خلافت ۾ سربراهه مملڪت کي خليفو چيو ويندو آهي، شريعت جي مطابق اُمتِ مسلمه جي حاڪم يا رهنما کي به خليفو چيو ويندو آهي۔ خليفه )خليفو (عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نمائندو يا جانشين۔ خليفه واحد آهي جمع جي لاء لفظ خلفاء جو استعمال ڪيو ويندو آهي۔

خليفو کي انگريزي ۾ ڪئلف (Caliph)چوندا آهن . مولانا مودودي تفھيم القرآن ۾ لکي ٿو ته خليفو ان ماڻھو کي چئبو آهي جنھن کي مالڪ پنھنجي ملڪيت کي سنڀالڻ لاءِ اختيار ڏئي ان ڪري خليفو مالڪ نه پر نائب ھوندو آھي ۽ ان جا اختيار ذاتي نہ ھوندا آھن پر مالڪ جا عطا ڪيل ھوندا آھن. خليفو ملڪيت جي سنڀال ۾ پنھنجي مرضيءَ سان ڪم ڪرڻ جو حق ناهي رکندو پر مالڪ جي مرضيءَ پوري ڪندو آھي.[1]. قرآن ۾ انساني پيدائش جو مقصد خدا جي عبادت يا بندگي ٻڌايو ويو آھي ان ڪري کيس زمين تي خدا جو خليفو سڏيو ويو آهي. آدم جي پيدائش واري قصي ۾ آدم کي بطور انسان زمين جي لاءِ خدا جو خليفو چيو ويو آهي.

اسلامي لقب سنواريو

حوالا سنواريو

  1. { تفھيم القرآن، جلد 1 ، صه 62 ، مولانا ابوالاعلي مودودي، ادارہ ترجمان القرآن لاھور}