ڪٽنب يا خاندان(انگريزي: Family) معاشري ۾ رھڻ لاءِ انسان اڪيلو زندگي نٿو گذاري سگھي۔ ان لاءِ انسانن سان گڏ رھڻ جو نظام ٺاھيو ويو، جيڪو صدین کان لاڳو آھي۔ ھن نظام تحت انسان ڪنھن معاشري ۾ رھڻ لاءِ لاڳاپا ٺاھيندو آھي۔ پنھنجو ھڪ الڳ گھر ٺاھيندو آھي ۽ پوءِ اُن گھر جو وڏو بڻجي، گھر جي نظام کي سٺي طریقي سان ھلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي۔ ھن نظام کي ڪُٽنب چيو ويندو آھي۔ ُن ۾ ڪنھن به انسان جا ويجھا ۽ خوني مائٽ شامل ٿي سگھن ٿا۔ ڪُٽنب جو سربراھ گھڻو ڪري بزرگ یا وڏي عُمر وارو شخص ھوندو آھي۔

اڄ کان هزارين سال اڳ ابتدائي وحشي دور ۾ انسان اڪيلو زندگي گذاريندو هو. هن کي خانداني رشتن جي ساڃاهه ڪانه هوندي هئي ۽ هو گڏيل زندگي جي لاڀ کان نا آشنا هو. پر جڏهن حالتون بدلجڻ لڳيون، سماج ترقي ڪرڻ لڳو ته هو انهيءَ سان اڪيلي سر ٽڪر کائڻ ۽ منهن ڏيڻ جي اهل ٿي نه سگهيو. هو اڪيلي سر نه صرف غذا حاصل ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ لڳو پر ويرين جي حملي کان به پاڻ بچائي نه سگهيو ته هن اڪيلي سر جيون گهارڻ کان گروهن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني. گروهن ۾ رهڻ ڪري هن کي شڪار ڪرڻ، غذا حاصل ڪرڻ ۽ ويرين جي حملي کان پاڻ بچائڻ جي سهولت ملي. ان ڪري اوائلي انسان ۾ ٻين سان گڏ رهڻ ۽ گڏجي محنت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. جڏهن انسان ابتدائي وحشي سماج ۾ گروهن جي شڪل ۾ رهڻ شروع ڪيو ته شروع ۾ هو خوني مائٽيءَ جي جذبي تحت گڏ ٿيو ۽ ان ئي لاڳاپي تحت ڪٽنب جو بنياد پيو.

ول ڊيورنٽ جو تجزيو

سنواريو

 
ھڪ جاپاني ڪٽنب

خاندان، انسان جو هڪ اهڙو گروهه هوندو آهي، جنهن جا فرد هڪ ٻئي سان مائٽي تحت ڳنڍيل هوندا آهن ۽ اهي هڪ ئي نسل يا بڻ بڻياد مان هوندا آهن. تاريخ ۾ انهن خاندانن جو بنياد قديم راڄوڻي سماج (اوائلي اشتراڪي سماج) ۾ پيو. ان سماج ۾ خاندان جا سڀئي فرد گڏجي محنت ڪندا هئا ۽ ان جي ورهاست پڻ برابري جي بنياد تي ڪندا هئا. هنن جي هر حاصلات گڏيل ملڪيت هوندي هئي. پئداواري وسيلن جي گڏيل حاصلات ۽ گڏيل استعمال هڪ وڏي خاندان جي بنياد جو ڪم ڏيندو هو. ڪٽنب نه رڳو خوني رشتن تي ٻڌل هوندو هو، پر اهو معاشي ناتن ۾ پڻ جڪڙيل هوندو هو. خاندان جي تعمير ۾ اقتصادي حالتن جو وڏو هٿ هوندو هو. ڇو جو هڪ خاندان جي ماڻهن جو گڏجي رهڻ ڪو اتفاق يا حادثو نه هو ۽ نه ئي صرف رشتيداري جذبي تحت اها برادري ٺهي هئي، پر معيشت کي گڏيل نموني هلائڻ، گڏجي محنت ڪرڻ، هڪ ٻئي جو بچاءُ ڪرڻ ۽ پنهنجو نسل قائم رکڻ جو جذبو ان جي پٺيان ڪم ڪندڙ هو.[1][2] خاندان سماجي ادارن مان سڀ کان وڌيڪ فطري ادارو آهي جيڪو نه رڳو جنسي ميلاپ پر ٻار پيدا ڪرڻ جي قدرتي لاڙن تي ٻڌل آهي. هي ادارو ايتري ته بنيادي حيثيت ٿو رکي جو ان کي اخلاقي فرض سمجهڻ ضروري نه آهي. ٻار پيدا ڪرڻ جي جبلت، لاڙن، ترغيبن ۽ خواهشن جو هڪ منجهيل معاملو آهي.[3]  
رملا جو ھڪ خاندان 1905 ۾

اولاد ماءُ پيءُ لاءِ نه، پر ماءُ پيءُ اولاد لاءِ زندهه رهندا آهن ۽ ٻار جي بي وسي خاندان جو بنياد ۽ ان جي اهميت جو سبب هوندي آهي. خاندان انهن رسمن، هنرن، روايتن ۽ اخلاقن کي محفوظ ڪرڻ وارو ادارو آهي، جيڪو انساني ورثي جي جان ۽ اجتماعي تنظيم جو نفسياتي بنياد آهي. ٻار هڪ قانون کي نه مڃڻ واري مخلوق آهي، هو ڪنهن به رسم يا قانون جي پرواهه نه ڪندو آهي. هو فطريءَ طرح پابندي يا جهَل جي مخالفت ڪندو آهي پر خاندان، ٻين ٻارن ۽ پيءُ ماءُ وسيلي، ان ننڍڙي انفراديت پسند کي لالچ ۽ مار سان، ٽولن ۽ حڪمن سان هڪ اجتماعي فرد بڻائيندو آهي جيڪو سهڪار لاءِ راضي ٿي ويندو آهي ۽ ٿوري وقت لاءِ هڪ اشتراڪيءَ وانگر ورهاست ڪرڻ لاءِ به تيار ٿيندو آهي. خاندان پهريون سماجي ادارو آهي جنهن ۾ ٻار تعلقداري سکندو آهي ۽ هن جي اخلاقي اوسر جو راز ان ۾ لڪل آهي ته هو ان تعلقداريءَ کي وسيع ڪري ايستائين جو هن کي پنهنجي وطن جون حدون به سوڙهيون محسوس ٿين. پر جڏهن ان مضبوط ۽ محفوظ چوديواريءَ کي ڇڏي هو چٽاڀيٽيءَ جي طوفان ۾ داخل ٿيندو آهي ته ٿوري وقت کان پوءِ هن مان سهڪار جو جذبو ختم ٿي ويندو آهي. ڪي وچولي عمر جا ماڻهو جيڪي خوشحال آهن پر ناخوش ٿا رهن اهي اندر جو آرام ماڻڻ لاءِ پراڻي گهر جو رُخ ڪندا آهن جيڪي هِن هَڻ وَٺ جي سمنڊ ۾ سهڪاري ٻيٽ جي حيثيت رکندو آهي.[3] خاندن ئي اصل ۾ اخلاق ۽ پاڻ ڳنڍڻ وارو مرڪز آهي جيڪو پوءِ انسانيت جي مرڪز جي صورت ٿو اختيار ڪري، ساري دنيا کي خبر آهي ته خاندان جي اها مرڪزي حيثيت ختم ٿي وئي آهي ۽ اسان جون صنعتي آباديون هن غير مستحڪم دور مان لنگهي رهيون آهن ۽ اهي خاندان کي اخلاقي بنيادن کان ڌار ٿيون ڪن، ڇاڪاڻ ته خاندان پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي حيثيت وڃائي ويٺو آهي. صنعت گهر ۽ ٻنيءَ مان نڪري ڪارخاني ۽ چوواٽي تي اچي بيٺي آهي، فرد کي وِک وِک تي رولائڻ وارو پيشو ۽ سرمائي جي وهڪري يا قدرتي زخيرن جي ظاهر ٿيڻ جي ڪري مزوريءَ واري جاءِ بدلبي ٿي رهي، انهن سببن جي ڪري پيءُ ۽ پٽ وارا اهي تعلقات ٽٽي ويا آهن جيڪي گهر جي ايڪي ۾ اُسريا هئا. وڏي پيماني تي صنعت ۽ ان جي نتيجي ۾ رياست جي سخت مرڪزيت سان گهر جا بنياد ختم ٿي ويا آهن جن جو الزام نظرين تي مڙهيو ٿو وڃي. خانداني وفاداري ۽ محبت جا چشما سُڪندا ٿا وڃن ۽ اهو جذباتي سرمايو وطن پرستيءَ ۾ لڳايو ٿو وڃي جيئن ماءُ پيءُ جا اختيار رياست جي وسيع ۽ اعليٰ طاقت جي آڏو ختم ٿيندا ٿا وڃن. هرهنڌ فطري انساني سهڪار جا رشتا ٽٽن ٿا ۽ انهن جي جاءِ امن ۽ قانون، نظرياتي تبليغ ۽ جبر جا خارجي ۽ مصنوعي ٻنڌڻ ٿا وٺندا وڃن ۽ اها اقتصادي ۽ سياسي فرديت نيٺ اخلاقي نفسانفسي ۾ ٿي ظاهر ٿئي جنهن جو نفعي جي جنگ ۾ ڪو مقابلو ڪونهي ۽ جيڪا انهن زمانن ۾ رونما ٿيندي آهي جڏهن وڏيون وڏيون تهذيبون فنا ٿي وينديون آهن.[3]

  1. قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-07-08 
  2. Kitaab: Qomoon aein qoumi aazaadi jee tahreek, written by: Ruk Sindhi
  3. 3.0 3.1 3.2 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو