪ اوھان جي لاء خدا جي رسول جي ذات ۾ ھڪ بھترين نمونو آھي." لفظ اسوة جي عام معنیٰ طريقو يا نمونو آھي[1]. اسوہ انسان جي ان حالت کي چيو ويندو آهي جيڪا ھو ڪنھن ٻئي انسان جي پيروي ڪندي اختيار ڪري[2]. اسلامي عقيدي مطابق محمد رسول الله جن جي اطاعت مسلمانن جي ايمان جو لازمي جز ۽ فرض آهي ۽ ان جي اطاعت کي قرآن مجيد ۾ الله جي اطاعت جي مثل سڏيو ويو آهي. سورة النساء جي آيت 64 ۾ قرآن فرمائي ٿو ته: وما ارسلنا من رسول الا لیطاع باذن اللّٰہ: ترجمو: "۽ اسان موڪليا جيڪي رسول تہ انھن جي پيروي ڪئي وڃي، الله جي حڪم سان". دين جي عالمن ۽ قرآن جي شارحن جو اھو عقيدو آهي ته قرآن ھڪ تحريري دستور آھي جنھن جي عملي صورت سرور ڪونين جي ذات آھي، جن جو ڪوبه قول ۽ فعل حڪم خداوندئ کان وار برابر بہ ھيڏي ھوڏي ھٽيل نه آهي[1]. ايليا (بيت المقدس) ۾ ھجرت جي پنجين سال ھرقل اعظم (Hercules) جي درٻار ۾ سندس بدترين دشمن ابوسفيان پڇا ڪرڻ تي ٻڌايو ھو تہ "نبوت کان اڳ بہ اوھان ڪڏهن ڪوڙ نہ ڳالھايو آھي"[1]. پاڻ ڪريمن پنھنجي بيمثال ڪردار وسيلي ڪٺور قلبن کي نرم ڪري انھن جو تزڪيو ڪيو[1]. سندن ھر عمل جي تقليد کي اسلامي دين ۾ سنت جو مقام حاصل آهي[1]. مولانا ابوالڪلام آزاد مطابق:"قرآن ۽ نبي جي زندگي ساڳي شئي آھي، قرآن متن آھي تہ سيرة ان جي تشريح ۽ قرآن علم آھي تہ سيرة ان جو عمل. ان ڪري انسانيت جي سمورن اھنجن ۽ آزارن جو علاج ان سيرت جي مطالعي ۾ ئي ملي سگھندو"[3].

ابوالقاسم
مُحَمَّدٌ
صلي الله عليه وآله وسلم

سندن نالو خوش خطاطي ۾ لکيل
پيدائش اپريل 20 570(570-04-20)
مڪو
وفات جون 8, 632 (عمر 62 سال)
مدينو
وفات جو ڪارڻ سخت بخار
مدفن مسجد نبوي، مدينو منور
يادگار مسجد نبوي
رھائش مڪو پوء مدہنو
قوميت عرب
ٻيا نالا 99 نالا: مجتبیٰ، مصطفیٰ، بشیر، نذیر، احمد وغیرہ
شھريت حجاز
تعليم اُمِي
پيشو واپار ، حاڪم ، قاضي، فوجي ڪمانڊر، معلم
شھرت جو ڪارڻ اسلام جو پيغمبر
مشھور ڪم *خدا جو ڏنل قرآن پھچائڻ
  • مديني جي رياست جو بنياد وجھندڙ
  • مسجد نبوي جو معمار
  • اسلام جي تعليم ڏنائين
  • حديث
اباڻو ڳوٺ مڪو
اڳيون عهديدار عيسيٰ مسيح
جانشين ڪو بہ نہ
مخالف عربستان جا مشرڪ ۽ يھودي
جيون ساٿي * خديجه بنت خويلد (595–619)
  • سوده بنت زمعه (619–632)
  • حفصه بنت عمر (624–632)
  • جويريه بنت حارث (628–632)
  • عائشه (619–632)
  • زينب بنت جحش (627–632)
  • صفيه بنت حيي (629–632)
  • زينب بنت خزيمه (625–627)
  • ام سلمه (629–632)
  • ام حبيبه (628–632)
  • ريحانه بنت زيد (629–631)
  • ماريه قبطيه (630–632)
  • ميمونه بنت حارث (630–632)
ٻار ٻچا *عبد الله بن محمد،
  • قاسم بن محمد،
  • ابراهيم بن محمد،
  • زينب بنت محمد،
  • رقيه بنت محمد،
  • ام ڪلثوم بنت محمد،
  • فاطمه زهرا رضہ
ماءُپيءُ *عبد الله بن عبد المطلب
  • آمنہ بنت وھب
رشتيدار * عبدالمطلب (ڏاڏو)
  • ابوطالب (چاچو)
  • حمزہ (چاچو)رضہ
  • ابو لھب (چاچو)
  • علي رضہ (ڀائٽو، ۽ ڄاٽو)
  • عباس رضه (،چاچو)
  • ابو بڪر رضہ (سھرو)
  • عمر فاروق رضه (سھرو)
  • ابوسفيان (سھرو)
اعزاز رحمته العالمين
آخري نبي
سڃاڻپ نشان

قبيلو ۽ گھراڻو

محمد جو قبيلو قريش ۽ گھراڻو بنو هاشم ھيا جيڪي ابراهيم جي بيبي ھاجرہ (عبراني: Hagar ) مان وڏي پٽ اسماعيل جي اولاد مان ھيا. ابراهيم پنھنجي وڏي پٽ اسماعيل ۽ سندس ماء کي مڪي جي ويران وادي ۾ رھايو جتي ٻنھي پيء ۽ پٽ گڏجي ڪعبو تعمير ڪيو. ان ويراني ۾ زمزم جي چشمي جي برآمد ٿيڻ سان جرھوم جي قبيلو سندن مرضي سان اتي آباد ٿيو ۽ اڳتي هلي اسماعيل جي شادي ٿي ۽ کيس ٻارھن پٽ ڄاوا جن مان وڏي پٽ جو نالو قدار ھيو. آھستي آھستي اسماعيلين جو تعداد وڌندو ويو.[4] بائيبل مطابق خدا جو واعدو ٿيل ھيو تہ اسماعيل جي اولاد کي تيزي سان وڌائيندو [5] اھي پوري حجاز ۾ ڦھلجي ويا. عیسیٰ مسیح جي پيدائش کان 200 سال اڳ قدار جي اولاد مان عدنان مشھوري ماڻي ٻنھي جي وچ واري شجري جي اڃان ڪا پڪ نہ ٿي سگھي آھي ڇو تہ عربن گھڻا شجرا بيان ڪيا آهن.محمد صہ انھن شجرن تي تبصرو ڪندي فرمايو ھيو تہ

جڏهن منھجو شجرو عدنان تائين پھچي تہ بس ڪريو

— محمد صہ[4]

محمد جو شجرو محمد بن عبدالله بن عبدالمطلب بن ھاشم بن عبدمناف بن قصي بن ڪلاب بن مرہ بن ڪعب بن لوئي بن غالب بن فاھر بن مالڪ بن نادر بن ڪنانہ بن خزيمه بن مدريڪہ بن الياس بن موضر بن نظار بن معاذ بن عدنان آھي[6]. ٽين صدي عيسويءَ ۾ عدنان جي اولاد مان ھڪ سردار ٿيو جنھن جو نالو فاھر ھيو جنھن لاء خيال آهي تہ ان کي قريش سڏيندا ھيا ڪن جو وري خيال آھي تہ فاھر جي پنجين پيڙهيءَ ۾ پنجين صدي عيسويءَ ۾ قصي بن ڪلاب بن مرہ بن لوئي، بن غالب بن فاھر نالي ھڪ طاقتور شخص مشھور ٿيو جنھن کي قريش سڏيندا ھيا ء ان جي اولاد قريشي سڏبا ھيا[6][4]. علامہ شبلي نعماني، علامہ طبري مطابق قصي ئي پھريون شخص ھيو جنھن کي قريش سڏيو ويو. قصي سڀني اسماعلين کي گڏ ڪري قائل ڪيو تہ خانہ بدوشي ترڪ ڪري ڪعبي جي چؤطرف مستقل رھائش اختيار ڪن. قصي ڪعبي جي نگران خزاہ قبيلي جي ھليل نالي ھڪ شخص جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ ھليل جي وصيت ذريعي ڪعبي جي نگراني جي ذميداري قصي جي حوالي ٿي جنھن کوڙ ادارن کي قائم ڪيو جن ۾ دارالندواہ (گڏجاڻي واري جاء) شامل ھئي جتي ويھي جنگ ۽ امن سميت اھم معاملن جا فيصلا ، شادين جا اجتماع ٿيندا هئا. قافلن جي روانگي پن ٿيندي هئي.ھن سقايہ ( حاجين کي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست)، رفادہ ( حاجين کي کاڌخوراڪ فراھم ڪرڻ جو بندوبست) پڻ قائم ڪيا[4] ھن حاجين جو مشاعرالحرم ۾ رات ٽڪائڻ جو بندوبست ء پوري واديءَ کي بتين سان منور ڪري کين سھولتن فراھم ڪرڻ جي شروعات ڪئي. زمزم جو چشمو صديون پھرين لٽجي ويو ھو ھن ان کي ڳولي پھريون دفعو کوھ کوٽايو ۽ پاڻي جي بحالي ٿي. ھن ڪعبي جي ٻيھر تعمير ڪرائي. ھن جي وفات بعد ماڻھو حاجون (موجوده جنت المولا واري قبرستان) ۾ سندس قبر جي زيارت لاءِ ويندا ھئا. ھن کي ڪعبي جون ڇھ ذميداريون ھيون جيڪي ھن پنھنجي وفات کان اڳ پنھنجي وڏي پٽ عبدالدار کي سونپيون. قصي کي پنج پٽ ء ھڪ ڌيءُ ھئي. سندس ٻئي پٽ مغيرہ کي عبداالمناف سڏيندا ھيا، جيڪو قبيلن ۾ معتبر ۽ قائدانہ صلاحيتن وارو ليکيو ويو. عبدالمناف کي ڇھ پٽ ٿيا جن ۾ ھاشم، مطلب، عبد شمس ۽ نوفل مشھور ٿيا. عبدالدار ۽ عبداالمناف جي وفات کان پوءِ ڪعبي جي ذميداري سنڀالڻ ۾ سندن اولاد ۾ تڪرار شروع ٿيو پر پوء ٺاھ ٿي وين. اھو طئي ٿيو تہ پاڻي پيارڻ ، کاڌ خوراڪ فراھم ڪرڻ ۽ جنگ ۾ قيادت جي ذميداري عبداالمناف جي اولاد ڏي منتقل ٿي. ليوا ۽ حجابہ جي ذميداري عبدالدار جي اولاد کي ملي باقي دارالندواہ جي سربراهي ٻنھي جي خاندانن ۾ رھي. انھن مان ھاشم گھڻو نالو ڪڍيو جنھن کي کاڌي کارائڻ جي ذميداري ملي. ھڪ ڀيري مڪي ۾ وڏو ڏڪار آيو تہ ھاشم پنھنجي سموري دولت کڻي شام ويو اتان اٽو ۽ سڪل ماني خريد ڪري مڪي آيو ۽ روزانو اٺن کي ڪھي انھن مان ٻوڙ ٺاھي ماني جا ٽڪرا ان ۾ ملائي سموري قبيلي کي گھرائي کارائيندو هو ڏڪار جي خاتمي تائين ھن قبيلي جي مدد جاري رکي کوڙ ماڻھن کي مرڻ کان بچائي ورتو.ان خدمت جي بدلي ئي کيس ھاشم جو نالو مليو جنھن جي معني ( مانيءَ کي ) ٽڪر ڪندڙ آھي. ھاشم جو اصل نالو امر(انگريزي: Amr) ھيو. ھاشم مڪي جي واپاري قافلن جو بنياد وجھندڙ پڻ ھيو. ھن باظنتيني شھنشاھ کان حڪمنامو حاصل ڪيو جنھن تحت قريش قبيلي کي ھر قسم جي ٽئڪس ۽ ڊيوٽي کان آزاد ڪري انھن جي ڪنٽرول وارن ملڪن ۾ آزاد اچ وڃ جي اجازت ڏنل ھئي[4] ھن اھا ساڳي سھولت ايٿوپيا جي بادشاھ کان پڻ حاصل ڪئي ۽ ان وقت يمن ايٿوپيا جو حصو ھيو.اھڙي طرح قريش جا واپاري قافلا يمن کان شام ۽ بازنظيني شھر انقرہ تائين وڃڻ شروع ٿيا.[4] ھاشم جڏهن 25 سالن جو ھيو تہ سن 488 عيسويءَ ۾ فلسطين جي غزہ واري ھنڌ وفات ڪري ويو ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. اھا جاء غزہ ھاشم يا ھاشم جي غزہ سڏجڻ شروع ٿي وئي. ھن يثرب جي عدي بنو نجار قبيلي جي سلمیٰ بنت امر سان پرڻو ڪيو جنھن مان عبدالمطلب پيدا ٿيو جيڪو اڃان ننڍڙو ھيو تہ ھاشم وفات ڪري ويو.ان کان سواءِ ھاشم کي چار ٻيا پٽ پڻ ھيا جن ۾ اسد، نضلا، سئفي ۽ ابو سئفي شامل ھيا جن مان پوين ٽن کي اولاد ڪانہ ٿي باقي اسد کي فاطمه بنت اسد نالي نياڻي ڄائي جيڪا علي رضہ بن ابي طالب جي ماء ھئي. ھاشم جو اھڙي طرح نسل عبدالمطلب مان اڳتي ھليو[4]. عبدالمطلب يثرب ۾ پنھنجي ناني جي گھر ۾ پيدا ٿيو. ھاشم جي وفات بعد سندس ڀاء مطلب خاندان جو وڏو بڻيو جيڪو پنھنجي ننڍي ڀائٽي عبدالمطلب بن ھاشم کي مڪي وٺي آيو جڏھن مطلب اٺ تي مڪي ۾ داخل ٿيو تہ ماڻھن ڇوڪري کي مطلب جو غلام سمجھي عبدالمطلب چوڻ شروع ڪيو ۽ مطلب وضاحت ڪندو رھيو تہ اھو سندس ڀائٽيو آھي پر ھاشم جي ان پٽ تي عبدالمطلب نالو پئجي ويو[4]. عبدالمطلب جو اصل نالو شعيبت الحمد ھيو. مطلبجي وفات بعد سقايہ ۽ رفادہ جي ذميداري عبدالمطلب جي حصي ۾ آئي. ھن 82 سالن تائين عمر ماڻي ۽ پوئين وقت ھن کي مڪي جي سربراھ جو خطاب پڻ مليو[4]

والدين

محمد جي والد جو نالو عبدالله بن عبدالمطلب ھيو جنھن سندس ولادت کان ڪجهه مھينا اڳ يثرب ۾ 25 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي[7]. بيبي آمنه جو شجرو آمنه بنت وھب بن عبدمناف بن زھرہ بن ڪلاب ھيو ۽ خيال آهي ته ڪلاب ساڳيو محمد جي پڙ ڏاڏن مان ھڪ ھيو[6]. عبدالمطلب ھاشم جو پٽ ھيو. ھاشم شام ويندي يثرب ۾ بنوعدي بن نجات قبيلي جي سلمیٰ بنت عامر سان شادي ڪئي سندس روانگي وقت اھا اميد سان ھئي ۽ پاڻ شام ۾ فلسطين واري شھر غزه ۾ وفات ڪري ويو[6]. سلمیٰ بنت عامر سندس پٽ شيبه کي جنم ڏنو. ھاشم جي ڀاء مطلب کي خبر پئي تہ ڀائٽي کي يثرب مان وٺي آيو جڏھن مڪي ۾ داخل ٿيو تہ ماڻھن سمجھيو تہ ڇوڪرو سندس غلام آهي جنھن ڪري شيبه تي عبدالمطلب جو نالو پئجي ويو[6]. عبدالمطلب جو پٽ عبدالله خوبصورت نوجوان ھيو ۽ کيس ذبيحہ (قربان ٿي ويل) سڏيندا ھيا[6]. جڏھن عبدالمطلب زم زم جي کوھ کي ٻيھر ڳولڻ لاء کوٽائي ڪري رھيو ھو تہ ان باس ڪئي ھئي تہ جيڪڏهن الله ان جي کوھ جي دريافت ۾ مدد ڪئي تہ ھي پنھنجي ڏھن پٽن مان ھڪ کي قربان ڪندو. آخرڪار ھن پراڻو کوھ ڳولي لڌو ۽ ھن پوء پٽن مان قرباني لاء عبدالله کي چونڊيو جڏھن کيس ڪعبي ۾ قرباني لاء وٺي آيو تہ ماڻھن ۽ خاص طور تي عبدالله جي ڀائرن کيس روڪيو جنھن بعد بدلي ۾ ھن 100 سٽن جي قرباني ڏني[6]. عبدالله جي شادي بنو زھرہ جي سردار وھب جي نياڻي آمنه سان شادي ڪئي[6]. آمنه اميد سان ھئي تہ عبدالله کي والد يثرب يا شام ڪاروبار جي سلسلي ۾ موڪليو ۽ اتان واپسي وقت يثرب ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس نبغه ضبياني جي گھر ۾ دفنايو ويو[6].

جنم

محمد 12 ربيع الاول تي فجر جي وقت بمطابق 30 اپريل 571ع ۾ پيدا ٿيو[8]. سندس ولادت ابرہ جي لشڪر جي تباھي کان 55 ڏينھن بعد ٿي[7]. ڏاڏي عبدالمطلب سندس نالو محمد رکيو[7]. محمد بھار جي موسم ۾ سومر ڏينھن 9 ربيع الاول ۽ ڪجهه روايتن مطابق 12 ربيع الاول ۽ گريگوري ڪئلينڊر مطابق 22 اپريل 571ع تي پيدا ٿيو[6]. جڏھن کيس سور ٿيا تہ داعي عبدالرحمن بن عوف جي والدہ شفا بنت عامر ھئي جنھن کيس ڄڻايو[6].

ننڍپڻ

عبدالمطلب ان خيال سان ته سندس ھي پوٽو وڏو ٿي تعريف لائق ٿيندو ان تي محمد نالو رکيو[6]. عرب رسمن مطابق سندس مٿي جا وار ڪوڙايا ويا ۽ ستين ڏينھن ان جو طوھر ڪرايو ويو ۽ مڪي جي ماڻھن کي ان جي دعوت واري ماني کارائي وئي[6]. ٻار کي سڀ کان اول پنھنجي ماء ٿڃ پياريندي رھي ۽ پوء ٻار جي پيءُ جي ھڪ حبشي غلام جي ماء ام ايمن کيس ٿڃ پياري جنھن جو اصل نالو براڪہ ھيو جنھن بعد ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ مديني ھجرت ڪئي[6]. ابولھب جي غلام عورت ثويبہ پڻ کين ٿڃ پياري[9][6] جنھن حمزہ بن عبدالمطلب ۽ ابو سلمه بن عبدالاسد مخزومي کي پڻ ٿڃ پياري[6]. عربن جي اميرن جي رواج مطابق پرورش لاء ڏاڏي کيس بدو عربن جي بني سعد قبيلي سان تعلق رکندڙ حليمه سعديه جي حوالي ڪيو[7]. عبدالمطلب بنو سعد بن بڪر جي بدوين کي ان ڪم لاء گھرايو جن کي جڏھن خبر پئي ته ٻار جو والد فوت ٿيل آھي جنھن ڪري متان مناسب معاوضو نہ ملي تہ انھن ٻار وٺڻ کان انڪار ڪيو پر پوء حليمه کيس قبوليو[6]. حليمه ۽ سندس مڙس حارث بن عبدالعزا ٻار وٺڻ وقت الجھن ۾ ھيا تہ شايد کين مناسب معاوضو نہ ملي سگھي پر جلد ئي کين ٻار جي ڀلاري ھجڻ جي سمجھ آئي[7]. حليمه جي نياڻي شيماء پڻ سندس پرورش ڪئي[7]. حليمه جو پٽ عبدالله ۽ نياڻيون انيسہ ۽ حذافه عرف شيما سندس رضاعي ڀاءُ ۽ رضاعي ڀينر ھيا[6]. حليمه ۽ حارث کيس سوڪھڙي ۾ گود ورتو پر سندن ديار بنو سعد ۾ واقع گھر ۾ ھن ٻار جي اچڻ تي برڪتون اچي ويون . حليمه جي ٿڃ وڌي وئي. انھن جي ڏاچي ۽ ٻڪريون ايترو تہ کير ڏيڻ شروع ڪيو جو سڀ گھر ڀاتي ڍؤ ڪري سمھڻ لڳا. مال کي ايترو چارو ملي ويندو ھو جو ڄڻ تہ سندن گھر سوڪھڙي کان بچيل ھو[6]. ھر ڇھين مھيني حليمه محمد ﷺ کي مڪي ۾ سندس والده ۽ ٻين عزيزن سان ملائڻ کڻي ويندي ھئي. ٻن سالن ۾ ڪافي وڏو ٿي چڪو ھو[6]. .ننڍپڻ ۾ پنھنجي رضاعي ڀائرن ۽ ان رضاعي ڀيڻ سان گڏجي ٻڪريون پڻ چاريندو ھو[7]. روايتن مطابق حليمه جي ٻارن سان گڏ موجود ھيو تہ جبرائيل اچي سندس سينو چيري دل ۽ ٻين عضون کي زمزم جي پاڻي سان ڌوئي واپس سيني ۾ وجھي سبيو. حليمه جا ٻار ڊوڙي اچي روئيندي ماء کي ٻڌايو تہ ڪنھن محمد کي ماري ڇڏيو. جڏھن حليمه وارا ان جاء تي پھتا تہ محمد جي منھن جو رنگ زرد ٿيل ھو ۽ ڊنل ھيو. انس بن مالڪ جي حديث ۾ روايت آهي تہ ان محمد ﷺ جي سيني تي سبيل زخم جو نشان ڏٺو ھو[6]. ان واقعي بعد حليمه محمد کي واپس والدہ جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ٻہ سال ماء آمنه سان گڏ رھيو[6]. جڏھن 6 سالن جو ٿيو تہ ماء آمنه کيس سندس پيءُ جي قبر جي زيارت ۽ سندس ناناڻي گھر گھمائڻ لاء يثرب وٺي آئي[7]. ان وقت عبدالمطلب ۽ ام ايمن پڻ انھن سان گڏ ھيا[6]. يثرب ۾ ھڪ مھينو رھڻ بعد مڪي جي سفر تي واپس روانا ٿيا[6]. ان واپسي ۾ آمنہ بيمار ٿي پئي ۽ آبوا جي مقام تي وفات ڪري وئي جتي کيس دفن ڪيو ويو. تدفين بعد مائٽن کي نظر نہ آيو ۽ جڏھن کيس ڳوليائون تہ پنھنجي ماء جي قبر وٽ ويٺل روئندي ڏٺائونس [7]. بعد ۾ جڏھن اصحابين سان گڏ ماء جي قبر تي آيا تہ سندس قبر جي مٽي تي ھٿ ڦيرائيندي ڏاڍو رنا ھيا ۽ ان وقت اصحابي ڪافي پري بيٺا ھئا ۽ کين اھو چوندي ٻڌو تہ سندس ماء جي شفقت جي يادن کيس روئاري وڌو[7]. ماءُ جي وفات بعد ھن يتيم ٻار جي پرورش جي ذميداري سندس ڏاڏي عبدالمطلب سنڀالي[7]. عبدالمطلب جڏهن دوستن سان گڏ ويھندو ھو ته ننڍڙو محمد سندس پاسي ۾ ويھندو ھو ۽ ڏاڏو کيس پيار مان پٺي تي ھٿ گھمائيندو ھيس. کيس پٽن کان بہ وڌيڪ پيار ڏنو[6].579ع ۾ عبدالمطلب پڻ وفات ڪري ويو[7] ان وقت سندس عمر 82 ورھيه ھئي ۽ کيس جحون واري مقام ۾ دفنايو ويو[9]. پوء سندس پرورش جي ذميداري سندس سڳي چاچي ابو طالب سنڀالي[7] ان وقت سندس عمر اٺ سال ٻہ مھينا ۽ ڏھ ڏينھن ھئي[6]. ابوطالب ۽ سندس زال فاطمه مٿن ڏاڍا مھربان رھيا[7]. پنھنجي ان چاچي ۽ پاڙيسرين جو مال چارڻ شروع ڪيو[7]. ٻارھن[7] يا يارھن ورھين جي عمر ۾ چاچي حضرت ابوطالب سان گڏ واپار سانگي شام ويا هئا[10] جڏھن بصري پھتا تہ اتي ھڪ راھبن واري خانقاھ ۾ ترسيا[7] جتي بحيرا نالي ھڪ عيسائي راھب سندس نبوت جي تصديق ڪئي ۽ ان وقت حضرت ابوبڪر صديق پڻ ساڻن گڏ ھيو هئي[10].

زالون ۽ اولاد

1.بيبي خديجه رضه

25 سالن جي ڄمار ۾ محمد جي پھرين شادي بنو اسد گھراڻي جي خويلد بن اسد ۽ فاطمه بنت زائدہ جي نياڻي 40 سالا حضرت خديجة الڪبریٰ رضه سان 695 ۾ ٿي جيڪا بيواہ ھئي ۽ سندس اھا ٽين شادي ھئي[1]. سندس لقب طاھرہ ۽ ڪنيت ان ھند ھئي[1]. بيبي سانئڻ جو پھريون نڪاح ھند بن زرارہ سان ٿيو جنھن مان کيس ھڪ نياڻي ۽ ٻہ پٽ ٿيا جيڪو پوء گذاري ويو. سندس ٻيون نڪاح عتيق بن عائذ سان ڪرايو ويو جنھن مان کيس ھڪ نياڻي ھند جي نالي سان ھئي پر ڪجهه وقت کان پوءِ عتيق پڻ گذاري ويو[1]. جڏھن 35 سالن جي ٿي تہ سندس والد خويلد پڻ گذاري ويو[1]. پاڻ مالدار عورت ھئي ۽ سندس ڪاروباري قافلا عراق، شام ۽ فلسطين تائين ويندا ھيا. سندس ھڪ غلام ميسرہ ايماندار ھيو جيڪو سندس ڪاروبار جو جنرل مينيجر ھيو[1]. پاڻ سڳورن ﷺ جن ان وقت ايمانداري ۾ وڏي شھرت حاصل ڪئي هئي ۽ ميسرہ ذريعي بيبي سانئڻ وٽ اھڙو احوال پھتل ھو ۽ ان کين سندس ڪاروبار ۾ شامل ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي جيڪا پاڻ سڳورن ﷺ قبول ڪئي ۽ ان جي تجارتي قافلي سان شام ويا جنھن بعد بيبي سانئڻ کين شادي جو پيغام موڪليو ۽ ان وقت بيبي صاحبه جي عمر 40 سال ھئي[1]. شادي 25 صفر تي مڪي ۾ ٿي جنھن ۾ حضرت ابو طالب ، حضرت حمزہ رضه، بيبي صاحبه جو چاچو عمرو بن اسد، سؤٽ ورقه بن نوفل پڻ شامل ٿيا[1]. حق مھر ساڍا ٻارھن اوقيه سون مقرر ڪيو ويو جنھن جي قيمت 500 درھم ھئي[1]. ھڪ روايت مطابق حق مھر 20 وٽ ٻڌايو ويو آهي[1]. نڪاح جو خطبو سيدنا ابو طالب پڙھيو. اھو خطبو يعقوبي ، شامي ، قسطلاني ، ۽ علامه عامري پنھنجي ڪتابن ۾ نقل ڪيو آهي[1]. نڪاح بعد پاڻ سڳورن ﷺ ھڪ اٺ ذبح ڪرائي مھمانن جي دعوت ڪئي. بيبي سانئڻ زندگي جا 25 سال پاڻ سڳورن ﷺ سان گذاريا[1]. سندس حياتيءَ ۾ پاڻ سڳورن ﷺ ٻي ڪا شادي نہ ڪئي[1]. پاڻ سڳورن ﷺ جي پٽ ابراھيم کان سواءِ سموري اولاد بيبي سانئڻ مان ٿي ۽ سڀ سواء بيبي فاطمه الزهراء رضه جي سندن حياتي مبارڪ دوران وفات ڪري ويا[1].

 
بيبي خديجہ جي مڪي ۾ ڊاٿل گھر اندر اھا جاء جتي حضرت محمدﷺ ساڻس شادي کان پوء رھائش دوران عبادت ڪندو ھو

محمد کي چار نياڻيون ھيون جن مان وڏي سيدہ زينب ، ٻيون نمبر سيدہ رقيه ، ٽيون نمبر سيدہ ام ڪلثوم ۽ چوٿون نمبر آخري نياڻي سيده فاطمه الزهراء ھئي[1]. چئني مديني ھجرت ڪئي ۽ اتي وفات ڪيائون ۽ چارئي جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آھن[1]. سيده زينب رضه 30 ميلادي ڌاري مڪي ۾ ڄائي ۽ سن 8 ھجري ۾ مديني ۾ وفات ڪئي. سندس نڪاح بعثت کان اڳ پنھنجي ماسات ابوالعاص بن ربيع قرشي سان ڪرايو ويو جيڪو بيبي خديجه جي ڀيڻ ھند بنت خويلد جو پٽ ھيو ۽ سندس اصل نالو لقيط ھو[1]. ڪجهه رويتن مطابق سندس نالو ھشيم ۽ مھشم ھيو. پاڻ سڳورن ﷺ جي ھجرت وقت اھي طائف ۾ رھندا ھئا. بدر جي جنگ بعد پاڻ سڳورن ﷺ کيس مديني گھرايو ۽ بعد ۾ ابوالعاص جڏهن اسلام قبول ڪيو تہ اھو پڻ مديني ۾ آيو. سيده زينب کي ھڪ پٽ علي ۽ ھڪ نياڻي امامه ٿيا[1]. علي ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو. امامه جي پرورش بعد ۾ ابوالعاص جي ماروٽ حضرت زبير بن عوام ڪئي جنهن بيبي فاطمه الزهراء جي وفات بعد امامه جو نڪاح حضرت علي ڪرم الله وجهه سان ڪرايو[1].

 
بيبي خديجہ جي سعودي حڪومت پاران ڊاٿل گھر ۾ محراب جو ھڪ ٻيو منظر جتي پاڻ سڳورو عبادت ڪندو ھو

سيده رقيه رضه 33 ميلادي ڌاري ڄائي ۽ ان جو نڪاح حضرت عثمان غني رضه سان ڪرايو ويو. نبوت جي پنجين سال مڙس سان گڏ حبشه ھجرت ڪئي جتي ست سال رھيا اتي کيس ھڪ پٽ عبدالله نالي ڄائو. مڪي واپسي بعد مديني ڏانهن ھجرت ڪئي. بدر جي جنگ وقت بيمار ٿي پئي ۽ اٽڪل 20 ڏينھن بعد وفات ڪري وئي. ان جي بيماري سبب نبي ڪريم ﷺ جن حضرت عثمان غني رضه ۽ حضرت اسامه بن زيد رضه کي مديني ڇڏي ويا ھئا. جنگ جي فتح جي خبر جڏهن مديني پھتي تہ بيبي سانئڻ جي تدفين ٿي رھي ھئي[1]. سندس پٽ عبدالله پڻ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو[1].

 
بيبي خديجہ جو گھر جتي حضرت محمد ﷺ مڪي زندگيءَ جو ھڪ دؤر گذاريو جيڪو سعودي حڪومت ڊھرائي ڇڏيو

سيدہ ام ڪلثوم اھل بيت جي مديني ھجرت وقت بيبي فاطمه الزهراء رضه ۽ سيدہ سوده رضه سان گڏ ھئي. سيدہ رقيه رضه جي وفات کان ست يا ٽن مھينن بعد پاڻ سڳورن ﷺ سندس نڪاح حضرت عثمان غني رضه سان ڪرايو ۽ سندس رخصتي جمادالآخر ۾ دوران 19 سالن جي عمر ۾ ٿي[1]. کيس ڪا بہ اولاد ڪانه ٿي. حضرت عثمان سان ھن پنھنجي زندگي جا اٽڪل ساڍا ڇھ ورھيه گذاريا[1]. سن 9 ھجري ۾ شعبان جي مھيني دوران وفات ڪئي. سندس جنازي نماز پاڻ سڳورن ﷺ جن پڙھائي[1].

 
بيبي خديجہ وارو گھر ڊھڻ کان پوءِ واري حالت ۾. ھن گھر پاڻ سڳورن زندگي جو ھڪ دور گذارہو

بيبي فاطمه الزهراء رضه 41 ميلادي ۾ نبوت جي بعثت واري سال پيدا ٿي ۽ جڏهن 10 ورھين جي ھئي تہ سندس والدہ وفات ڪئي جنھن ڪري ننڍي عمر ۾ ئي والد سان وابسته رھي[1]. والد کي تمام پياري ھئي. سندس عادات ، اطوار ، رفتار توڙي گفتار جو انداز والد سان مشابهت رکندڙ ھيو ۽ شڪل ۾ والده جھڙي ھئي[1]. سندس شادي پندرهن سال پنج مھينن جي عمر حضرت علي ڪرم الله وجهه سان مديني ۾ جنگ بدر کان بعد ڪرائي وئي. نڪاح جي تقريب مسجد نبوي ۾ ٿي ۽ پاڻ سڳورنﷺ سندن نڪاح پڙھايو. حق مھر 500 درھم مقرر ٿيو ۽ رخصتي احد جي جنگ بعد عمل ۾ آئي[1]. سندس حياتيءَ دوران حضرت علي ڪرم الله وجهه ٻي شادي ڪانه ڪئي. کيس پنج ٻار جن ۾ ٽي پٽ امام حسن، امام حسين ، امام محسن ۽ ٻہ ڌيئر ڄاوا. امام محسن ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪئي[1]. پاڻ پردي جي سخت پابند ھئي. سندس جنازي نماز حضرت علي ڪرم الله وجهه پڙھائي[1].

 
خديجہ جو مڪي م واقع مقبرو جيڪو سعودي حڪومت ڊھرائي ڇڏيو

بيبي خديجه رضه مان پاڻ سڳورن ﷺ کي ٻہ پٽ پڻ ڄاوا جن جا نالا قاسم ۽ عبدالله ھيا. قاسم کي طاھر ۽ عبدالله کي طيب پڻ سڏيندا هئا[1]. روايت مطابق سندن وفات نبوت کان اڳ ننڍپڻ ۾ ٿي ھئي[1]. بيبي صاحبه 11 رمضان سن 10 نبوي ۾ 65 ورھين جي ڄمار ۾ مڪي ۾ وفات ڪئي. کيس حجون مڪي شريف ۾ دفنايو ويو. ان وقت اڃان جنازي جي نماز جو حڪم نہ آيو ھو[1].

2.بيبي سوده رضه

سن 10 نبوي ۾ محمد جو پاڻ کان عمر ۾ 30 سال وڏي بيوہ[1] سودہ بنت زمعه سان نڪاح ٿيو. مديني ڏانهن ھجرت وقت فقط ھيء گھرواري ساڻن گڏ ھئي[10]. سندس والد جو نالو زمعه بن قيس ۽ ماء جو نالو شموس بنت قيس نجاري ھيو ۽ ان جو تعلق بنو عامر قبيلي سان ھو[1]. روايت مطابق ھڪ دفعي خوله بنت حڪيم نبي ڪريم ﷺ جن کي ٻي شادي ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ کين بيبي عائشه ۽ حبشه کان ھجرت ڪري موٽي آيل مھاجرن مان بيبي سودہ جا نالا پيش ڪيا[1]. پاڻ سڳورن اھا تجويز قبول ڪئي ۽ ٻنھي طرفن کان آڇ قبول ڪئي وئي. بيبي صاحبه جي نڪاح وقت عمر 32 سال ھئي ۽ بيبي سوده سان نڪاح جو خطبو زمعه بن قيس پڙھيو[1]. حق مھر 400 درھم مقرر ٿيو[11]. ھن جا 12 سال نبي ڪريم ﷺ جي صحبت ۾ گذريا ۽ سندس رفاقت ۾ حج ۽ عمرو ادا ڪيو[1]. کيس پاڻ سڳورن ﷺ مان ڪا اولاد ڪانه ٿي پر کيس پھرين مڙس سڪران مان عبدالرحمان نالي پٽ ڄائو جيڪو حضرت عمر رضه جي دؤر ۾ جنگ جلولاء ۾ شھيد ٿيو[1]. بيبي صاحبه جي ڪنيت ان عبدالرحمان ھئي[1].بلاذري مطابق بيبي صاحبه سن 22 ھجري ۾ مديني ۾ وفات ڪئي[1]. ابن سعد مطابق سن 54 ھجري ۾ وفات ڪئي[1]. ان وقت جنازي جي نماز جو حڪم اڃان ڪانہ ٿيو ھو. بيبي صاحبه کي جنت البقيع ۾ دفنايو ويو. ھن جي رفاقت نبي ڪريم ﷺ جن سان 14 سالن تائين ھئي[1].

3.بيبي عائشه رضه

بيبي صاحبه جو تعلق بنو تيم قبيلي سان ھيو. سندس والد جو نالو ابوبڪر صديق ۽ والدہ جو نالو ان رومان بنت عامر ھو. بيبي صاحبه جو لقب صديقه ۽ حميرا ھيو ۽ سندس ڪنيت ان عبدالله ھئي[1]. سن 10 نبوي شوال جي مھيني ۾ بيبي عائشه رضه جو پاڻ سڳورن ﷺ جن سان نڪاح مڪي ۾ سندس والد ابوبڪر صديق پڙھيو[1]. حق مھر 500 درھم مقرر ٿيو.ان وقت سندس عمر 6 سال ھئي ۽ رخصتي شوال جي مھيني ۾ ھجرت جي پھرين سال 9 ورھين جي عمر ۾ مديني ٿي[10]. نڪاح ۽ رخصتي وقت بيبي صاحبه جي عمر بابت متضاد روايتون آھن جن ۾ ھڪ روايت مطابق رخصتي وقت بيبي صاحبه جي عمر 18 سال ھئي. نڪاح مڪي ۾ ٿيو ۽ رخصتي ھجرت جي پھرين سال ٿي ان وقت بيبيءَ جي عمر 17 يا 19 سال ھئي ۽ محمد ﷺ جن جي عمر 54 سال ھئي[12]. بيبي صاحبه پنھنجي ڀيڻ اسماء بنت ابوبڪر کان عمر ۾ 10 سال ننڍي ھئي جيڪا پنھجي پٽ عبدالله بن زبير جي شھادت (سن 73 ھجري) کان 5 يا 10 ڏينھن بعد گذاري وئي. ان جي عمر ھجرت وقت 27 سال ھئي تہ بيبي صاحبه جي عمر 10 سالن جي فرق سان ان وقت 17 سال ھئي[12]. روایت مطابق مديني پھچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ جن زيد بن حارث ۽ ابو رافع کي مڪي مان ابوبڪر صديق رضه جي گھروارن کي وٺي اچڻ لاءِ موڪليو اھڙي طرح اھي قبا تائين پھتا. بيبي اسماء بنت ابوبڪر اميد سان ھئي ۽ اتي ان عبدالله بن زبير کي جنم ڏنو. ساڳي سال شوال ۾ بيبي عائشه رضه جو گھر مديني جي پاڙي سنح ۾ حارث بن خزرج وارن جي گھرن لڳ واقع ھيو جيڪو محمد جي گھر کان ھڪ ميل جي فاصلي تي ھو. ان گھر ۾ سندس شادي ۽ رخصتي ٿي[13]. بيبي صاحبه جو وصال 17 رمضان سن 57 يا 58 ھجري ۾ بنو اميه واري دؤر ۾ ٿيو. پاڻ سڳورن ﷺ جن جي زالن ۾ ھيء بيبي سڀ کان وڌيڪ فقيھ ۽ علم واري عورت ھئي ۽ سندس رسول الله ﷺ جن سان رفاقت 9 سالن تائين رھي. پاڻ جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهي. حديثن جون 2210 روايتون بيبي صاحبه سان منصوب آھن[1].

4.بيبي حفصه رضه

بنو عدي قبيلي سان تعلق رکندڙ بيبي حفصه حضرت عمر فاروق رضه ۽ سندس زال زينب بنت مظعون جي نياڻي ھئي جيڪا بعثت نبوي کان پنج سال اڳ پيدا ٿي[1]. ننڍي عمر ۾ سندس نڪاح سھم قبيلي جي ھڪ فرد خنيس بن حذافه بن قيس سان ٿيو جيڪو بدر جي جنگ ۾ مسلمانن جي لشڪر ۾ شامل ھو ۽ زخمي ٿي پيو ۽ سن 2ھجري ۾ وفات ڪري ويو ۽ ھڪ روايت مطابق احد جي جنگ ۾ شھيد ٿيو[1]. ان بعد شوال سن 2 ھجري[1] يا 3 ھجري[10] ۾ بيبي حفصه جي شادي نبي ڪريم ﷺ جن سان[10] مديني ۾ ٿي[1]. ان وقت بيبيءَ جي عمر 18 سال[1] يا 21 سال [12] ھئي ۽ نڪاح ۾ مھر 40 يا 500 درھم مقرر ٿيو[1]. ابو دائود ، نسائي ۽ ابن ماجه وغيره ۾ ابن عمر جي روايت مطابق نبي ڪريم ﷺ جن کيس ھڪ دفعو طلاق (رجعي) ڏني ھئي. طبراني پڻ اھڙو ذڪر ڪيو[1]. بيبي صاحبه شعبان سن 45 ھجري ۾ 63 ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي[1][12]. وفات وقت پنھنجي ننڍي ڀاءُ عبدالله بن عمر رضه کي وصيت ڪئي ھئي تہ سندس مديني جي اتر ۾ شام واري رستي تي واقع غابہ نالي ديھ واري ملڪيت خيرات لاء وقف ڪري[1]. سندس جنازي نماز مديني جي گورنر مروان بن حڪم پڙھائي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو[1]. نبي ڪريم ﷺ جن سان ان جي رفاقت 7 سال رھي. ان سان منصوب حديثن جي روايتن جو تعداد 60 آھي[1].

5.بيبي زينب بنت خزيمه رضه

بيبي صاحبه جو تعلق بنوھلال قبيلي سان ھو. سندس والد جو نالو خزيمه بن عبدالله ۽ ماء جو نالو ھند ھو[1]. رمضان، سن 3 ھجري ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن جو نڪاح بيبي زينب بنت خزيمه ھلاليه سان[10] مديني ۾ ٿيو ۽ ان وقت سندس عمر 30 سال ھئي[1]. بيبي صاحبه کي خير خيرات جي ڪثرت سبب ام المساڪين يعني مسڪينن جي ماء سڏيو ويندو هو[10]. ھجرت نبوي ﷺ کان 14 يا 15 سال اڳ مڪي ۾ ڄائي بيبي صاحبه جو پھريون مڙس نبي ڪريم ﷺ جو پڦاٽ عبدالله بن جحش رضه ھو جنھن سان گڏ بيبي صاحبه مديني ھجرت ڪئي جيڪو ساڳ شوال سن 3 ھجري ۾ غزوہ احد ۾ شھيد ٿيو ھو ۽ عدت گذارڻ بعد سندس ٻي شادي پاڻ سڳورن ﷺ جن سان ٿي پر سن 4 ھجري ۾ ربيع الاول يا ربيع الآخر ۾ بيبي صاحبه وفات ڪري وئي[10]. وفات وقت سندس عمر 30 يا 31 سال کن ھئي[1].اھو پاڻ سڳورن ﷺ جن جو پنجون نڪاح ھيو جنھن ۾ حق مھر 500 درھم مقرر ٿيو[1]. قتادہ بن دعامہ کان روايت مطابق سندس پھريون نڪاح پاڻ سڳورن ﷺ جن جي سؤٽ طفيل بن حارث سان ٿيل ھو جنھن ڪجهه وقت پوء کيس طلاق ڏني ۽ سندس ٻيو نڪاح طفيل جي ڀاءُ عبيدہ بن حارث سان ٿيو[1]. امھات المومنين ۾ بيبي زينب رضه واحد عورت ھئي جنھن جو جنازو نبي ڪريم ﷺ جن پڙھايو [1]. سندس پاڻ سڳورن ﷺ جن سان رفاقت 8 مھينا رھي[1].

6.بيبي ھند رضه

بيبي صاحبه جو تعلق بنومخزوم قبيلي سان ھو. سندس والد جو نالو ابواميہ سھيل بن مغيرہ ھو ۽ والده جو نالو عاتڪہ بنت عامر ھيو. بيبي صاحبه جي ڪنيت ام سلمه ھئي[1]. بيبي صاحبه جو نڪاح رسول الله ﷺ جن سان شوال ، سن 4 ھجري ۾ مديني ۾ ٿيو جنھن وقت بيبي صاحبه جي عمر 26 سال ھئي. حق مھر ۾ ڪجهه گھريلو سامان شامل ھو[1]. بيبي صاحبه 62 ھجري ۾ 84 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سعيد بن زيد سندس جنازي نماز پڙھائي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو. پاڻ سڳورن ﷺ سان سندس رفاقت 7 سال رھي[1]. اٽڪل 378 حديثن جون روايتون ھن بيبيءَ سان منصوب ٿيل آھن[1].

7.بيبي زينب بنت جحش رضه

بيبي صاحبه جو تعلق بنو اسد بن خزيمه قبيلي سان ھو. سندس والد جو نالو جحش بن رئاب ۽ والدہ جو نالو اميمہ بنت عبدالمطلب ھيو. بيبي صاحبه جي ڪنيت ام الحڪم ھئي[1]. سن 4 ھجري ۾ ذوالقعد جي مھيني ۾ چنڊ واري رات پاڻ ڪريم ﷺ جن جو نڪاح زينب بنت جحش رضه سان ٿيو. ھڪ ٻي روايت مطابق 5 ھجري ۾[10] مديني ۾ 400 درھم حق مھر عيوض ٿيو[1]. ان وقت بيبيءَ جي عمر 35 ورھيه ھئي ۽ نبي ڪريم ﷺ جي وفات بعد سندس زالن مان اھا پھرين وفات ڪندڙ ھئي[10]. شادي واري وقت ھن. سال پردي جو حڪم نازل ٿيو[10]. ھن بيب جو تعلق قريش جي اسد بن خزيمه واري شاخ سان ھيو[1]. ھي بيبي نبي ڪريم ﷺ جن جي رشتي ۾ پڦاٽ ھئي. ھجرت جي پھرين سال ئي بيبي صاحبه جو خاندان مديني پھتو ھو. نبي ڪريم ﷺ جن ان جو نڪاح زيد بن حارث رضه سان ڪرايو ھو پر اھا شادي ڪامياب نہ ٿي سگھي ۽ زيد کيس طلاق ڏني[1]. ان وقت بيبيءَ جي عمر 34 سال ھئي. ان بعد قرآن جي آيت جي حڪم تحت سندس عدت بعد شادي نبي ڪريم ﷺ جن سان ٿي[1]. بيبي صاحبه جو نالو برہ ھيو ۽ شادي وقت سندس نالو نبي ڪريم ﷺ جن زينب رکيو[1]. نبي ڪريم ﷺ جي وصال کان 7 سال بعد سن 20 ھجري ۾ حضرت عمر رضه جي دؤر ۾ بيبي صاحبه 53 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جنازي جي نماز حضرت عمر رضه پڙھائي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو[1]. سندس رفاقت نبي ڪريم ﷺ جن سان 6 سال تائين رھي. ساڻس 11 حديثن جون روايتون منصوب ٿيل آھن[1].

8.بيبي ريحانه رضه

بيبي صاحبه جو تعلق روايتن مطابق بنو نضير يا بنو قريظه سان ھيو جن مان بنو قريظه جي روايت مشھور آھي. ھڪ روايت مطابق ڄائي بنو نضير قبيلي ۾ ۽ سندس شادي بنو قريظه ۾ ٿي ۽ شمعون يا زيد بن عمرو جي نياڻي ھئي[10]. غزوہ بنو قريظه جي موقعي تي قيد ٿي ٻانھپ ۾ شامل ٿي ۽ نبي ڪريم ﷺ جن جي حصي ۾ آئي[10]. پاڻ سڳورن ﷺ کيس آزاد ڪري سن 5 ھجري ۾ محرم جي مھيني ۾ ساڻس نڪاح ڪيو[10]. سندس اصل نالو ربيعه بنت شمعون بن زيد بن عمرو ھيو. ابن حجر سندس تعلق بنو قريظه سان ۽ ابن اسحاق بنو نضير سان ڏيکاريو آھي[1]. سندس شادي بنو قريظه جي حڪم نالي شخص سان ٿي جيڪو غزوه بنو قريظه ۾ مارجي ويو[1]. محمد بن ڪعب جي روايت مطابق ھن بيبي پردي جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو جنھن ڪري کيس نبي ڪريم ﷺ جن طلاق ڏني ھئي پر پوء رجوع ڪيو ۽ بعد ۾ پردي جي پابندي سان زندگي گذاري[1]. سن 10 ھجري ۾ جڏهن نبي ڪريم ﷺ جن حج تان واپس آيا تہ مديني ۾ وفات ڪري وئي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو[1]. ابن الاثير ،ابن ڪثير ، شامي وغيره بيبي صاحبه جو شمار ٻانھين ۾ ڪيو آهي[1].

9.بيبي جويريه رضه

سن 5 ھجري ۾ غزوه بنو مصطلق بعد يا سن 6 ھجري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جو نڪاح بيبي جويريه رضه سان[10] مديني ۾ ٿيو[1]. پاڻ غزوہ بنو مصطلق ۾ ھٿ آيل قيدين ۾ شامل ھئي. نبي ڪريم ﷺ جن کيس آزاد ڪري نڪاح ڪيو جنھن ۾ 400 درھم حق مھر مقرر ٿيو[10]. نڪاح وقت بيبي صاحبه جي عمر 20 سال ھئي[10]. ساڳي سال سندس والد حارث بن ابو ضرار مسلمان ٿيو[10]. ابن عباس مطابق بيبي صاحبه جو اصل نالو برہ بنت حارث ھيو[1]. سندس تعلق بنو خزاعہ جي پاڙي بنو مصطلق سان ھيو. سندس پيء پاڙي جو سردار ھيو جنھن سندس شادي پنھنجي خاندان جي نوجوان مسافع بن صفوان سان ڪرائي ھئي جيڪو غزوہ بنو مصطلق ۾ مارجي ويو. بيبي صاحبه مال غنيمت ۾ ثابت بن قيس ۽ سندس سؤٽ جي حصي ۾ آئي پر سردار جي نياڻي ھجڻ ڪري ھن انھن سان رھڻ پسند نہ ڪيو ۽ 9 اوقيه سون جي قيمت تي پنھنجي آزادي جو معاھدو ڪيو. مدد لاء نبي ڪريم ﷺ جن وٽ پيش ٿي ۽ نبي ڪريم ﷺ جن رقم ڀري کيس آزاد ڪرايو جنھن بعد مسلمان ٿي ۽ پاڻ سڳورن کيس حرم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نڪاح بعد ان جو نالو بره بدلائي جويريه رکيو. نڪاح بعد اصحابين نبي ڪريم ﷺ جن جي ساھراڻي گھر ڀاتين ھئڻ ڪري بيبي صاحبه جي قبيلي جي سمورن فردن کي آزاد ڪري ڇڏيو[1]. ابن عبدالبر مطابق بيبي صاحبه ربيع الاول سن 50 ھجري ۾ 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس جنازي جي نماز مديني جي گورنر مروان بن حڪم پڙھائي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو[1]. بيبي صاحبه جو پاڻ سڳورن ﷺ سان ازدواجي رفاقت 5 سال تائين رھي. ھن بيبي سان 7 حديثون منصوب ٿيل آھن.

10. بيبي رملہ (ام حبيبه) رضه

سن 7 ھجري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن ابوسفيان جي ڌيءَ ام حبيبه سان نڪاح ڪيو[10]. بيبي صاحبه جو تعلق بنو اميه خاندان سان هو. سندس اصل نالو رملہ بنت ابو سفيان ھو[1]. سندس ماء جو نالو صفيه بنت ابوالعاص ھو[1]. بيبي صاحبه حضرت عثمان جي پڦاٽ، امير معاويه جي ماٽيلي ڀيڻ ۽ يزيد بن ابو سفيان جي سڳي ڀيڻ ھئي[1]. بعثت کان 17 سال اڳ مڪي ۾ پيدا ٿيندڙ بيبي صاحبه جي پھرين شادي بنو خزيمه جي عبدالله بن جحش سان ٿي[1]. ابتدائي دور ۾ ئي ٻئي مسلمان ٿيا ۽ حبشه ڏانھن ٻہ ڀيرا ھجرت ڪيائون. حبشه ۾ کين ھڪ نياڻي حبيبه نالي ڄائي جنھن جي نالي تي ان جي ڪنيت ان حبيبه ٿي وئي[1]. سندس مڙس حبشه ۾ عيسائي ٿي ويو جنھن ڪري ان کان طلاق ورتائي. ان جي حالات جي خبر پوڻ بعد مديني مان پاڻ سڳورن عمرو بڻ اميہ کي نڪاح جي بندوبست لاء حبشه موڪليو[1]. نڪاح وقت بيبي صاحبه جي عمر 37 سال ھئي. نڪاح جو خطبو اصحمہ نجاشي پاڻ پڙھيو ۽ نبي ڪريم ﷺ جن طرفان حق مھر 40 اوقيه جي برابر قيمت يا 400 دينار پڻ نجاشي ادا ڪيو[1]. ان حبيبه بعد ۾ مديني نبي ڪريم ﷺ جن وٽ منتقل ٿي[1]. ابن بر ۽ ابن جوزي مطابق بيبي صاحبه سن 44 ھجري ۾ امير معاويه جي دور حڪومت ۾ 73 يا 74 سالن جي عمر ۾ مديني ۾ وفات ڪئي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو[1].

11.بيبي صفيه رضه

سن 7 ھجري ۾ صفر جي مھيني ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جو نڪاح بيبي صفيه رضه جن سان [10] صھبا ۾ ٿيو ۽ ان وقت بيبي صاحبه جي عمر 17 سال ھئي[1]. ھي ي بيبي غزوہ خيبر ۾ ھٿ آيل قيدي عورتن ۾ شامل ھئي ۽ ورھاست ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي حصي ۾ آئي پر پاڻ سڳورن ﷺ کيس آزاد ڪري نڪاح ڪيو ۽ سندس آزادي کي ان جو مھر مقرر ڪيو[10]. بيبي صاحبه جي ان نڪاح جي ڪري سندس سمورن مٽن مائٽن کي آزاد ڪيو ويو جيڪي ۾ 700 ڄڻا ۽ 100 گھرن جا ڀاتي ھيا[10]. بيبي صاحبه بنو نضير قبيلي جي سردار حيي بن اخطب جي نياڻي ھئي، سندس والده جو نالو برہ بنت سموئيل ھو. بيبي صاحبه جو جو اصل نالو زينب ھيو. زرقاني مطابق عربن جي رواج ۾ غنيمت جي مال جو حصو جيڪو سردار کي ملندو هو ان کي صفيه سڏيندا ھيا اھڙي طرح پاڻ سڳورن کي غنيمت جي حصي ۾ ملڻ ڪري کيس صفيه جو نالو ڏنو ويو[1]. پر اڪثريت جي راء مطابق سندس اصل نالو صفيه ھو[1]. بيبي صاحبه جي پھرين شادي ننڍي عمر ۾ ناناڻي گھر جي ھڪ امير نوجوان سلام بن مشڪم سان ڪرائي وئي پر اھو سخت مزاج ھيو جنھن ڪري سندن علحدگي ٿي وئي. سندس ٻي شادي ڪنانہ بن ربيع سان ٿي. بنو نضير جي مديني مان نيڪالي بعد سندس خاندان خيبر لڏي آيو جتي سندس پيءُ کي چڱو مڙس بڻايو ويو[1]. ھڪ روايت مطابق خيبر جي فتح بعد دحيہ ڪلبي جي حصي ۾ آئي پر پوء اصحابين فيصلو ڪيو ته سردار جي ڌي ۽ ٻئي قبيلي جي سردار جي ننھن ھجڻ ڪري مسلمان سردار وٽ ھجڻ کپي ۽ اھڙي طر طرح نبي ڪريم ﷺ جن جي حصي ۾ آئي[1]. کيس لذيذ کاڌا پچائڻ ۾ وڏي مھارت ھئي[1]. بيبي صاحبه 2 رمضان سن 50 ھجري ۾ مديني ۾ وفات ڪئي ۽ کيس جنت البقيع ۾ دفنايو ويو[1]. بيبي صاحبه جي پاڻ سڳورن ﷺ جن سان ازدواجي رفاقت اٽڪل پوڻا چار سال تائين رھي. ان سان 10 حديثون منصوب ٿيل آھن.

12.بيبي برہ يا ميمونه رضه

سن 7 ھجري ۾ ذوالقعد جي مھيني ۾ پاڻ سڳورا ﷺ صلح حديبيه ڪري قضا ٿيل عمري جي ادائيگي لاء روانا ٿيا ۽ 4 ذوالحج تي صبح جو مڪي ۾ پھتا. ٽي راتيون اتي ترسيا ۽ پوء مديني طرف روانا ٿيا ۽ ان سفر دوران بيبي ميمونه رضه جن سان نڪاح ڪيائون[10]. امام احمد حنبل مطابق مديني ڏانهن سفر دوران سرف نالي ڳوٺ ۾ ٿيو[1]. بيبي صاحبه پاڻ سڳورن ﷺ جي آخري گھرواري ھئي جنھن بعد پاڻ سڳورن ﷺ ڪو ٻيو نڪاح ڪانه ڪيو[1][10]. ابو ھريرہ ، مجاھد ۽ ابن عباس جي رواايتن مطابق سندس اصل نالو بره ھيو پر نبي ڪريم ﷺ جن اھو نالو مٽائي ميمونه رکيو[1]. بيبي صاحبه جو تعلق بنو ھلال قبيلي سان ھو. سندس پيءُ جو نالو حارث بن حزن ۽ ماء جو نالو ھند بنت عوف ھيو[1]. بيبي صاحبه جي پھرين شادي ابورھم بن عبدالعزہ عامري سان ٿي جيڪو 7 ھجري جي شروعات ۾ وفات ڪري ويو جنھن بعد عباس بن عبدالمطلب يا جعفر رضه جي مشوري تي نبي ڪريم ﷺ جن ساڻس نڪاح ڪيو. ان وقت بيبي صاحبه جي عمر 36 سال ھئي ۽ نڪاح جو خطبو عباس بن عبدالمطلب پڙھيو[1]. حق مھر 500 درھم مقرر ٿيو[1]. حضرت عمر رضه جي دؤر ۾ ٻين امھات المومنين وانگر کيس بہ ساليانو 10 ھزار درھم وظيفو ملندو هو. سن 51ھ ۾ سرف ۾ ئي وفات ڪئي ۽ ان وقت سندس عمر 80 سال ھئي[1]. سندس جنازي جي نماز ڀاڻيجي عبدالله بن عباس پڙھائي[1]. بيبي صاحبه جي پاڻ سڳورن ﷺ جن سان ازدواجي رفاقت اٽڪل 3 سال رھي ۽ ساڻس 76 حديثون منصوب ٿيل آھن[1].

بيبي ماريه قبطيہ رضه

بيبي صاحبه ٻانھي ھئي جيڪا مصر اسڪندريہ جي حاڪم پاڻ سڳورن ﷺ جن ڏانھن سوکڙي طور موڪلي ھئي. آمين ھجري ۾ ان مان پاڻ سڳورن ﷺ جن کي ھڪ پٽ ابراھيم رضه نالي ڄائو[10]. اھو نالو حضرت ابراهيم عليه السلام جي نالي تان رکيو ويو. ستين ڏينھن تي ٻن دنبن جي قرباني بہ ڪئي وئي ۽ ان جي جھنڊ لھرائڻ جو حڪم پڻ ڏنو[10]. اھو ٻار ابورافع جي گھرواري سلمیٰ رضہ ڄڻايو ۽ اھا خبر ابورافع پاڻ سڳورن ﷺ جن کي ٻڌائي جنھن تي کيس ھڪ غلام مبارڪي ۾ مليو[10].

فاطمه بن ضحاڪ سان شادي ۽ طلاق

سن 8 ھجري ۾ ذوالقعد جي مھيني ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي شادي فاطمه بنت ضحاڪ ڪلبي سان ٿي. شادي بعد جڏھن پاڻ ڪريم ﷺ جن سندس ويجھو ويا تہ چوڻ لڳي: "مان اوھان کان الله جي پناھ گھران ٿي". اھو ٻڌي نبي ڪريم ﷺ کيس فرمايو تہ: " تو پناھ گھري، ھاڻي پنھنجي مائٽن ڏانهن موٽي وڃ"[10][14][15][16].

مليڪہ بنت ڪعب سان شادي ۽ طلاق

سن 8 ھجري رمضان جي مھيني جي پڄاڻي تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جي شادي مليڪہ بنت ڪعب ليثي ڪنائي/ڪندي سان ٿي. فتح مڪه وقت نبي ڪريم ﷺ جي حڪم تي سندس پيءُ کي قتل ڪيو ويو ھو جيڪو ڏوراپو ڪجهه عورتن کيس ڏنو جنھن تي ان عورت بہ الله جي پناھ گھري ۽ نبي ڪريم ﷺ جن کيس فارغ ڪري ڇڏيو[10][17][18][19].

مڪي زندگي

نبوت کان اڳ واري زندگي

ابو طالب جي سرپرستي ۾ ننڍي ھوندي قريش جون معمولي معاوضي تي ٻڪريون چاريندو هو[6]. کيس وراثت ۾ ڪجهه ڻ بہ ڪانہ مليو ھو[6]. بعد ۾ سندس ايمانداري ۽ ديانتداري کان متاثر ٿيندي بيبي خديجه کيس واپار لاء چونڊيو ۽ ميسرہ سان گڏجي ان جي واپاري قافلي سان شام ويا ۽ ان واپار مان بيبي صاحبه کي تمام گھڻو نفعو ٿيو[6]. ھي شروع کان ئي بت پرستي ۽ شرڪ کان بيزار ھيو ۽ انھن جي ميلن ۽ رسمن کان پاسو ڪندي ان کان تنھا زندگي کي پسند ڪيو ۽ حرا واري غار ۾ وقت گذاريندو رهيو[6]. اتان موٽي ڪعبي جو طواف ڪري گھر ھليو ويندو ھو[6]. جڏھن 21 سالن جي عمر جو ٿيو تہ ذوالقعد جي مھيني ۾ اوقاز جي ميلي وقت جنگ فجار واقع ٿي جنھن ۾ ھڪ ڌر قريش ۽ ڪنانہ ھيا ۽ ٻي ڌر قيس غيلان وارا ھيا. شديد ويڙھ ۾ ڪيترائي ڄڻا مارجي ويا. محمد ﷺ پڻ ان جنگ ۾ شريڪ ھيو ۽ ھن صرف دشمنن جا تير ميڙي چاچن کي کڻي پئي ڏنا[6]. ان کان ھڪ مھينو پوء زبيد نالي واپاري جو وکر عاص بن وايل طرفان ڦٻائڻ واري معاملي تي ناانصافي خلاف عبدالله بن جادان جي جاء تي پنجن قبيلن بنو ھاشم ، بنو عبدالمطلب ، بنو تيم، بنو اسد ۽ بنو زھرہ جي وچ ۾ ٿيل ميثاق وقت محمد ﷺ پڻ پنھنجي چاچن سان گڏ موجود ھيو. ان ميثاق کي حلف الفدول جو نالو ڏنو ويو جنھن ۾ اھو طئي ڪيو ويو تہ آئيندہ ڪنھن سان ناانصافي ٿيڻ تي قبائلي وابستگي جي قطع نظر ناانصافي جي خلاف مھاڏو اٽڪائبو[6]. جڏھن سندن عمر 35 سال ٿي تہ قريش ڪعبي جي نئين سر تعمير ڪرائي ۽ جڏھن حجر اسود کي نصب ڪرڻ جو وقت آيو تہ انھن ۾ ھڪ تنازعو شروع ٿي ويو ھر قبيلي چاھيو پئي تہ اھو اعزاز انھن جي سردار کي ملي. ڪنھن ڏاھي بزرگ کين صلاح ڏني تہ جيڪو صبح ٿيڻ وقت سڀ کان اول ڪعبي ۾ داخل ٿئي ان کان فيصلو ڪرايو وڃي. جڏھن اھو وقت آيو تہ اھو داخل ٿيندڙ شخص نبي ڪريم ﷺ ھيو ۽ انھن ڏسڻ سان ئي چوڻ شروع ڪيو تہ اھو امين ۽ سچو آھي. نبي ڪريم ﷺ کين مشورو ڏنو ته حجر اسود کي چادر تي رکي سڀني قبيلن جا سردار گڏجي کڻن ۽ جڏھن انھن ايئن ڪيو ته نبي ڪريم ﷺ اھو پٿر جتن ۾ کڻي نصب ڪيو[7]. مڪي ۾ ڏڪار اچڻ وقت ابوطالب جي اولاد مان علي جي سنڀال جو ذمو نبي ڪريم ﷺ کنيو ۽ سندس مشوري تي جعفر بن ابوطالب ۽ ان جي خاندان جو ذمو عباس بن عبدالمطلب کنيو ھو [7]. بيبي خديجه رضه جي ڀائٽي مڪي جي بازار مان ھڪ اغوا بعد غلام بڻايل زيد بن حارث نالي ٻار خريد ڪري کيس تعفي ۾ ڏنو بيبي صاحبه اھو نبي ڪريم ﷺ جي خدمت لاء سندن حوالي ڪيو. سندن شفقت ۽ محبت ڪري ٻار جي پاڻ سڳورن سان دل لڳي وئي. بعد ۾ حارث پٽ کي مڪي ۾ ڳولي لڌو تہ نبي ڪريم ﷺ کان کيس خريد ڪري واپس حاصل ڪرڻ پئي چاھيو. نبي پاڪ حارث ۽ سندس ڀاء کي فرمايو تہ جيڪڏهن ٻار توھان سان وڃڻ چاھي تہ توھان بغير معاوضي جي کيس وٺي وڃو. جڏھن ٻار کي پيءُ ۽ چاچي ھلڻ لاء چيو تہ ان کين ۽ نبي پاڪ ﷺ ڏانھن نھاريو ۽ وڃڻ کان انڪار ڪندي نبي ڪريم ﷺ جي غلامي ۾ رھڻ پسند ڪيو. نبي ڪريم ﷺ کيس آزاد ڪري پنھنجو گود ورتل پٽ بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو[7]. شادي کان پوءِ ڪيترائي سال مڪي کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي جبل حرا ۾ واقع ھڪ غار ۾ عبادت ڪندا رھيا ان جبل کي ان ڪري جبل نور جو نالو ڏنو ويو[7]. اھا غار 2000 فٽ جي اوچائي تي واقع آھي. رمضان جو اڪثر پورو مھينو اتي گذاريندا هئا جتي ھڪ رات جبرائيل نازل ٿيو ۽ قرآن جي نزول جي شروعات ٿي [7].

 
جبل نور ۾ واقع غار حرا جتي محمد صہ عبادت ڪندو ھو ۽ پھرين وحي نازل ٿي.

نبوت جو آغاز

جڏھن پاڻ ڪريمن ﷺ جن پنھنجي عمر مبارڪ جا چاليھ ورھيه پورا ڪيا، تڏهن کين نبوت جي نعمت سان نوازيو ويو[20][10]. ان روايت تي عالمن جي اڪثريت کي اتفاق رھيو آھي[10]. جڏھن تہ ڪي ٿوريون روايتون اھڙيون بہ مليون آهن ، جن ۾ بعثت وقت عمر مبارڪ چاليھ ورھين کان ھڪ ڏينھن مٿي يا ڏھ ڏينھن مٿي يا وري ٻه مھينا مٿي بہ ٻڌائي وئي آھي[10]. پر پھرين روايت ئي سڀني کان وڌيڪ مشھور ۽ مقبول آهي[10]. محمد بن يوسف دمشقي المعروف شامي سميت مالڪي مسلڪ جي ابو عبدالله محمد بن عبدالباقي المعروف زرقاني پڻ پنھنجي ڪتاب شرح علیٰ المواھب اللدنیہ ۾ چاليھ سالن جي روايت کي صحيح ڄاڻايو آهي[10]. صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ پڻ حضرت ابن عباس ۽ انس رضي اللّٰہ تعالیٰ عنھما کان پڻ ساڳي روايت نقل ڪيل آھي[10]. سندن بعثت ھڪڙن راوين ربيع الاول ۽ ٻين رمضان شريف جي مھيني ۾ بيان ڪئي آھي[10]. ابن اسحاق، بيھقي، ابن ڪثير، ذھبي، قسطلاني، شامي ۽ زرقاني پنھنجي ڪتابن ۾ بعثت جو آغاز ربيع الاول ۾ سچن خوابن کي قرار ڏنو آهي[1]. قرآن مجيد ۾ سورة البقرہ جي آيت 185 مطابق "رمضان اھو مھينو آھي جنھن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو"[10]. صحيح مسلم ۾ حضرت طابوقتادہ رضہ جي روايت مطابق بعثت سومر جي ڏينهن ٿي ھئي[21][10]. مسلم روايتن مطابق ليلة القدر واري رات غار حرا ۾ ملائڪ جبرائيل سندس خدمت ۾ وحي کڻي آيو[10]. اھا غار چار ميٽر ڊگھي ۽ ڏيڍ ميٽر ويڪري جبل نور ۾ واقع آهي[6]. اھو سومر جو ڏينھن ۽ سج اڀرڻ کان اڳ جو وقت ھيو ۽ گريگوري ڪئلينڊر مطابق 10 آگسٽ 610ع تي واقع ٿيو[6]. وحي ۾ سڀ کان پھريون جبرائيل سورة علق جون پھريون پنج آيتون پڙھيون جيڪي نبي ڪريم ﷺ جن ورجايون[10] [22]. جبرائيل پھرين وحي مھل انساني شڪل ۾ آيو هو[10]. غار حرا مان موٽندي پاڻ سڳورو ﷺ حضرت خديجه وٽ آيو ۽ ڏڪڻ لڳو ۽ فرمايائون ته مون کي چادر ڍڪايو جيڪا ڍڪائي وئي ۽ جڏھن اھا ڪيفيت ختم ٿي تہ سورة مدٽر جون پھريون پنج آيتون نازل ٿيون[10][22]. خوف واري حالت ۾ بيبي سانئڻ کين تسلي ڏني جنھن بعد کيس پنھنجي سؤٽ ورقه بن نوفل ڏي وٺي آئي[10].سمورن مردن ۽ عورتن کان اڳ حضرت خديجه رضہ پاڻ سڳورن تي ايمان آندو ۽ سمورا مسلمان ان روايت بابت ساڳي راء رکن ٿا[23][24][25][26]. بيبي سانئڻ جي اسلام آڻڻ کانپوءِ سندس چارئي نياڻيون: سيدہ زينب رضه، سيدہ رقيه رضه، سيدہ ام ڪلثوم رضه ۽ سيدہ فاطمه الزهراء رضه بہ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيون[10]. اھا روايت زرقاني شرح اعلیٰ المواھب ۾ سيرت ابن اسحاق ۽ سيرت شامي جي حوالي سان نقل ڪئي آهي[10]. ھڪ روايت مطابق بيبي خديجه رضه کان بعد پھرين ايمان آڻيندڙ عورت فاطمه بنت خطاب ھئي [27][10]. مردن ۾ ابوبڪر صديق ساڳي بعثت واري سومر ڏينھن شام جي وقت اسلام قبول ڪيو[10]. جنھن بعد ٻارن ۾ حضرت علي ڏھن سالن جي عمر ۾ اسلام قبول ڪيو[10]. ھڪ روايت مطابق حضرت علي، ابوبڪر صديق کان اڳ اسلام قبول ڪيو[10]. عثمان غني، زبير بن عوام، عبدالرحمان بن عوف، سعد بن ابي وقاص ، طلحه بن عبيد پڻ حضرت ابوبڪر صديق رضه جي ذريعي اسلام ۾ داخل ٿيا[10] ساڳي سال زيد بن حارث ۽ بلال حبشي، عامر بن فھيرا، ابوذر غفاري (جندب بن جنادہ) ۽ سندس وڏو ڀاءُ انيس بن جنادہ، ابو فڪيھه، عمار بن ياسر ۽ سندس پيءُ ياسر بن عامر ۽ ماء سميه بنت خباط ۽ ڀاء عبدالله بن ياسر، صھيب رومي، مصعب بن عمير، عياش بن ربيعه، ارقم بن ابي ارقم، عثمان بن مظعون ۽ سندس ٻہ ڀائر قدامه ۽ عبدالله، ۽ ابو عبيده، ابو سلمه عبدالله ۽ سندس ماء بره، عامر بن ابي وقاص، عبدالله بن مسعود ھذلي، جعفر بن ابو طالب، خنيس بن حذافه سھمي، عبيده بن حارث، سعيد بن زيد معيقيب بن ابي فاطمه، خالد بن سعيد، فاطمه بنت خطاب، اسامه بن زيد جي ماء ام ايمن حبشيه، عبدالله بن عباس جي ماء ام الفضل عرف لبابه، عبدالله بن مسعود جي ماء ام عبد پڻ اسلام ۾ داخل ٿيا[10]. پھرين وحي جي نزول بعد بيبي خديجه رضه پاڻ سڳورن ﷺ کي ورقه بن نوفل ڏي وٺي آئي جنھن وحي جو احوال ٻڌي سندس نبوت جي تصديق ڪئي جنھن ڪري کيس مسلمان سمجھيو وڃي ٿو[10]. زرقاني شرح علیٰ المواھب اللدنيہ ۾ ورقه کي قطعي طور صحابي مڃيو آھي[10].

عام تبليغ ۽ تڪليفون

نبوت جا پھريان 3 سال انفرادي تبليغ ۾ گذريا جنھن ۾ بت پرستي جي کليل مخالفت نہ ڪئي وئي[6]. سن 3 نبوي ۾ ۽ ڪن روايتن مطابق 4 نبوي ۾ کين سورة الحجر جي آيت 94 ذريعي کين کليل دعوت جو حڪم ڏنو ويو ۽ پاڻ سڳورن ﷺ صفا واري ٽڪريءَ تي چڙهي قريش قبيلي وارن کي وڏي واڪي سڏ ڪري کلي عام اسلام جي دعوت ڏني جتي ابولھب سندن مخالفت ڪئي جنھن ڪري سورة الھب نازل ٿي[10]. ان کان اڳ بنو ھاشم ۽ بنو مطلب وارن پنھنجي ويجھي عزيزن کي گڏ ڪري انھن کي اسلام جي دعوت ڏني جنھن تي ابولھب سندس سخت مخالفت ڪئي ۽ ابوطالب سندس حفاظت جي ذميداري کنئي[6]. مڪي جي مشرڪن سندن مخالفت شروع ڪئي پر ساڻس ابو طالب جي مڪمل تائيد ۽ حمايت حاصل هئي[10]. سن 5 نبوي (615ع[7]) ۾ مسلمانن مڪي وارن جي ڏاڍ کان تنگ ٿي حبشه ڏانھن پھرين ھجرت ڪئي جن ۾ حضرت عثمان ، بيبي رقيه ، عبدالرحمان بن عوف، زبير بن عوام ، مصعب بن عمير ، ابو سلمه عبدالله ۽ ام سلمه سميت ٻارھن مرد ۽ پنج عورتون شامل ھيا[10][28][29]. ساڳي سال بيت الله ۾ پاڻ سڳورن ﷺ سورة نجم جي تلاوت شروع ڪئي جنھن وقت مشرڪن جو ھڪ وڏو ميڙ موجود ھيو ۽ جڏھن سجدي واري آيت آئي تہ نبي سڳورو ﷺ سجدي ۾ ھليو ويو ۽ اتي موجود مسلمان پڻ سجدي ۾ ڪري پيا انھن سان گڏوگڏ سواء اميه بن خلف جي سمورن مشرڪن پڻ سجدو ڏنو[10][30][11][31]. سن 6 نبوي جي شروعات ۾ مسلمانن حبشه ڏانھن ٻيون ڀيرو ھجرت ڪئي. ان قافلي ۾ 83 مرد ۽ 18 عورتون شامل هيون[32][29][10]. قافلي ۾ جعفر بن ابو طالب سندس زال اسما بنت عميس، خنيس بن حذافه سھمي، مصعب بن عمير، معيقيب بن ابو فاطمه، مقداد بن اسود ڪندي، ابو عبيده بن جراح، خالد بن حزام، ام المومنين سودہ بنت زمعه پڻ شامل هئا[33]. ساڳي سال مشرڪن مسجد الحرام ۾ گڏجاڻي ڪئي جنھن ۾ ابوجھل، شيبه، عتبه، وليد بن عتبه، عمار بن وليد، عقبه بن ابي معيط، اميه بن خلف وغيره شامل هئا. رسول ﷺ جن ڪعبي ۾ نماز پڙھي رھيا ھئا. ان مھل مسجد ٻاھران ميدان ۾ قرباني لاء اٺ ڪٺو ويو ھو. ان ميٽنگ مان ھم صلاح ٿيندي عقبه بن ابي معيط اٿيو ۽ اوجھ سان ڀريل اوجھري آڻي پاڻ سڳورن ﷺ جي پٺي مٿان رکي. ان واقعي جي پروڙ ڏھن ورھين[1] جي سيدہ فاطمه کي پئي ته مسجد ۾ ھلي آئي ۽ پنھنجي بابي جي پٺي تان غلاظت ھٽائي[10]. ان وقت حضرت ابوبڪر صديق پڻ اتي پھتو[10]. ساڳي سال عمار بن ياسر جي ماء سميه بنت خباط کي ابوجھل نيزو ھڻي شھيد ڪيو ويو[10]. سن 6 نبوي ۾ پاڻ سڳورا ﷺ صحابي ارقم بن ابي ارقم جي گھر اچي ترسيا جتي مسلمان گڏ ٿي نماز پڙھندا ھيا جيڪو سلسلو حضرت عمر بن خطاب جي اسلام ۾ داخل ٿيڻ تائين جاري رھيو جنھن بعد مسلمانن گڏجي ڪعبي اندر نماز پڙھڻ جي شروعات ڪئي[10]. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي لکي ٿو تہ دار ارقم مسجد الحرام لڳ صفا جي ٽڪري وٽ موجود ھيو جنھن کي خليفي ھارون رشيد جي حبشي نسل واري ماء خيزران نئين سر جوڙائي تبرڪ طور ھڪ مسجد قائم ڪئي جنھن ڪري ھاڻي اھو دار خيزران سڏجي ٿو[10]. ساڳي سال ھڪ روايت مطابق حضرت حمزہ اسلام ۾ داخل ٿيو ۽ ٽي ڏينهن بعد حضرت عمر بن خطاب دار ارقم ۾ اچي اسلام قبوليو[10]. ان کان اڳ نبي ڪريم ﷺ جن دعا گھري ھئي تہ:

"اي الله! عمرو بن ھشام ۽ عمر بن خطاب مان جيڪو توکي وڌيڪ پيارو ھجي، ان جي ذريعي اسلام کي سگھ بخش."

— [34]

ھڪ روايت مطابق ساڳي سال عبدالله بن عمر پڻ مسلمان ٿيو ھو[10]. ان کان سواءِ ان الخير سلمه پڻ دار الارقم ۾ اچي مسلمان ٿي جيڪا ابوبڪر صديق جي ماء ھئي[10]. سن 7 نبوي ۾[35] ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق 8 نبوي ۾ محرم جي چنڊ ڏسڻ سان ئي قريش وارن بنو جو ھاشم ۽ بنو عبدالمطلب سان مڪمل بائڪاٽ جو اعلان ڪيو جنھن سبب نبي ڪريم ﷺ جن کي شعب ابوطالب ۾ نظر بند ٿيڻو پيو[10]. شعب ابوطالب جبل ابو قبيس جي وچان ھڪ جابلو لڪ ھيو جيڪو بنو هاشم جي مورثي ملڪيت ھو[36]. بائڪاٽ جي ڪاروائي لکت ۾ ڪئي وئي جنھن کي بيت الله ۾ لٽڪايو ويو جنھن ۾ لکيل ھو ته[10]:

محمد ﷺ کي بنو ھاشم بنو مطلب سان گڏ مڪي مان شھر نيڪالي ڏني ويندي. ڪوبه ماڻھو ساڻن مٽي مائٽي يا سڱابندي وغيره نہ ڪندو. کاڌي پيتي جي ڪابہ جنس وٽن پھچڻ نہ ڏني ويندي. ڪوبه ماڻھو نہ کانئن ڪجهه خريد ڪندو ۽ نہ وري ڪا شئي کين وڪرو ڪري سگھندو. مسلمانن سان ان وقت تائين ڪنھن بہ قسم جو ڪو ٺاھ يا ساڻن ڪابہ نرمي نہ ڪئي ويندي، جيستائين ھو محمد ﷺ کي قريش وارن جي حوالي نہ ڪندا

— [37]

سن 8 نبوي ۾ مشرڪن آسماني نشاني جو مطالبو ڪيو ۽ نبي ڪريم ﷺ جن کين چوڏھين جي چنڊ واري رات شق القمر وارو معجزو ڏيکاريو[10]. مسلمانن جي عقيدي مطابق پاڻ سڳورن ﷺ چنڊ ڏانھن پنھنجي آڱر سان اشارو ڪيو جنھن سان چنڊ ٻہ الگ اڌ ٿي ٿي ويو. پر مشرڪن ان کي وڏو جادو قرار ڏنو[10]. عبدالله بن عباس جي ولادت شعب ابوطالب ۾ ٿي جنھن بعد ساڳي سال بائڪاٽ واري دستاويز کي سن 10 نبوي اڏھي کائي وئي ۽ اھو احوال ابو طالب پاڻ سڳورن ﷺ جن کي ٻڌايو[37][38][39][40]. مشرڪ ان واقعي تي لڄي ٿيا ۽ ٽي سالن جي ظلم ۽ ڏاڍ بعد ابو طالب جي زندگي دوران ان معاهدي تان پاڻ ئي ھٿ کڻي ويا جنھن بعد نبي ڪريم ﷺ جن پنھنجي ڪڙم قبيلي سان گڏجي مڪي اندر پنھنجي اباڻن گھرن ڏانھن موٽي آيا[10]. ان بعد معراج جو واقعو پيش آيو[7]. ساڳي سال رمضان جي 7 تاريخ تي ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق ذوالحج جي مھيني ۾ ابو طالب جو انتقال ٿيو[10]. رمضان يا رجب جي مھيني ۾ سن 10 نبوي ۾ وفات ڪئي[6]. سندس وفات کان 2 مھينا ۽ 3 ڏينھن بعد بيبي خديجه رضه پڻ وفات ڪري وئي[6]. سندس وفات کان ھڪ مھينو بعد نبي ڪريم ﷺ بيبي سودہ رضه سان شادي ڪئي[6]. ابو طالب جي انتقال بعد ابو لھب ملي ڀگت سان پاڻ کي بنو ھاشم جو سردار قرار ڏئي نبي ڪريم ﷺ کي بنوھاشم قبيلي مان نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو جنھن جو مطلب کين قبيلائي تحفظ کان محروم ڪري سندن قتل لاء راھ ھموار ڪرڻ ھيو[7]. ساڳي سال شوال جي 27 تاريخ تي پاڻ سڳورا ﷺ جن طائف ويا جتي ثقيف قبيلي وارن کي اسلام جي دعوت ڏني. اتي 26 ڏينهن ترسيا پر طائف وارن کين ستايو ۽ تڪليفون ڏنيون[10]. مسلمانن جي عقيدي مطابق طائف مان واپسي تي نخلہ نالي ڳوٺ ۾ منزل ڪئي جتي 7 جنن جو وفد ساڻن مليو جن اسلام جي دعوت قبول ڪئي[10]. ڪجهه صاحب علم ماڻھن جو خيال آهي تہ لفظ جن معني غائب آھي جيڪو لفظ ريگستان جي خانه بدوش بدوي قبيلن لاء پڻ استعمال ڪيو ويندو ھو ڇوته اھي عربن جي تمدني زندگي ۾ ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندا ھيا. محمد هاشم ٺٽوي ڪتاب آڪام المرجان جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته مڪي ۽ مديني ۾ جنن جا مختلف وفد ڇھ ڀيرا جدا وقتن تي پاڻ سڳورن ﷺ جي جي خدمت ۾ حاضر ٿيا[10][41]. سن 11 نبوي (620ع[7]) ۾ مديني کان آيل حاجين (منیٰ ۾[7]) عقبه جي ويجھو رسول ﷺ جي ھٿ مبارڪ تي بيعت ڪئي جنھن سان مديني وارن اسلام ۾ داخل ٿيڻ جي شروعات ڪئي[10]. ان کي بيعت عقبه سڏيو ويندو آهي. ان ۾ روايتن مطابق 6 يا 8 ڄڻا شامل هئا جن ۾ ابو اسامه اسد بن زرارہ خزرجي، برآء بن معرور بن صخر اوسي ، ابوالھيثم بن تيھان، معاذ بن حارث ۽ ان جا ٻہ ڀائر جن ۾ عوف بن حارث پڻ شامل ھئا[10]. سن 12 نبوي ۾ معراج وارو واقعو پيش آيو[10]. ساڳي سال رجب جي مھيني ۾ عقبه جي مقام لڳ ٻين بيعت ڪئي وئي جنھن ۾ مديني کان آيل 13 ڄڻا ھرھڪ بشير بن سعد، سعد بن معاذ، عبدالله بن عمرو ۽ سندس ننڍڙو پٽ جابر بن عبدالله، اسيد بن حضير، ابي بن ڪعب، عبادہ بن صامت، ابو مسعود عقبه بن عمرو، ذڪوان بن عبد قيس زرقي، رافع بن مالڪ، قطبہ بن عامر، عتبہ بن عامر ۽ عويد بن ساعدہ شامل هئا[10]. ان زماني ۾ حج رجب جي مھيني ۾ ان ڪري ٿيندو ھو جو مشرڪن ۾ جھالت سبب نسي جو رواج ھو يعني ھو پنھنجي مرضيءَ موجب ڦيرڦار ڪري ان کي اڳي پوء ڪندا ھئا[10]. ساڳي سال مصعب بن عمير کي مديني قرآن ۽ نماز پڙھائڻ لاء موڪليو ويو[10]. سن 13 نبوي ۾ ذوالحج جي مھيني ۾ عقبه وٽ ٽين بيعت ڪئي وئي[10]. بيعت ڪندڙ جماعت ۾ 73 مرد ۽ 2 عورتون شامل هيون جن ۾ ابو رفاعہ رافع بن مالڪ عجلاني، ابو لبابه رفاعہ بن عبدالمنذر اوسي، ابو طلحه زيد بن سھل خزرجي، سعد بن ربيع خزرجي، عبدالله بن جبير، عبدالله بن رواحہ، عبدالله بن زيد حارثي، مشھور شاعر ڪعب بن مالڪ، معاذ بن جبل شامل هئا[10].

مدني زندگي

يثرب ڏانھن ھجرت

قريش کي پريشاني ٿي تہ مسلمانن عربستان ۾ يثرب کي پنھنجو مرڪز بڻائي رھيا ھيا جتي اھي طاقتور ٿي سگھيا پئي ۽ اھي انھن جي شام طرف واپاري رستن جي لاء خطرو بڻجي سگھيا پئي. کين ڳڻتي ھئي تہ پيغمبر ﷺ متان يثرب ڏانھن ھجرت ڪري. انھن ڳڻتين جي ڪري انھن جا امير دارالندوہ ۾ گڏ ٿيا[6]. نجد جو شيخ جليل پڻ شريڪ ٿيو جنھن نبي ڪريم ﷺ کي قيد ڪرڻ جي مشوري جي مخالفت ڪئي جنھن بعد ابو جھل کين سڀني قبيلن جي چونڊيل ماڻھن ذريعي قتل ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو جيڪو قبوليو ويو[6]. روايتن مطابق جبرائيل پيغمبر ﷺ کي ان منصوبي جي آگاھي ڏني ۽ الله جي طرفان کيس ھجرت ڪرڻ جو حڪم ڏنو[6]. پيغمبر ﷺ علي بن ابي طالب کي آگاھ ڪندي سندس بستري تي سمھڻ لاء چيو. جڏھن قتل لاء موڪليل گروہ اھڙي طرح ناڪام ٿي ويو[6]. سن 1 ھجري ۾ خميس ڏينهن ربيع الاول جو چنڊ ڏسي نبي ڪريم ﷺ جن مڪي کان يثرب ڏانھن ھجرت شروع ڪئي. ان وقت ساڻس گڏ حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ ان جو غلام عامر بن فھيرہ ۽ ھڪ ٽيون شخص عبدالله بن اريقط ديلي پڻ گڏ ھيا[10][42][43][44][45][46]. ان وقت عبدالله بن اريقط غير مسلم ھيو[10]. ھي جابلو توڙي ميداني رستن جي وڏي ڄاڻ رکندڙ ھيو ۽ ھجرت وقت غار ثور لڳ ٻہ ڏاچين سميت اتي پھتو ھو ۽ کين ڳاڙهي سمنڊ واري غير معروف رستي کان يثرب وٺي آيو[1]. ھجرت وقت پاڻ سڳورن ﷺ جن دعا گھري تہ:

اللهم اعنى علیٰ هول الدنيا وعوآئق الدهر و مصآئب اللیالی والایام۔
"اي منھنجا مالڪ، منھنجي مدد فرماءِ، دنيا جي مصيبتن کان، زماني جي رڪاوٽن کان ۽ رات ڏينھن جي گردشن کان"

— [10][43]

غار ثور ۾ جمعي ، ڇنچر ۽ آچر واريون ٽي راتيون ترسيا[10][47] ۽ پوءِ سومر واري رات چنڊ جي پنجين تاريخ ان غار مان نڪري پنڌ شروع ڪيو ۽ ربيع الاول جي ٻارھين تاريخ سومر ڏينھن ڪچڙي منجھند مھل مديني لڳ قبا ۾ داخل ٿيا جتي ڏھن راتين کان مٿي ترسيا ۽ مسجد قبا جوڙائي پوء جمعي جي ڏينهن ربيع الاول جي 23 تاريخ تي مديني ۾ اندر داخل ٿيا[10]. 16 ربيع الاول 1ھ تي جمعي جي ڏينھن 2 جولاء 622ع تي يثرب جي سرزمين تي قدم رکيو ۽ پھريون قيام يثرب کان 2 ميل پري قبا جي مقام تي ڪيو[7]. علي بن ابي طالب پڻ پيادل ھجرت ڪري ان مقام تي انھن سان مليو[7]. ھي مڪي ۾ ٽي ڏينھن ترسي نبي ڪريم ﷺ طرفان سونپيل ڪم پورا ڪري پوء مڪي کان پيدل روانو ٿي قبا ۾ پھتو[6]. اھا اسلام جي پھرين مسجد ھئي[1]. ھڪ ٻي روايت مطابق 12 ربيع الاول تي مديني ۾ داخل ٿيا[10]. حضرت علي ڪرم الله وجهه ھجرت ڪري قبا ۾ پھتا. قبا ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن حڪم ڏنو ته ھجرت واري ڏينھن کان اسلامي تاريخ جي شروعات ڪئي وڃي ۽ سال جو پھريون مھينو محرم مقرر ڪيو وڃي[48]. بني عامر بن عوف وارن جي دعوت تي قبا ۾ 14 ڏينھن ترسيا[7]. قبا ۾ سعد بن خثيمہ يا ڪلثوم بن ھدام جي گھر ٽي يا چار ڏينھن ترسيا ۽ مسجد قبا جو بنياد رکيو[6]. جمعي ڏينھن ابوبڪر صديق سان گڏجي روانا ٿيا. پنھنجي بنو نجار واري ناناڻي گھر نياپو موڪليو ھيو جيڪي قبا ۾ پھتا ۽ ساڻن مديني گڏ ھلڻ شروع ڪيو[6].

مديني ۾ آجيان ۽ مسجد نبوي جي قيام

سن 1 ھجري ۾ جمعي جي ڏينهن قبا کان مديني وڃڻ وقت 23 ربيع الاول تي سالم بن عوف وارن جي ڳوٺ ۾ جمعي جي نماز پڙھي پوء مديني پھتا[10]. جڏھن بنو سلم بن عوف وارن جي وسندي ۾ پھتا تہ جمعي جي نماز ۾ سوين ماڻھن امامت ڪيائون[6]. مديني ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن خوشي ۾ ٻاھر نڪري سندن آجيان ڪئي[10]. انھن ڳائيندي سندن آجيان ڪئي[6]. پاڻ سڳورا ﷺ ڏاچِي تي سوار ھيا. ھر قبيلي جي ماڻھن ڏاچِي جي مھار جھلي کين سندن مھمان ٿيڻ لاء عرض ڪري رھيا ھئا. پاڻ ﷺ فرمايو تہ " توھان ڏاچِي کي ڇڏيو! ھوءَ الله جي امر سان ئي ويھندي"[10][49][6]. ڏاچِي ابو ايوب انصاري جي گھر آڏو پھچي اتي ويھي رھي. پاڻ ﷺ جن ابو ايوب انصاري جي گھر ست مھينا ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق ھڪ مھيني کان گھٽ ترسيا ۽ حجرن ۽ ڪمرن جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو پوء اتي منتقل ٿيا. جنھن بعد مسجد نبوي جو بنياد رکيو ويو[10]. ڏاچي ھڪ جاء تي گوڏا کوڙيا پر نبي ڪريم ﷺ جن نہ لٿا پوء اھا اٿي اڳتي ھلي ۽ وري موٽي ساڳي جاء تي ويٺي ۽ ان جاء تي مسجد نبوي جو بنياد وڌو ويو[6]. ڏاچي جنھن جاء تي ويٺي اتي نبي ڪريم ﷺ 100 ڪيوبٽ (ماپ جو يونٽ برابر ھڪ ٻانھن جي) ڊيگھ ۽ ويڪر وارو پلاٽ مسجد ٺاھڻ لاء خريد ڪيو[6]. مسجد جو ديوارون ڪچين سرن سان گاري جي اوساري سان جوڙيون ويون. ڇت ۾ کجي جي ي ٿڙن جا ڇھتير رکي کجي جي شاخن سان ڇت کي ڍڪيو ويو ۽ فرش تي سنھيون پٿريون ۽ واري وڇائي وئي[6]. مسجد جي جا ٽي دروازا ٺھيا ويا ۽ ان جو قبلي وارو رخ بيت المقدس ڏانھن رکيو ويو[6]. نبي ڪريم ﷺ پاڻ مھاجرن ۽ انصارن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ اصحابي ڪم وقت ڳائيندا پڻ رھيا[6]. مسجد سان گڏوگڏ ٻہ ھجرا پٿرن ۽ گاري جي اوساري سان پڻ تعمير ڪيا ويا جن مان ھڪ بيبي سودہ جي رھائش لاء ھيو ۽ ٻئي ۾ بعد ۾ بيبي عائشه رھڻ لڳي[6].

 
پندرھين صدي ۾ مسجد نبوي جي ٺاھيل دستاويزي تصوير

عمر فاروق جي مشوري کي نبي ڪريم ﷺ پسند ڪندي نماز لاء ماڻھن کي سڏڻ لاء اذان جو طريقو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو[6]. بلال جي خوبصورت آواز ھجڻ ڪري ان کي پھريون مؤذن بڻايو ويو[6].


مديني ۾ ڇھ مھينا ترسڻ بعد نبي ڪريم ﷺ زيد بن حارث ۽ عبدالرافع کي مڪي مان گھرڀاتين کي وٺي اچڻ لاء روانو ڪيو جيڪي واپسي ۾ انھن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيا جن ۾ بيبي فاطمه الزهراء رضه، بيبي سوده، ام ڪلثوم، ام ايمن، اسامه بن زيد، عبدالله بن ابوبڪر، ۽ ابوبڪر جا گھر ڀاتي بيبي عائشه، ان رومان ۽ عاصمه شامل هئا[6].

رياست جو قيام

مسجد نبوي عبادتن جي روحاني مرڪز، ديني تعليم جي اداري ھجڻ سميت سياسي ۽ فوجي معاملن لاء رياستي صدر مقام پڻ ھئي جتي نبي ڪريم ﷺ جن رياستي معاملا طئي ڪرڻ ۾ مشغول رھندا ھيا[7].

ميثاق مدينه

مديني جي ٻاھران يھودي قبيلا بنو قريظه ، بنو نضير ۽ بنو قينقاع سان گڏوگڏ ٻيا غير مسلم انصار رھندڙ ھيا جن سان نبي ڪريم ﷺ جن ھڪ معاھدو ڪيو جنھن کي ميثاق مدينه جو نالو ڏنو ويو جنھن مطابق مسلمان ۽ يھودي پاڻ ۾ اتحادي رھندا ۽ ڪنھن بہ ٻاھرين جي حملي وقت پاڻ ۾ گڏجي شھر جو دفاع ڪندا [7]. ان معاهدي تحت يھودين کي جان ، مال ، آبرو ، مذھبي آزادي ۽ سندن داخلي معاملن ۾ مڪمل خودمختياري جو تحفظ ڏنو ويو[7]. ميثاق مدينه مطابق انصار ۽ ٻيا قبيلا جيڪي يھودين وغيره سان ميثاق تي صحيحون ڪندا اھي الڳ ھڪ امت ھوندا. ميثاق جا ھيٺيان شرط ھيا[6]:

  1. مسلمانن ۽ غير مسلم آبادين وچ ۾ خون بھا جي ادائيگي ۽ قيدين جي آزادي جو طريقو پراڻي روايت مطابق اختيار ٿيندو. مديني جون ٻئي غير مسلم آباديون مسلمانن جي تاوان ۽ خون بھا ۾ مدد ڪنديون.
  2. مديني جون ٽئي قوتون گڏجي مجرمن، باغين يا مخالف دشمن فوجن جي خلاف متحد رھندا پوء کڻي آھي سندن نسل وارا ڇونہ ھجن.
  3. ڪوبہ مسلمان ڪنھن غير مسلم جي مدد ۾ ڪنھن مسلمان کي نہ ماريندو ۽ نه وري ڪو مسلمان ڪنھن ٻئي مسلمان جي خلاف ڪنھن غير مسلم جي مدد ڪندو.

مدني دؤر

سن پھرين ھجري ۾ اذان ۽ اقامت جي شروعات ڪئي وئي[10]. ساڳي سال عبدالله بن زبير قبا ۾ ڄائو جيڪو ھجرت ۾ ڄمندڙ پھريون ٻار ھيو[10]. ھڪ روايت مطابق ساڳي سال زڪوات فرض ڪئي وئي ۽ ٻي روايت مطابق 2 ھجري ۾ رمضان جي روزن بعد فطري ادا ڪرڻ جو حڪم آيو جنھن بعد زڪوات کي فرض ڪيو ويو[10]. 1 ھجري ۾ شوال جي مھيني دوران ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق 2 ھجري ۾ بيبي عائشه رضه جي رخصتي ٿي[10]. 1 ھجري ۾ جڏهن نبي ڪريم ﷺ جن ابو ايوب انصاري جي گھر پھتا ان وقت عبدالله بن سلام پنھنجي خاندان سميت اسلام ۾ داخل ٿيو. ساڳي سال يھودين جي بنو قريظه قبيلي جي عثمان بن اشھل قرظي جو کجين جي باغ ۾ نوڪري ڪندڙ سلمان فارسي رضه ۽ ڏھن سالن جو انس بن مالڪ انصاري خزرجي پڻ اسلام ۾ داخل ٿيا. پاڻ سڳورن ﷺ جي نياڻي سيده رقيه رضه رمضان جي مھيني سن 2 ھجري ۾ وفات ڪئي. سن 2 ھجري ۾ بطن رابغ ۾ عبيدہ بن حارث جي اڳواڻي ۾ پاڻ سڳورن طرفان موڪليل جھادي مھم دوران بطن رابغ ۾ الله جي راھ ۾ پھريون تير سعد بن ابي وقاص ھلايو[10][50]. ساڳي سال قبلي جي تبديلي جو واقعو ٿيو جنھن تحت بيت المقدس جي جاء تي ڪعبة الله کي مسلمانن جو قبلو مقرر ڪيو ويو. اھو اڱاري جو ڏينهن ھيو ۽ پاڻ سڳورا ﷺ جن بنو سلمه وارن جي مسجد ۾ ٻنپھرن جي نماز پڙھائي رھيا ھئا ۽ جڏھن پھريون 2 رڪعتون پوريون ڪيائون تہ ان وچ ۾ حڪم نازل ٿيو[51][10]. ۽ نماز دوران پاڻ سڳورن ﷺ جن رخ ڦيرائي ڪعبي طرف ڪيو ۽ مقتدين بہ ان عمل کي ورجايو[10] ۽ باقي 2 رڪعتون ڪعبي طرف منھن ڪري پڙھيون ويون جنھن ڪري ان مسجد تي مسجد قبلتين جو نالو پئجي ويو. ساڳي سال پاڻ سڳورن ﷺ جن عاشوري جي ڏينهن روزو رکيو ۽ ماڻھن کي فرمايو تہ روزو انھن تي واجب آهي[10]. ساڳي سال يعني 2 ھجري ۾ رمضان جا روزا فرض ڪيا ويا ۽ ساڳي سال نبي ڪريم ﷺ جن تي صلوات پڙھڻ جو حڪم آيو[10]. ھن سال فطري ادا ڪرڻ جو حڪم ۽ ٻنھي عيدن تي عيد نماز پڙهڻ جو حڪم پڻ نازل ٿيو. نبي ڪريم ﷺ جن عيد الفطر جي پھرين نماز ۽ عيد الاضحي جي پھرين نماز پڻ ھن سال پڙھايون ۽ ساڳي سال قرباني ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو[10]. ساڳي سال عبدالله بن مسعود حبشه مان مديني موٽي آيو. ھن سال اسلامي تاريخ جو ڪنھن بہ سريا جي پھرين سپه سالار عبدالله بن جحش واري سريه ۾ مسلمانن ھٿان پھريون مشرڪ ماريو ويو جنھن جو نالو عمرو بن العلاء حضرمي ھيو ۽ ان سريا ۾ مشرڪن جا پھريون دفعو ٻہ ماڻھو قيدي ٿيا جن ۾ حڪم بن ڪيسان ۽ عثمان بن عبدالله شامل هئا [10]. ھن سال جنگ بدر لاء تياري دوران سعد بن عبادہ ھڪ زرہ ذات الفضول جي نالي سان نبي ڪريم ﷺ جن جي حوالي ڪئي جيڪا سڄي ڄمار پاڻ سڳورن ﷺ جن وٽ رھي[10]. آخري زماني ۾ پاڻ سڳورن ﷺ اھا زرہ 30 سير جون (barley) جي عيوض ابو شحم نالي يھودي وٽ گروي رکي ھئي، جيڪا سندن وصال بعد ابوبڪر صديق رضه اھو قرض ادا ڪري ڇڏائي[10]. 12 رمضان سن 2 ھجري (624ع) تي 300 مسلمانن جي لشڪر سان، جن ۾ 60 مھاجر ۽ باقي انصار شامل هئا، مديني مان بدر طرف روانا ٿيا[7]. ,نڪرڻ وقت ابولبابہ کي مديني جو گورنر مقرر ڪيو ويو[7]. بدر ڳوٺ واپاري قافلن واري رستي لڳ مديني کان 80 ميلن جي فاصلي تي واقع ھيو[7]. مڪي جي قريش جي لشڪر ۾ سازوسامان سميت ھڪ ھزار ماڻھو ھيا جن جو سپه سالار عتبه ابن ربيعه ھيو. ان لشڪر ۾ 100 گھوڙيسوار پڻ ھيا[7]. غزوه بدر ۾ جڏھن مسلمان روحا ٽپي صفراء ويجھو پھتا تہ پاڻ سڳورن ﷺ اصحابين سان مشورو ڪيو. جنگ دوران عڪاشہ بن محصن اسدي جي تلوار ٽٽي پئي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن ان کي کجي جي ھڪ ڳاني ڏئي ان جي مدد سان مقابلو ڪيو[10]. ھن اھا ڳاني مرڻ گھڙي تائين پاڻ وٽ سنڀالي رکي ھئي. بدر جي جنگ ۾ عبدالله بن سھيل ڪافرن جو لشڪر ڇڏي مسلمان ٿي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿيو. ھن سال غنيمت جو مال مسلمانن لاء حلال ڪيو ويو. جنگ بدر ۾ نبي ڪريم ﷺ جن کي ذوالفقار نالي تلوار ھٿ آئي جيڪا مشرڪن مان عاص بن منبه يا ھڪ ٻي روايت مطابق نبيه بن حجاج جي ملڪيت ھئي[10]. اھي ٻئي غزوہ بدر ۾ مارجي ويا هئا. ھڪ روايت مطابق بعد ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جن اھا تلوار حضرت علي ڪرم الله وجهه کي عطا ڪئي ھئي[10]. غزوه بدر ۾ 14 مسلمان شھيد ٿيا جن ۾ 6 مھاجر ۽ 8 انصار ھيا. ابو جھل، عتبہ بن ربيعه، شيبه بن ربيعه، اميہ بن خلف، ۽ وليد بن عتبہ سميت 70 ڄڻا ھن جنگ ۾ مارجي ويا. ابو جھل زخمي ٿيل پوئين پساهن ۾ ھيو عبدالله بن مسعود تلوار سان سر قلم ڪيو[10]. 70 ڄڻا قيد ڪيا ويا جن ۾ عباس بن عبدالمطلب ، عقيلي بن ابو طالب ، نوفل، اسود ابن عامر پڻ شامل هئا. رسول ڪريم ﷺ مسلمانن کي سختي سان تاڪيد ڪئي تہ قيدين سان نرمي وارو ورتاءُ رکن[7]. سن 2 ھجري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ڪنيت ابو تراب تجويز ڪئي[10]. غزوه بدر کان پوءِ ساڳي سال ابو لهب عدسہ نالي ھڪ موذي ۽ وچڙندڙ چمڙي جي بيماري ۾ فوت ٿي ويو[52][10]. ساڳي سال پاڻ سڳورن ﷺ پنھنجي نياڻي سيدہ فاطمه الزهراء رضه جو نڪاح حضرت علي ڪرم الله وجهه سان ڪرايو. سن 3 ھجري ۾ شعبان جي مھيني ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جو بيبي حفصه بنت عمر سان نڪاح ٿيو. ساڳي سال رمضان جي مھيني ۾ سندن نڪاح بيبي زينب بنت خزيمه ھلاليه سان ٿيو. ھن سال پاڻ سڳورن ﷺ جن جو ڏھوٽو عبدالله بن عثمان بن عفان وفات ڪري ويو[10]. ربيع الاول جي مھيني ۾ ساڳي سال سندن نياڻي سيدہ ام ڪلثوم جو نڪاح عثمان بن عفان رضه سان ٿيو ۽ ساڳي سال امام حسن رضه جو جنم ٿيو. ان جو نالو والدين حرب رکيو پر نبي ڪريم ﷺ جن کيس حسن جو نالو ڏنو[1]. شبر، شبير ۽ مشبر ھارون نبي جي پٽن جا نالا ھيا جيڪي عبراني زبان جا لفظ ھيا انھن جو عربي بدل حسن ، حسين ۽ محسن ھيا[1]. سن 3 ھجري ۾ ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق 4 ھجري ۾ شراب کي حرام ڪيو ويو[51]. ساڳي سال شوال جي مھيني ۾ غزوه احد وارو واقعو پيش آيو جنھن ۾ 70 اصحابي شھيد ٿيا جن ۾ حمزہ رضه، مصعب بن عمير رضه ، عبدالله بن جحش رضه پڻ شامل هئا[10]. بدر جي شڪست ھڪ سال پوء قريش مڪي مان 3000 ماڻھن جو لشڪر مديني تي حملي لاء موڪليو ۽ مسلمانن جو 1000 ماڻھن جو لشڪر مديني مان نڪتو جنھن مان عبدالله بن ابي ۽ سندس 300 ساٿي شوط واري مقام لڳ رستي مان ئي واپس مديني موٽي ويا جنھن سبب بنو سلمه ۽ بنو حارثه قبيلن جا ماڻھو پڻ دلشڪستا ٿيا ۽ انھن پڻ موٽڻ جو ارادو ڪيو ھو پر پوء باقي 700 ڄڻا جبل احد جي ڪڇ لڳ مديني کان 4 ميلن جي فاصلي تي پھتا جتي جنگ لڳي[53]. قريش جو لشڪر 12 شوال سن 3 ھجري (20 مارچ 625ع) تي جبل احد لڳ اربع جي ڏينهن خيما کوڙيا ۽ مسلمانن جو لشڪر جمعي ڏينهن مديني مان روانو ٿيو[7]. مسلمانن جي پٺيان احد جبل ھيو ۽ سامھون مڪي وارن جو لشڪر ، پاسي ۾ ھڪ جابلو لنگھ تي عبدالله بن جبير جي قيادت ۾ 50 تيراندازن جو جٿو ويھاريو ويو جن کي حڪم ھيو تہ ڪنھن کي بہ مسلمانن جي لشڪر طرف اچڻ نه ڏين ، ڪنھن صورت ۾ بہ اتان نہ ھٽن ڀلي کڻي پکين کي انھن جون ٻوٽيون نوچيندي ڇونہ ڏسن پر جاء تان ھرگز نه ھٽن[53]. نبي ڪريم ﷺ جن عبدالله بن جبير جي سرواڻي ۾ پنجاھ کن تيراندازن کي ٻن جبلن وچ واري گھاٽ تي مقرر ڪيو ھو ۽ حڪم ڏنو ھو تہ ھر حالت ۾ پير پٺتي نہ ھٽائين پوء کڻي سوڀ ٿئي يا نہ ٿئي. عبدالله بن جبير ۽ ڪجهه ڄڻا حڪم تي ڪاربند رھيا باقي ٻيا سڀ مال غنيمت جي ميڙڻ ۾ لڳي ويا. عبدالله بن جبير پنھنجي مقام تي ئي شھيد ٿي ويو[10][54][53]. ،،مشرڪن جي لشڪر ۾ خالد بن وليد رسالدار ھيو جنھن صورتحال جو فائدو وٺندي 100 گھوڙي سوارن جي دستي کي احد جبل جي پٺيان ڦيرائي ان جابلو لنگھ کان مسلمانن جي لشڪر تي حملو ڪيو جنھن سان بازي ڦري وئي ۽ ڀڄي ويل دشمن پڻ موٽي اچي حملي آور ٿيا[53]. رڳو ڪجهه جانثار مقابلي ۾ ڄمي بيٺا باقي مسلمانن ۾ ڀاڄ پئجي وئي[53]. جنگ ۾ اھو اڃان تائين حل نہ ٿي سگھندڙ معمو بڻيل آهي تہ آخر مڪي وارا مڪمل فتح کان اڳ ڇو اتان پوئتي موٽي ھليا ويا[53]. غزوه احد ۾ عتبه بن ابي وقاص پاڻ سڳورن ﷺ کي پٿر ھيون جنھن سان اڳين ڏندن مان ساڄي پاسي ھيٺيون ڏند مبارڪ شھيد ٿيو[10]. ابي بن خلف پاڻ سڳورن ﷺ مٿان تلوار سان حملو ڪيو ان وقت پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ھٿ ۾ ھڪ ننڍڙو نيزو ھيو، جڏھن ويجھو ٿيو تہ ان مشرڪ کي اھو نيزو ھنيو جنھن سان سندس پاسيراٽيون ڀڄي پيون جيڪو پوء مڪي کان ھڪ ڏينھن جي پنڌ تي واقع مرالظھران نالي ڳوٺ ۾ فوت ٿي ويو[10]. مشرڪن جي لشڪر مان عبدالله بن شھاب پاڻ سڳورن ﷺ ڏانھن تير اڇلائي کين زخمي ڪيو. اھو بعد ۾ مسلمان ٿيو ۽ امام زھري جو ڏاڏو ھيو[10]. کيس عبدالله اصغر پڻ سڏيندا هئا[55]. غزوہ احد ۾ عبدالرحمان بن عوف کي 21 زخم رسيا[10][56]. احد جي جنگ ۾ 70 مسلمان شھيد ٿيا[53]. ابوسفيان ويندي وقت مسلمانن کي چيلينج ڪيو تہ ايندڙ سال بدر جي ي مقام تي انھن سان مقابلو ٿيندو.[53] احد جي شھيدن مان نبي ڪريم ﷺ جن پھريان حمزه رضه جي نماز جنازه پڙھائي ۽ بعد ۾ سڀني شھيدن جي. ھر شھيد کي آڻي حمزه رضه جي ميت ڀرسان رکيائون پوء ان جي نماز پڙھي وئي اھڙي طرح حمزه رضه جي مٿان 70 ڀيرا نماز پڙھي وئي. ان روايت جي بنياد تي حنفين ويجھو شھيد جي نماز پڙھي ويندي آهي[10]. ھڪ روايت مطابق نبي ڪريم ﷺ جن شھيدن جي جنازي جي نماز نہ پڙھائي ھئي ان ڪري شافعين ۾ شھيدن جي جنازي جي نماز نہ پڙھي ويندي آهي[10]. سن ن 4 ھجري ۾ غزوه بنو نضير جو واقعو پيش آيو جنھن جي پڄاڻي بعد ان قبيلي جي ماڻهن کي سندن گھرن ۽ گھاٽين مان تڙي ڪڍيو ويو[10]. ھڪ روايت مطابق ساڳي سال شراب جي حرمت جو حڪم آيو[10]. سن 4 ھجري ۾ ام المؤمنين بيبي زينب رضه وفات ڪئي. ساڳي سال نماز ۾ قصر جو حڪم آيو. سن 5 ھجري ۾ غزوه خندق واقع ٿي. جنگ ۾ مخالف لشڪر مان حبان بن قيس جو تير سعد بن معاذ کي پٺي واري ڦڻي ۾ لڳو جيڪو غزوہ خندق ۽ غزوہ بنو قريظه جي پڄاڻي کانپوءِ وفات ڪري ويو[10]. ساڳي سال غزوہ بنو قريظه ۾ يھودين جو سردار ۽ بيبي صفيه رضه جو پيءُ حيي بن اخطب مارجي ويو[10]. سن 5 ھجري ۾ بنو مزينہ وارن جي وفد ۽ عبدالقيس واري وفد نبي ڪريم ﷺ جن سان ملاقات ڪري اسلام ۾ داخل ٿيا. ساڳي سال ذوالحج جي مھيني ۾ رسول الله ﷺ پنھنجي گھوڙي تي سوار ٿي غابہ ڏانھن وڃي رھيا ھئا تہ گھوڙي تان ڪري پيا جنھن ڪري سندن پير مڙي پيو ۽ پاسي ۾ رھڙا بہ آيا جنھن ڪري ڪيترا ڏينھن گھر کان ٻاهر نه نڪتا ۽ مسجد ۾ بہ نہ وڃي سگھيا ۽ نماز گھر ۾ ويٺي ادا ڪئي[10][57]. سن 5 ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق سن 6 ھجري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن مديني ۾ گھوڙن جي گوء ڪرائي[10][58][59]. سن 5 يا ھڪ روايت مطابق 6 ھجري ۾ غزوه بني مصطلق واقع ٿي جنھن بعد بيبي عائشه رضه مٿان بھتان وارو افڪ جو واقعو پيش آيو[10]. افڪ معني آهي اھڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪا حقيقت جي ابتڙ ھجي[1]. سن 6 يا 7 ھجري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن اھڙي منڊي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنھن ۾ ٽن سٽن ۾ محمد رسول الله کليل ھجي. اھڙيءَ طرح يعلیٰ بن اميہ نالي صحابي اھا منڊي تيار ڪئي جنھن جي مھر ۾ مٿين سٽ ۾ الله وچين ۾ رسول ۽ ھيٺين سٽ ۾ محمد اڪريو ويو. منڊي تيار ٿيڻ بعد نبي ڪريم ﷺ جن عجمي حاڪمن کي 6 خط موڪلي دين جي دعوت ڏني[10]. اھي خط عمرو بن اميه ذريعي حبش جي حاڪم نجاشي ڏانھن، دحيہ بن خليفه ڪلبي ذريعي روم جي قيصر (سيزر) ھرقل ڏانھن ، عبدالله بن خذافہ سھمي ذريعي ايران جي ڪسرا ( خسرو) پرويز بن ھرمز بن نوشيروان ڏانھن، حاطب بن ابي بلتعہ لخمي ذريعي مصر ۽ اسڪندريہ جي حاڪم مقوقس ڏانھن ۽ شجاع بن وھب ذريعي دمشق جي ھڪ ماڳ غوطہ جي حاڪم حارث بن ابوشمر غساني ڏانهن ۽ سليط بن عمرو ذريعي يمامہ جي حاڪم ھوذہ بن علي حنفي ڏانهن روانا ڪيا[10]. سن 6 ھجري ۾ نبي ڪريم ﷺ طرفان اٺن جي گوء پڻ ڪرائي وئي جنھن ۾ پاڻ سڳورن جي ڏاچِي قصواء پڻ شامل ھئي پر ان کان ھڪ اعرابي جو توڏو گوء کڻي ويو[10]. سن 7 ھجري ۾ نبي ڪريم ﷺ جن عمرةالقضاء ادا ڪيو ۽ ڏاچي تي سوار ٿي مڪي ۾ داخل ٿيا جنھن جي مھار عبدالله بن رواحہ جي ھٿ ۾ ھئي. جڏھن بيت الله جي طواف لاء مسجد الحرام ۾ ۾ داخل ٿيا تہ ڪافر ڪنڊ ۾ ويٺا هئا[10]. ان وقت پاڻ سڳورن ﷺ جن بلال رضه کي حڪم ڏنو ته ڪعبي جي ڇت تي بيھي اذان چوي[10][60] [61][62]. پاڻ سڳورا ﷺ جن تڏھن ڪعبي ۾ بتن جي ھجڻ ڪري داخل نہ ٿيا ۽ اٺين ھجري ۾ مڪي جي فتح وقت بتن ٽوڙڻ بعد ان ۾ داخل ٿيا[10] [63][64]. عمرة القضاء جي ادائيگي بعد حمزه رضه جي ننڍڙي نياڻي امامه يا عمارہ پاڻ سڳورن ﷺ جن کي چاچا چاچا سڏيندي ڪڍ آئي جيڪا مديني تائين بيبي فاطمه الزهراء رضه وٽ رھي جنھن کي بعد ۾ سندس سؤٽ جعفر رضه جي سنڀال گهٽ آندو ويو جنھن جي گھرواري عمارہ جي ماسي ھئي ۽ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو تہ ماسي ماء جي جاء تي آهي[10]. سن 7 يا 8 يا 10 ھجري ۾ رسول الله ﷺ جن غسان جي حاڪم جبلہ بن ايھم ڏي دين جي دعوت جو خط موڪليو جنھن جي جواب ۾ اھو مسلمان ٿيو[10]. سن 7 ھجري ۾ مصر ۽ اسڪندريہ جي حاڪم مقوقس قبطي پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ سوکڙيون موڪليون جن ۾ ٻه ٻانھيون ماريه قبطيہ ۽ سندس ڀيڻ سيرين ، يعفور نالي گڏھ، دلدل نالي ھڪ خچر ، 20 عدد نفيس ململ جا ٿان، ھزار مثقال سون ، اعلي قسم جي ماکي ، ھڪ ڪاٺي جي ٺھيل شامي سرمي داڻي ، آئينو ، ڦڻي شامل ھيا[10]. سن 8 ھجري ۾ صفر جي مهيني ۾ عمرو بن العاص ، خالد بن وليد ۽ عثمان بن ابو طلحه مديني اچي پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ھٿ تي مسلمان ٿيا جن مان ٻہ مھينن بعد خالد بن وڏو ليد جنگ موته ۾ شرڪت ڪئي ۽ فتح تي کيس نبي ڪريم ﷺ جن سيف الله جو لقب ڏنو[10].

غزوات

الله جي راھ ۾ اھا جنگ يا جنگي مھم يا جھادي مھم جنھن ۾ رسول الله ﷺ جن شرڪت ڪئي ان کي غزوہ سڏيو ويندو آهي. زيد بن ارقم غزوات جو ڪل تعداد 19, جابر بن عبدالله وري 21 ٻڌايو آھي[1]. موسیٰ بن عقبه، ابن اسحاق، واقدي، ابن سعد، قسطلاني، ابن جوزي ۽ دمياطي انھن جو تعداد 27 ۽ علامه ابو عبدالله شامي پنھنجي ڪتاب سبل الھدیٰ والرشاد ۾ تعداد 28 ڄاڻايو آهي[1] جن ۾ ودان جي مقام تي غزوه ابوآء يا غزوه ودان (11 صفر 2 ھجري)، بواط جي مقام تي غزوه بواط (ربيع الاول 2 ھجري)، بدر جي مقام تي غزوه سفوان يا غزوه بدر اولا ( ربيع الاول 2 ھجري)، عشيره جي مقام تي غزوه عشيره ( جمادالاول 2 ھجري)، بدر جي مقام تي غزوه بدر ( 17 رمضان 2 ھجري)، قرقرة الڪدر جي مقام تي غزوه قرقرة الڪدر يا غزوہ بني سليم (شوال 2 ھجري)، عريض جي مقام تي غزوه سويق (5 ذوالحج ھجري)، نجد جي مقام تي غزوه ذي امر يا غزوہ غطفان (محرم 3 ھجري)، بحران جي مقام تي غزوه فرع (ربيع الاول 3 ھجري)، مدينه منوره جي مقام تي غزوه بنو قينقاع (جماد الاول يا شوال 3 ھجري)، جبل احد جي مقام تي غزوه احد ( شوال 3 ھجري)، حمراء الاسد جي مقام تي غزوه حمراء الاسد (17 شوال 3 ھجري)، عاليه جي مقام تي غزوه بنو نضير (ربيع الاول 4 ھجري)، بدر جي مقام تي غزوه بدرالآخيرہ يا بدراموعد (شعبان 4 ھجري)، دومة الجندل جي مقام تي غزوه دومة الجندل (ربيع الاول 5 ھجري)، مريسيع جي مقام تي غزوه بنو مصطلق يا غزوه مريسيع (شعبان 5 ھجري)، مدينه منوره جي مقام تي غزوه خندق (شوال 5 ھجري)، غران جي مقام تي غزوه بنو قريظه (ذوالقعد 5 ھجري)، نجران جي مقام تي غزوه بنو لحيان (رجب 6 ھجري)، حديبيه جي مقام تي غزوه حديبيه (ذوالقعد 6 ھجري)، ذي قرد جي مقام تي غزوہ ذي قرد ( ذوالحج 6 ھجري)، خيبر جي مقام تي غزوہ خيبر ( محرم 7 ھجري), واديء القریٰ جي مقام تي غزوہ واديءِ القریٰ ( صفر 7 ھجري)، نجد جي مقام تي غزوہ ذات الرقاع يا غزوہ محارب و بني ثعبله ( 10 ربيع الاول 7 ھجري), مڪي شريف جي مقام تي غزوہ فتح مڪه (10 رمضان 8 ھجري), حنين جي مقام تي غزوہ حنين ( 6 شوال 8 ھجري), طائف جي مقام تي غزوہ طائف ( شوال 8 ھجري), تبوڪ جي مقام تي غزوہ تبوڪ ( رجب 9 ھجري). جيڪي لشڪر رسول الله ﷺ جن اصحابين جي اڳواڻي ۾ جھاد لاء روانا ڪيا پر پاڻ شرڪت نہ ڪئي ان جنگي مھم کي سرايا يا بعوث سڏيندا آهن. اھڙين جنگي مھمن جو تعداد اٽڪل 79 ھيو.

صلح حديبيه

سن 6 ھجري ۾ سومر جي ڏينهن ذوالقعد جو چنڊ ڏسي نبي ڪريم ﷺ جن احرام ٻڌو ۽ عمري جي نيت سان 1300 ھڪ روايت مطابق 1400 يا 1500 مسلمانن ۽ قرباني لاءِ 70 اٺن سميت مڪي ڏانھن روانا ٿيا ۽ جڏھن حديبيه پھتا تہ مشرڪن سندن رستي روڪ ڪئي جنھن بعد صلح ٿي ۽ مسلمانن بغير عمري جي موٽي ويا[10]. حديبيه ۾ صحابين ھڪ ٻٻر جي وڻ جي ھيٺان ويھي نبي ڪريم ﷺ جن جي ھٿ تي ھٿ رکي بيعت ھنن لفظن ۾ ڪئي تہ "جي موت بہ آيو تہ پٺتي نہ ھٽنداسون". بيعت ۾ سڀ کان پھريون شخص ابو سنان وھب بن محصن اسدي ھيو[10]. صلح واري موقعي تي معاھدو ڪيو ويو ته ڌريون ڏھن سالن تائين جنگ نہ ڪنديون. معاھدو حضرت علي ڪرم الله وجهه جن لکيو[10]. واپسي ۾ رستي ۾ سورة الفتح نازل ٿي

خيبر جي فتح

سن 7 ھجري ۾ غزوه خيبر واقع ٿي[10]. خيبر ۾ يھودين جا 6 قلعا واقع ھيا جن مان سڀ کان مضبوط قلعو قموس ھيو جنھن جو مالڪ مرحب نالي سردار ھيو[1]. غزوه خيبر جي موقعي تي نبي ڪريم ﷺ فرمايو تہ:"سڀاڻي اسان اسلامي جھنڊو ان شخص جي حوالي ڪنداسون جيڪو الله ۽ ان جي رسول سان محبت ڪندڙ ھوندو ۽ الله ۽ ان جو رسول ان سان محبت ڪندڙ ھوندا". ٻئي ڏينهن اھو جھنڊو علي بن ابي طالب رضہ کي ڏيندي فرمايو تہ: " اي علي! ھتان جي رھاڪن سان وڙھڻ ۾ تڪڙ نہ ڪجانء، پھريان سندن آڏو دين جي دعوت ۽ الله جي حقن جي ڄاڻ رکجان. پوء رب سائين ھڪ ماڻھو کي به تنھنجي ھتان ھدايت تي ھلايو تہ تنھنجي لاء اھو ڳاڙھن اٺن کان بہ ڀلو آھي"[10]. ھن غزوہ ۾ مسلمانن جي لشڪر مان 15 ماڻھو فوت ٿيا جڏھن ته يھودين جا 93 ڄڻا مارجي ويا جن ۾ انھن جا جنگي جوڌا مرحب ۽ سندس ڀاء حارث، ٻہ سردار عامر ۽ ياسر پڻ شامل هئا[10]. مرحب ، حارث ۽ عامر کي علي بن ابي طالب رضہ ۽ ياسر کي زبير بن عوام ۽ ھڪ ٻي روايت مطابق علي بن ابي طالب رضہ قتل ڪيو[10]. مرحب سان ويڙھ دوران علي بن ابي طالب تلوار جو زوردار وار مرحب جي مٿي تي ڪيو جيڪو ان جي لوھي ٽوپلي، ۽ مٿي کي چيري سندس ڏندن تائين لڳو ۽ مرحب مارجي ويو[7]. جنگ ۾ جڏھن ڇتي ويڙھ شروع ٿي تہ پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ته "ھاڻي تنور تتو آھي"[10]. سخت ويڙھ بعد قاموس قلعو مسلمانن جي قبضي ۾ آيو تہ يھودين رحم جي درخواست ڪئي جيڪا قبول ڪئي وئي[7]. خيبر جي فتح بعد مرحب جي ڀائٽي ۽ ھڪ امير سلام بن مشڪم جي زال زينب بنت حارث نبي ڪريم ﷺ جن دعوت ڪئي جنھن ۾ ٻاڪري گوشت جي ڀاڄي ۾ زھر وجھي کين کارايو پر نبي ڪريم ﷺ جن کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ اھا عورت مسلمان ٿي وئي[10][65]. ھڪ ٻي روايت مطابق جڏھن بعد ۾ زھر سبب بشر بن براء فوت ٿي ويو تہ ان جي قصاص ۾ کيس قتل ڪيو ويو[10][66].

مڪي جي فتح

صلح حديبيه کان پوء مسلمانن کي امن سان تبليغ جو موقعو ملي ويو. قريش جي بڇ تي سندن اتحادي بنو بڪر قبيلي وارن بنو خزاعہ وارن تي حملو ڪيو جنھن ۾ قريش جا عڪرمہ بن ابوجھل ۽ صفوان بن اميه وارا شناخت مٽائي بنو بڪر وارن سان گڏجي وڙھيا. انھن حرم ۾ پناھ ورتي پر کين اتي قتل ڪيو ويو. بنو خزاعہ وارا مديني ۾ نبي ڪريم ﷺ وٽ دانھن کڻي آيا ۽ انصاف جي گھر ڪئي. نبي ڪريم ﷺ قريش ڏانھن ھيٺين ٽن شرطن مان ڪو به ھڪ قبول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو:

  1. جن کي قتل ڪيو ويو انھن جي خون بھا ادا ڪيو.
  2. قريش بنو بڪر قبيلي سان اتحاد ختم ڪن.
  3. صلح حديبيه جي منسوخي جو اعلان ڪن.

قريشن صلح حديبيه جي منسوخي جو شرط قبول ڪيو. جڏھن مسلم نمائندو واپس ھليو ويو تہ پوء انھن ارادو تبديل ڪيو ۽ ابوسفيان مديني ۾ نبي ڪريم ﷺ سان صلح حديبيه جي ٻيھر بحالي لاء ملڻ آيو پر نبي ڪريم ﷺ ساڻس نه مليو. ھن صحابين کي منٿ ڪئي تہ سندس مدد ڪن پر ڪجهه نہ وريس[7]. 10 رمضان سن 8 ھجري تي مسلمانن جي ڏھ ھزار ماڻھن جي لشڪر سان نبي ڪريم ﷺ مڪي ڏانھن روانو ٿيو. حرم ۾ رتوچاڻ کان بچڻ خاطر ان روانگي کي مخفي رکيو ويو تہ جيئن مڪي وارن کي تعجب ۾ وجھجي. جڏھن مڪي ٻاھران خيما کوڙيا ته رات جو لشڪر جي ھر سپاھي کي الڳ باھ ٻارڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت باھ جي ھڪ مچ جو مطلب 10 کان 15 ماڻھن جي بيٺڪ سمجھيو ويندو ھو[7]. ابوسفيان ، حاڪم اب حزام ۽ بديل ابن ورقه صلح جي لاء مسلمانن جي ڪئمپ ۾ پھتا پر ھاڻي اھو وقت ڪانه رھيو. ان بعد ابوسفيان عباس بن عبدالمطلب جي مدد سان نبي ڪريم ﷺ وٽ معافي لاء پيش ٿيو. عمر بن خطاب کيس اسلام جو سخت دشمن ھجڻ ڪري مارڻ لاء زور ڀريو پر نبي ڪريم ان تي رحم ڪندي فرمايو تہ ڊپ نہ ڪر. ان کي اسلام ۾ داخل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي پر ھو ان لاء راضي نہ ھيو. جڏھن ٻئي ڏينهن تي اسلامي لشڪر جا جٿا مڪي ۾ داخل ٿيندي ڏٺا تہ پوء مسلمان ٿيو[7]. مڪي وارن مقابلو نہ ڪيو پر عڪرمہ جي ٽولي خالد بن وليد واري جٿي تي حملو ڪري ٽن مسلمانن کي ماريو ۽ عڪرمہ جي جٿي مان 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ عڪرمہ ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويو. ڪعبي ۾ موجود 360 بتن کي ڊاٿو ويو[7]. اعلان ڪيو ويو تي جيڪي گھرن جي اندر در بند ڪري ويھندا، جيڪي ھٿيار ڦٽي ڪندا يا جيڪي ابوسفيان جي گھر ۾ پناھ وٺندا انھن لاء عام معافي ھوندي. جن جن نبي ڪريم ﷺ سان مجرمانه زيادتيون ڪيون ھيون نبي ڪريم ﷺ انھن سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو[7]. مڪي جي فتح بعد مديني ڏانهن ھجرت ڪرڻ جي فرض جي حڪم کي رد ڪيو ويو[10].

طائف جي فتح

مڪي جو فتح بعد طائف وارا بدوين جا ھوازين، ٽقف ۽ ٻيا مشرڪ قبيلا مسلمانن تي حملي جو منصوبو جوڙڻ لڳا. نبي ڪريم ﷺ جن سندن مڪي تي چڙھائي کان اڳ ساڻن جنگ جي تياري ڪئي ۽ شوال سن 8 ھجري ۾ ٻارھن ھزار مسلمانن جي لشڪر سان طائف طرف روانا ٿيا ۽ جڏھن حنين جي اونھي ۽ سوڙھي وادي ۾ مڪي کان 10 ميلن جي فاصلي تي طائف واري رستي تي پھتا تہ مٿانھن پاسن کان سندن مٿان تيرن جي برسات ڪئي وئي[7]. مسلمانن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي رسول ڪريم ﷺ کين سڏيندو رھيو. مؤمن ڀاڄ وارن مان رستو ڪڍي گھوڙا پڻ ڇڏي پيغمبر طرف وڌي ويڙھ شروع ڪئي جنھن بعد مشرڪن ۾ ڀاڄ پئي ۽ ثقف وارن طائف ۾ پناھ ورتي[7]. مسلمانن اڳتي وڌي طائف جو محاصرو ڪيو جنھن بعد طائف فتح ٿي ويو. قيدين کي آزاد ڪيو ويو ۽ طائف وارن قبيلن کي معافي ڏني وئي جن جي وڏي اڪثريت اسلام ۾ داخل ٿي وئي. مال غنيمت کي مڪي جي تازو اسلام ۾ داخل ٿيندڙن ۾ ورھايو ويو[7].

قرآن ۾ سندس تعارف

"اسان توھان کي حق جي علم سان خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو ڪري موڪليو"..(سورة البقرہ جي آيت 119). "مان توھان جي وچ ۾ توھان مان ئي ھڪ رسول موڪليو، جيڪو توھان کي منھنجون آيتون ٻڌائي ٿو ، توھان جي زندگين کي سنواري ٿو ، توھان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو، ۽ توھان کي اھي ڳالھيون سيکاري ٿو جيڪي توھان نہ ڄاڻيندا هئا"...(سورة البقرہ آيت 151). "اسان توکي ماڻھن لاء ھڪ رسول بڻائي موڪليو آهي. جنھن رسول جي اطاعت ڪئي ان دراصل الله جي اطاعت ڪئي".. (سورة النساء آيت 80). "تون الله جي راھ ۾ وڙھ، تون پنھنجي ذات کانسواءِ ڪنھن ٻئي لاء ذميدار ناھين" (سورة النساء آيت 83). "اي پيغمبر! جيڪو ڪجهه رب طرفان توتي نازل ڪيو ويو آهي اھو ماڻھن تائين پھچاء، جيڪڏهن تون ايئن نہ ڪيو ته تو پنھنجي پيغمبري جو حق ادا نہ ڪيو". ( سورة المائدہ ، آيت 67). " محمد ان کانسواءِ ڪجهه ناھي بس ھڪ رسول آھي ، ان کان اڳ ٻيا رسول بہ گذاري چڪا آهن"... ( سورة آل عمران ، آيت 144). "( اي پيغمبر) اھا الله جي رحمت آ جو تون ھنن ماڻھن لاء ڏاڍو نرم مزاج آھين " (سورة آل عمران ، آيت 159). " درحقيقت مومنن تي الله اھو وڏو احسان ڪيو آھي جو سندن وچ ۾ انھن منجھان ھڪ اھڙو رسول اٿاريو جيڪو کين ان جون آيتون ٻڌائي ٿو ، سندن زندگين کي سنواري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو..." ( سورة آل عمران ، آيت 164).

الوداعي حج

25 ذوالقعد 10 ھجري (23 فيبروري 632) تي نبي ڪريم ﷺ حج جي لاء مڪي مان مسلمانن جي ھڪ تمام وڏي اڪثريت سان گڏجي روانا ٿيا ۽ 4 ذوالحج تي مڪي ۾ داخل ٿيا[7]. 8 ذوالحج تي منا پھتا جتي 9 ذوالحج جي صبح تائين ترسيا ۽ پوء عرفات پھتا جتي نمرا ۾ خيما کوڙيا ويا[7]. اتي مسلمانن جو مجموعو ھڪ لک چاليھ ھزار جي لڳ ڀڳ ھيو. اھو حجةالبلاغ ( وڏو حج) ۽ حجة الوداع (الوداعي حج) سڏيو ويو[7]. نبي ڪريم ﷺ سٽ تي ويھي خطبو ڏنو. مقرر ٿيل ماڻھو وڏي آواز خطبي جي لفظن کي دھرائي رھيا ھئا تہ جيئن سمورن حاجين تائين خطبو پھچي[7].

سندس وڇوڙو

صفر جي آخري رات دير سان جنت البقيع طرف اصحابين جي قبرن طرف ويا ۽ انھن ڏينھن ۾ کين مٿي ۾ سور ۽ بخار شروع ٿي چڪو ھو. وفات کان 3 ڏينھن اڳ ڪمزوري ايتري وڌي وئي جو ابوبڪر صديق کي نماز جي امامت لاء چونڊيائون[7]. آخري ڀيرو امامت لاء علي بن ابي طالب ۽ فضل بن عباس جي سھاري سان مسجد نبوي ۾ داخل ٿيا[7]. سندن وفات بيبي عائشه رضه واري گھر ۾ ٿي جتي سندن تدفين ٿي جنھن جي مٿان ھاڻي سبز گنبذ واقع آهي[7].

روضو مبارڪ

نبي ڪريم ﷺ بيبي عائشه رضه جي حجري ۾ دفنايو ويو بعد ۾ ابوبڪر صديق ۽ عمر فاروق جن جي تدفين بي ان حجري ۾ ٿي جيڪو ھن وقت سبز گنبذ يا گنبذ خضرا جي ھيٺان واقع آهي. بيبي عائشه واري ان حجرو پھرين چوڪنڊو ھيو پر بعد ۾ عمر بن عبدالعزيز ان کي نئين سر تعمير ڪرائي پنج ڪنڊي ڪمري ۾ تبديل ڪرايو. ان جاءِ تي 1279ع ۾ مملوڪ سلطان المنصور قلاوون جي دور ۾ سفيد رنگ جو گنبذ تعمير ڪيو ويو جنھن کي بعد ۾ نيرو رنگ لڳايو ويو. 1481 ۾ مسجد ۾ باھ لڳڻ ڪري مسجد کي نقصان پھتو ۽ اھو گنبذ سڙي چڪو هو. جنھن بعد نئون گنبذ پڻ ڪاٺي جي فريم وارو جوڙيو ويو. موجوده گنبذ 1818ع ۾ عثمانيه خلافت جي خليفي محمد ٻئين تعمير ڪرايو جنھن کي 1837 ۾ پھرين ڀيرو سبز رنگ لڳايو ويو.

سيرت تي لکيل مستند ڪتاب

حديثن وارا مستند ڪتاب

حضرت محمد صه ۽ مغربي فلاسافر

 
حضرت محمد ﷺ جي مھر جيڪا منڊي ۾ جڙيل ھئي ۽ سرڪاري خط و ڪتابت ۾ استعمال ڪئي ويندي ھئي

” پاڻ سڳورن ﷺ جن جي باري ۾ گوئٽي هڪ ڊگهو نظم لکيو جيڪو Mahomet's Gesang جي نالي سان مشهور آهي. ان نظم ۾ گوئٽي پاڻ سڳورن ﷺ جي چهري جي هڪ محبت ڀري تصوير چٽي آهي هن نظم آخر ۾ گوئٽي لکيو آهي ته: ”پاڻ سڳورن ﷺ جن جي چهري مبارڪ تي نظر پوڻ سان انسان سندن مفتون ٿي پوندو.“ جرمن فيلسوف لائبنز (Leibniz) (1646-1716ع) متعلق پروفيسر اشپيز لکيو آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن کي ’دين الفطرت‘ جو باني سمجهندو هو.[67]

درود ۽ صلوات

 
صلوات

حوالا

  1. 1.000 1.001 1.002 1.003 1.004 1.005 1.006 1.007 1.008 1.009 1.010 1.011 1.012 1.013 1.014 1.015 1.016 1.017 1.018 1.019 1.020 1.021 1.022 1.023 1.024 1.025 1.026 1.027 1.028 1.029 1.030 1.031 1.032 1.033 1.034 1.035 1.036 1.037 1.038 1.039 1.040 1.041 1.042 1.043 1.044 1.045 1.046 1.047 1.048 1.049 1.050 1.051 1.052 1.053 1.054 1.055 1.056 1.057 1.058 1.059 1.060 1.061 1.062 1.063 1.064 1.065 1.066 1.067 1.068 1.069 1.070 1.071 1.072 1.073 1.074 1.075 1.076 1.077 1.078 1.079 1.080 1.081 1.082 1.083 1.084 1.085 1.086 1.087 1.088 1.089 1.090 1.091 1.092 1.093 1.094 1.095 1.096 1.097 1.098 1.099 1.100 1.101 1.102 1.103 1.104 1.105 1.106 1.107 1.108 1.109 1.110 1.111 1.112 1.113 1.114 1.115 1.116 1.117 1.118 1.119 1.120 1.121 1.122 1.123 بذل القوۃ فی حوادث سنی النبوۃ (سيرت هاشمي)، از: امام العصر مخدوم محمد ھاشم محدث ٺٽوي، ترجمو: پروفيسر اسرار احمد علوي، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو ٻيو جولائي 2004ع ۾ لکيل مترجم جو نوٽ: تقديم
  2. مفردات الفاظ القرآن, از: ابو القاسم راغب اصفھانی صہ 140
  3. سیرۃ کے عملی پہلو (اردو) ، از: مولانا ابوالڪلام آزاد، صہ 9
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 4.7 4.8 The Life of Muhammad, the Prophet , by:Syed Saeed Akhtar Rizvi, page ،9,7,8,6,
  5. {Genesis 21:13}
  6. 6.00 6.01 6.02 6.03 6.04 6.05 6.06 6.07 6.08 6.09 6.10 6.11 6.12 6.13 6.14 6.15 6.16 6.17 6.18 6.19 6.20 6.21 6.22 6.23 6.24 6.25 6.26 6.27 6.28 6.29 6.30 6.31 6.32 6.33 6.34 6.35 6.36 6.37 6.38 6.39 6.40 6.41 6.42 6.43 6.44 6.45 6.46 6.47 6.48 6.49 6.50 6.51 6.52 6.53 6.54 6.55 6.56 6.57 6.58 6.59 When the moon split (A biography of Prophet Muhammad pbuh ) by: Safiur Rehman Mubarakpuri ,Translated by Tabasum Siraj, Michael Richardson and Badar Azamabadi Daruslam Publishers Riyadh, Houston, Lahore
  7. 7.00 7.01 7.02 7.03 7.04 7.05 7.06 7.07 7.08 7.09 7.10 7.11 7.12 7.13 7.14 7.15 7.16 7.17 7.18 7.19 7.20 7.21 7.22 7.23 7.24 7.25 7.26 7.27 7.28 7.29 7.30 7.31 7.32 7.33 7.34 7.35 7.36 7.37 7.38 7.39 7.40 7.41 7.42 7.43 7.44 7.45 7.46 7.47 7.48 7.49 7.50 7.51 7.52 7.53 7.54 7.55 Siraj u Munira, By: Muhammad Ikramun Nabi Awan and Ms Nusrat Tiwana, 1st edition, Nov 2014, Pages: 23, 25 ,27, 28, 39,40 to 86
  8. [ https://www.alfazlonline.org/07/01/2020/9519/] الفضل آن لائين
  9. 9.0 9.1 سیرت النبی، تالیف: علامہ شبلی نعمانی اور علامہ سید سلیمان ندوی، مکتبہ اسلامیہ، اشاعت: اکتوبر 2012
  10. 10.000 10.001 10.002 10.003 10.004 10.005 10.006 10.007 10.008 10.009 10.010 10.011 10.012 10.013 10.014 10.015 10.016 10.017 10.018 10.019 10.020 10.021 10.022 10.023 10.024 10.025 10.026 10.027 10.028 10.029 10.030 10.031 10.032 10.033 10.034 10.035 10.036 10.037 10.038 10.039 10.040 10.041 10.042 10.043 10.044 10.045 10.046 10.047 10.048 10.049 10.050 10.051 10.052 10.053 10.054 10.055 10.056 10.057 10.058 10.059 10.060 10.061 10.062 10.063 10.064 10.065 10.066 10.067 10.068 10.069 10.070 10.071 10.072 10.073 10.074 10.075 10.076 10.077 10.078 10.079 10.080 10.081 10.082 10.083 10.084 10.085 10.086 10.087 10.088 10.089 10.090 10.091 10.092 10.093 10.094 10.095 10.096 10.097 10.098 10.099 10.100 10.101 10.102 10.103 10.104 10.105 10.106 10.107 10.108 10.109 10.110 10.111 10.112 10.113 10.114 10.115 10.116 10.117 10.118 10.119 10.120 10.121 10.122 10.123 10.124 10.125 10.126 10.127 10.128 10.129 10.130 10.131 10.132 10.133 10.134 10.135 10.136 10.137 10.138 10.139 10.140 10.141 10.142 10.143 10.144 10.145 10.146 10.147 10.148 10.149 بذل القوۃ فی حوادث سنی النبوۃ (سيرت هاشمي)، از: امام العصر مخدوم محمد ھاشم محدث ٺٽوي، ترجمو: پروفيسر اسرار احمد علوي، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، ڇاپو ٻيو جولائي 2004ع
  11. 11.0 11.1 شرح مواھب ، زرقاني ، جلد 3, صه 297
  12. 12.0 12.1 12.2 12.3 [1] Alfatwa.com
  13. معجم البلدان، ياقوت، جلد 3, صه 265
  14. الاصابہ، ابن حجر، جلد 4, صہ 382
  15. المواھب اللدنيہ، قسطلاني، جلد 2, صه 96
  16. البدايہ والنھايہ، ابن ڪثير، جلد 4, صہ 374
  17. الاصابہ، ابن حجر، جلد 4, صہ 410
  18. تاريخ الخميس، ديار بڪري، جلد 2, صہ 96
  19. سبل الھدہ والرشاد، شامي، جلد 11، صہ 230 ۽ 231
  20. سبل الھدیٰ والرشاد فی سیرۃ خیرالعباد شامی از: محمد بن یوسف بن علی بن یوسف صالحی دمشقی المعروف شامی، جلد 2 صہ 225
  21. صحيح مسلم، جلد 1, صہ 368
  22. 22.0 22.1 صحيح بخاري، "ڪيف ڪان بدءالوحي"، جلد 1 صہ 6 ۽ 7
  23. اسد الغابہ، ابن الاثیر، جلد 5 صہ 434
  24. الروض الانف سھيلي، جلد 1, صہ 277-78
  25. شرح علي المواھب، زرقاني، جلد 1, صہ 237
  26. المواھب اللدنيہ، قسطلاني، جلد 1 ، صه 217
  27. شرح علي المواھب اللدنيہ، زرقاني، جلد 1, صہ 246
  28. دلائل النبوة بيھقي، جلد 2, صه 297
  29. 29.0 29.1 زادالمعاد ابن قيم، جلد 1, صه 97 ۽ 98
  30. سيرت ابن ھشام جلد 1
  31. صحيح بخاري، جلد 2 صه 721
  32. شرح المواھب اللدنيہ ، جلد 1, صه 287
  33. سبل الھدیٰ والرشاد، شامي، جلد 2, صه 363,397 ۽ 409
  34. الاصابہ، ابن حجر، جلد ۲, صه ۵۱۸
  35. فتح الباري، حافظ ابن حجر، جلد 7, صه 147
  36. سفرنامہ ارض القرآن (اردو)، محمد عاصم، صہ 154
  37. 37.0 37.1 سيرة ابن ھشام، جلد 2، صه 14
  38. الروض الانف سھيلي، جلد 2, صه 127 ۽ 128
  39. دلائل النبوة، بيھقي، جلد 2, صه 311-315
  40. الطبقات الڪبریٰ، ابن سعد، جلد 1, صه 131,
  41. آڪام المرجان، ابو عبدالله شبلي، صه 46
  42. السيرة النبويه، ابن ھشام، جلد 2, صه 129
  43. 43.0 43.1 البدايہ والنھايہ، ابن ڪثير، جلد 3, صه 176
  44. وفاءالوفا، علامه سمھودي، جلد 1, صه 238
  45. المعارف، ابن قتيبه، صه 89
  46. تاريخ الخميس، ديار بڪري، جلد 1, صه 324
  47. فتح باري، حافظ ابن حجر عسقلاني، جلد 7, صه 168
  48. السيرة النبويہ، ابن ڪثير، جلد 2, صه 288
  49. سيرت، ابن ھشام، جلد 2, صه 141
  50. المواھب اللدنيہ، قسطلاني، جلد 2, صہ 61
  51. 51.0 51.1 تاريخ طبري، جلد 2, صه 168
  52. سبل الھدہ والرشاد، شامي، صہ 67
  53. 53.0 53.1 53.2 53.3 53.4 53.5 53.6 53.7 تفھيم القرآن، مولانا ابوالاعلیٰ مودوي، جلد 1, صه 230، 284, 285، 300, 35 ايڊيشن،
  54. دلائل النبوة، بيھقي، جلد 3, صه 229
  55. سيرة ابن اسحاق، صه 305 ۽ سيرت ابن ڪثير جي جلد 3 ، صه 59
  56. سيرت ابن ھشام، جلد 2, صہ 88
  57. شرح علیٰ المواھب اللدنيہ، زرقاني، جلد 3, ص 97
  58. سبل الھدہ والرشاد، شامي، جلد 4, صہ 353
  59. اسد الغابہ، ابن الاثير، جلد 1, صہ 23
  60. البدايہ والنھايہ، جلد 1, صہ 232
  61. تاريخ الخميس، ديار بڪري، جلد 2, صه 63
  62. سبل الھدہ والرشاد، شامي، جلد 5, صه 193
  63. المغازي، واقدي، جلد 2, صه 738
  64. شرح علي المواھب اللدنيہ، قسطلاني، جلد 2, صه 657 ۽ 658
  65. الاصابہ، ابن حجر، جلد 4, صہ 314
  66. البدايہ والنھايہ، ابن ڪثير، جلد 4, صہ 210
  67. ڊاڪٽر قاضي نبي بخش؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع