الله
الله عربي زبان ۾ خالق لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. جيڪو انگريزي زبان جي لفظ God جو متبادل آهي. هي لفظ صرف مسلمانن تائين محدود نه آهي پر وچ اوڀر ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ غير مسلمان به استعمال ڪندا آهن.
مسلمان الله کي سڄي ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ سمجهن ٿا ۽ دعويٰ ڪن ٿا ته قرآن محمد جو نه پر الله جو لکيل ڪتاب آهي. قرآن جي پهرين سورت سورت الفاتحه ۾ بيان آهي ته؛
” | سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو سمورن جهانن جو رب ۽ پالڻهار آهي. جزا جي ڏينهن (قيامت جو ڏينهن) جو مالڪ آهي. اسان صرف تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تنهنجي ئي مدد گهرون ٿا. | “ |
هڪ ٻي جاءِ تي بيان آهي ته؛
” | اي انسانون! پنهنجي رب جي عبادت ڪريو جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي. هو هر شَي جو خالق آهي. ته توهان ان جي ئي عبادت ڪريو جيڪو هر ڪارساز آهي. | “ |
— سوره انعام: آيت.102
|
قرآن مجيد ۾ الله جي باري ۾ وڌيڪ آيتن ۾ آهي ته؛ !'ORA PAOLO BROSIO VI INCULA PER QUESTE OSCENITA
” | ڇا يعقوب عليه السلام جي وفات وقت توهان موجود هئا؟ جڏهن هن پنهنجي اولاد کي چيو ته توهان مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندا اوهان جي معبود جي اوهان جي وڏن ابراهيم عليه السلام ۽ اسماعيل ۽ اسحاق عليه السلام جي معبود جي، جيڪو هڪ ئي آهي ۽ ان جا فرمانبردار رهنداسين. | “ |
— سورت البقر133
|
مسلمان جي عبادت ڪندا آهن ۽ پاڻ کان علاوه ٻين مذهبن وارن کي الله وحد هو لا شريڪ له جي عبادت ڪرڻ جي دعوت ڏيندا آهن.
(عربي ٻوليءَ جو لفظ) خدا تعاليٰ جو ذاتي نالو (لفظي معنيٰ = عبادت ڪرڻ). -الله- جي ذات اعليٰ ۽ بلندترين آهي. قرآن شريف ۾ ”-الله-“ جو لفظ 2697 ڀير آيو آهي. ابن العربيءَ جو قول آهي ته ”-الله-“ جو اسم علم آهي ۽ انهيءَ برحق معبود تي دلالت ڪري ٿو، جنهن ۾ سڀ حقائق وجوديہ موجود آهن. ”-الله-“ ذات -باري- تعاليٰ جو -اسم اعظم- آهي: ”-الله- لا الہ الا هو وحده“. گهڻن عارفن جو اهوئي خيال آهي. علامه بيضاويءَ جو چوڻ آهي ته ”-الله-“ جو لفظ ’-الله-‘ مان مشتق آهي. ابوالهيثم کان جڏهن ’-الله-‘ جي اسم جي لغوي -تحقيق- جي -باري- ۾ پڇيو ويو ته هن چيو ته ”حقيقت ۾ ’الاه‘ هو، ال تعريف داخل ڪيو ويو ته -الله- ٿي ويو. يعني ٻه متحرڪ لام هڪڙي هنڌ گڏجي ويا، انهيءَ ڪري هڪڙو لام ٻئي ۾ مدغم ٿي ويو ۽ ’-الله-‘ ٿي ويو.“ البيضاويءَ جو اهو چوڻ آهي ته اصل ۾ هي صفاتي نالو هو، مگر جڏهن -الله- جي ذات سان مختص ٿيو، تڏهن -الله- جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ استعمال نٿو ٿئي. تڏهن هن کي اسم عَلَمَ جي حيثيت حاصل ٿي وئي. انهيءَ سلسلي ۾ قاضي شهاب الدين الخفاجيءَ جو هيءُ قول آهي ته ”-الله-“ جو اصل يا اشتقاق يا -ان- جي عربي غير عربي هئڻ جي -باري- ۾ ڪئين قول آهن ۽ انهن ۾ اختلاف آهي. جيتوڻيڪ چيو ويو ته جيئن انساني عقل خدا جي ذات ۽ صفات جي -باري- ۾ ٺوڪرون کائيندو رهيو آهي، اهڙيءَ طرح لفظ ’-الله-‘ بابت پڻ ششدر ٿي ويو آهي، ڇو ته هن لفظ ۾ به -ان- جي صفاتي نوراني شعاعن جو عڪس آهي، جنهن جي ڪري -اهل- بصارت ۽ بصيرت حيرت زده آهن. ڪي عالم لفظ ’-الله-‘ کي سامي زبان جو لفظ ڄاڻائين ٿا، مگر انهيءَ -باري- ۾ يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. دراصل سامي ٻولين ۾ ڪي اهڙا لفظ مشابهت رکندڙ هم معنيٰ هوندا آهن. الزبيدي چوي ٿو ته ’-الله-‘ جو ’الف‘ حذف ڪري نٿو سگهجي، بلڪ الف سميت سڄي لفظ مان ئي ’-الله-‘ جو مقدس نالو بنجي ٿو. ٻيو ته ’-الله-‘ انهن اسمن مان آهي، -جن- جي فعل مان اشتقاق -جائز- ڪونهي. -ان- جي برعڪس ’رحمان‘ ۽ ’رحيم‘ جي فعل مان اشتقاق ٺهي سگهندو آهي. زبيدي چوي ٿو ته صحيح قول آهي ته ’-الله-‘ -ان- ذات جو اسم علم آهي، جو واجب الوجود آهي ۽ جنهن ۾ سڀئي صفتون ڪمال انداز ۾ جمع آهن ۽ هيءُ غيرمشتق هوندو آهي.
”-الله-“ اسم ذات آهي ۽ ذات باريءَ جي نالي لاءِ اهڙو موزون لفظ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ موجود ناهي. اهو لفظ ذات -باري- تعاليٰ جي سلبي مفهوم سان گڏ ايجابي مفهوم کي به جامعيت سان ادا ڪري ٿو. -ان- مان هڪ طرف سڀني باطل معبودن جي نفي ٿئي ٿي ته ٻئي طرف انهيءَ هستيءَ جي -اثبات- ٿئي ٿي، جنهن لاءِ قرآن شريف ۾ آهي ته ”-الله- هڪڙو ئي ته آهي“. ”-الله-“ جي صفتن يعني -تخليق-، ربوبيت ۽ قدرت ڪاملہ جو ادراڪ ته ٿي سگهي ٿو، پر ذات جي حقيقت -انسان- جي علم ۽ فهم کان بالا آهي. مسلمان انهيءَ پاڪ نالي سان گڏ تعظيمي لفظن (تبارڪ و تعاليٰ، جل جلالہ وغيره) جو اضافو ڪندا آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خدا“).[1]
خدا جي دين جو اعلان هر دور ۾ سڀني نبين سڳورن جي ذريعي ڪيو ويو آهي. انجيل مقدس ۾ اها ئي ڳالهه حضرت مسيح جي زبان مان هنن لفظ ۾ آئي آهي: ”پوءِ توهان اهڙي ريت دعا گهرندا ڪريو ته اي اسان جا پيءُ! تون جيڪو آسمان تي آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي. تنهنجي بادشاهت اچي. تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿيندي آهي، ائين زمين تي به پوري ٿئي.“ (متي ؛ باب 6)
قرآن شريف ۾ ارشاد ٿيو آهي ته: اَللّٰہُ الَّذِیۡ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَیۡرِ عَمَدٍ تَرَوۡنَہَا ثُمَّ اسۡتَوٰی عَلَی الۡعَرۡشِ وَ سَخَّرَ الشَّمۡسَ وَ الۡقَمَرَ ؕ کُلٌّ یَّجۡرِیۡ لِاَجَلٍ مُّسَمًی ؕ یُدَبِّرُ الۡاَمۡرَ یُفَصِّلُ الۡاٰیٰتِ لَعَلَّکُمۡ بِلِقَآءِ رَبِّکُمۡ تُوۡقِنُوۡنَ (الرعد: 2) ”الله اهو آهي جنهن ٿنڀن کان سواءِ آسمانن کي مٿانهون ڪيو اٿس، جنهن کي توهان ڏسو ٿا. پوءِ عرش تي قائم ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هو هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو (هو) ڪم جي تدبير ڪري ٿو ۽ نشانين کي کولي بيان ڪري ٿو ته من توهان پنهنجي پالڻهار سان ملڻ جو يقين ڪيو.“[2][3]
بڻ بنياد
سنواريولفظ الله عربي زبان ۾ ال ۽ لاه جو مرڪب آهي جنهن جي معنيٰ آهي خدا. لفظ الله عربي کان سوءِ ابراني ۽ آرمينيائي زبانن ۾ به موجود آهي.
اللهﷻجا نوانوي نالا
سنواريواسلامي عقيدي موجب الله جي ذاتي نالي الله کان سواءِ الله جا نوانوي صفاتي نالا مشهور آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
1 | الرحمن | |
2 | الرحيم | |
3 | الملك | |
4 | القدوس | |
5 | السلام | |
6 | المؤمن | |
7 | المهيمن | |
8 | العزيز | |
9 | الجبار | |
10 | المتكبر | |
11 | الخالق | |
12 | البارئ | |
13 | المصور | |
14 | الغفار | |
15 | القهار | |
16 | الوهاب | |
17 | الرزاق | |
18 | الفتاح | |
19 | العليم | |
20 | القابض | |
21 | الباسط | |
22 | الخافض | |
23 | الرافع | |
24 | المعز | |
25 | المذل | |
26 | السميع | |
27 | البصير | |
28 | الحكم | |
29 | العدل | |
30 | اللطيف | |
31 | الخبير | |
32 | الحليم | |
33 | العظيم | |
34 | الغفور | |
35 | الشكور | |
36 | العلي | |
37 | الكبير | |
38 | الحفيظ | |
39 | المقيت | |
40 | الحسيب | |
41 | الجليل | |
42 | الكريم | |
43 | الرقيب | |
44 | المجيب | |
45 | الواسع | |
46 | الحكيم | |
47 | الودود | |
48 | المجيد | |
49 | الباعث | |
50 | الشهيد | |
51 | الحق | |
52 | الوكيل | |
53 | القوى | |
54 | المتين | |
55 | الولى | |
56 | الحميد | |
57 | المحصى | |
58 | المبدئ | |
59 | المعيد | |
60 | المحيى | |
61 | المميت | |
62 | الحي | |
63 | القيوم | |
64 | الواجد | |
65 | الماجد | |
66 | الواحد | |
67 | الاحد | |
68 | الصمد | |
69 | القادر | |
70 | المقتدر | |
71 | المقدم | |
72 | المؤخر | |
73 | الأول | |
74 | الأخر | |
75 | الظاهر | |
76 | الباطن | |
77 | الوالي | |
78 | المتعالي | |
79 | البر | |
80 | التواب | |
81 | المنتقم | |
82 | العفو | |
83 | الرؤوف | |
84 | مالك الملك | |
85 | ذو الجلال و الإكرام | |
86 | المقسط | |
87 | الجامع | |
88 | الغنى | |
89 | المغنى | |
90 | المانع | |
91 | الضار | |
92 | النافع | |
93 | النور | |
94 | الهادي | |
95 | البديع | |
96 | الباقي | |
97 | الوارث | |
98 | الرشيد | |
99 | الصبور |
انهن نالن جي نسبت سان ڀڳوان شري رجنيش جو هڪ مشهور ڪتاب Ninety Nine name of nothing پڻ لکيل آهي.
اسماء الحسنیٰ
|
---|
اللہ • الرحمن • الرحیم • الملک • القدوس • السلام • المؤمن • المہیمن • العزیز • الجبار • المتکبر • الخالق • الباری • المصور • الغفار • القہار • الوہاب • الرزاق • الفتاح • العلیم • القابض • الباسط • الخافض • الرافع • المعز • المذل • السمیع • البصیر • الحکم • العدل • اللطیف • الخبیر • الحلیم • العظیم • الغفور • الشکور • العلی • الکبیر • الحفیظ • المقیت • الحسیب • الجلیل • الکریم • الرقیب • المجیب • الواسع • الحکیم • الودود • المجید • الباعث • الشدید • الحق • الوکیل • القوی • المتین • اولی • الحمید • المحصی • المبدی • المعید • المحیی • الممیت • الحی • القیوم • الواجد • الماجد • الواحد • الصمد • القادر • المقتدر • المقدم • المؤخر • الاول • الآخر • الظاہر • الباطن • الوالی • المتعالِ • البر • التواب • المنتقم • العفو • الرؤف • المقسط • الجامع • الغنی • المغنی • المانع • الضار • النافع • النور • الہادی • البدیع • الباقی • الوارث • الرشید • الصبور • مالک الملک • ذو الجلال و الاکرام |
حوالا
سنواريو- ↑ الله : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13
- ↑ ڪتاب: انسانيت جي تعمير ، مولانا وحيد الدين خان