عمر بن خطاب
عمر فاروق، پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صدیق رضی اللہ تعالٰی عنہ کان پوء مسلمانن جو ٻيون خليفو هيا. ان جي دور ۾ اسلامي مملڪت 28 لک مربع ميل جي رقبي تائين ڦهلجي وئي.
عمر | |
---|---|
عهد فاروقي ۾ اسلامي سلطنت | |
(امير المؤمنين) | |
پورو نالو | عمر بن خطاب (عمر ابن الخطاب) |
عهد | 23 آگسٽ 634ع – نومبر 7 644ع |
پيدائش | 586ع-590ع |
پيدائش جي جڳهه | مڪو مڪرم، عرب |
وفات | 7 نومبر [[644ء|]] () |
وفات جي جڳهه | مدينو منور، عرب |
دفن ٿيڻ جي جڳهه | مسجد نبوي، مدينو منور |
پيشرو | [[ابو بڪر|ابوبڪر سانچو:رض مذ]] |
جانشین | [[عثمان ابن عفان|عثمان سانچو:رض مذ]] |
والد | خطاب بن نفیل |
والده | حنتمه بنت ھشام بن المغيره |
ڀاءُ | زيد بن خطاب |
ڀيڻ | فاطمه بنت خطاب |
شريڪ حيات | ۔زينب بنت مظعون ۔ ام ڪلثوم بنت علي ۔ قريبه بنت ابي اميه ۔ ام حڪيم بنت حارث ۔ ام ڪلثوم ۔ عاتڪه بنت زيد بن عمر بن نفيل ۔ لهيا ۔ فقيها |
پُٽَ | ۔ عبدالله ۔ عبد الرحمٰن ۔ عبيدالله بن عمر ۔ زيد بن عمر ۔ عاصم ۔ عياض بن عمر ۔ الزبير بن بڪر (ابو شهاما) |
ڌيئرون | ۔ حفصه ۔ فاطمه ۔ زينب |
آل | فاروقي |
لَقَبَ | ۔ الفاروق (سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ وارو) ۔ امیر المؤمنین ( مومنن جو امير) [1] |
نالو ۽ نسب
سنواريوپاڻ جن جو نالو مبارڪ عمر آهي ۽ لقب فاروق، ڪنيت ابو حفص، لقب ۽ ڪنيت ٻئي محمد ﷺ جون عطا ڪيل آهن. آپ رضي الله عنه جو نسب نائين پشت ۾ رسول اڪرم ﷺ سان وڃي ملندو آهي۔ پاڻ ﷺ جي نائين پشت ۾ ڪعب جا ٻه پُٽَ آهن مره ۽ عدي. رسول الله ﷺ مره جي اولاد مان آهن، جڏهن ته حضرت عمر رضي الله عنه عدي جي اولاد مان آهن.
شروعاتي زندگي
سنواريوپاڻ رضي الله تعالٰي عنه مڪي ۾ پيدا ٿيا ۽ انهن چند ماڻهن مان هيا جيڪي لکي ۽ پڙهي سگهندا هئا۔ جڏهن حضور اڪرم ﷺ ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏني ته حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه پاڻ ﷺ جي سخت مخالفت ڪئي۔ پاڻ ﷺ جي دعا سان حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه اسلام قبول ڪريو۔ ان لاء پاڻ کي مراد رسول به چيو ويندو آهي.
سنت حضرت عمر
سنواريوحضرت عمر بن خطاب جي متعلق مولوي شبلي نعماني الفاروق ۾ لکي ٿو ته عرب جو مشهور مرثيه خوان مهتمم بن نوير پاڻ جن جي خدمت ۾ آيو ته انهن فرمائش ڪئي ته زيد (پسر عمر بن خطاب) جو مرثيو لک مونکي تو وانگر چوڻ اچي ته مان پاڻ لکان۔
هجرت
سنواريوهجرت جي موقعي تي مڪي جي ڪافرن جي شر کان بچڻ جي لاء سڀن خاموشي سان هجرت ڪئي پر پاڻ جن جي غيرت ايمانيءَ لڪي هجرت ڪرڻ گوارو نه ڪيو.پاڻ جن تلوار هٿ ۾ ڪئي ڪعبي جو طواف ڪيو ۽ ڪافرن جي مجمع کي مخاطب ٿي چيو ته " توهان مان جيڪڏهن ڪوئي شخص هي چاهيندو هجي ته ان جي زال بيوه ٿر وڃي ان جا ٻار يتيم ٿي وڃن ته اهو مڪي کان باهر اچي منهنجو رستو روڪي ڏيکاري" پر ڪنهن ڪافر جي هممت نه ٿي جو پاڻ جن جو رستو روڪي سگهي.
واقعا
سنواريوپاڻ هڪ حاڪم هيو۔ هڪ ڀيري مسجد ۾ منبر رسول تي بيهي خطبو ڏئي رهيو هيو ته هڪ غريب شخص اٿي بيٺو ۽ چيو اي عمر! اسان تنهنجو خطبو ان وقت تائين نه ٻڌنداسين، جيستائين تون هي نه ٻڌائيندي ته هي تون جيڪو ڪپڙو پاتو آهي اهو وڌيڪ آهي جڏهن ته بيت المال مان جيڪو ڪپڙو مليو هيو، اهو ان کان تمام گهٽ هيو۔ ان شخص جي جواب ۾ حضرت عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه چيو ته مجمع ۾ منهنجو پٽ عبداللہ موجود آهي، عبدالله بن عمر بيهي رهيو۔ عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه چيو ته پٽ ٻڌاءِ ته تنهنجي پيءُ هي ڪپڙو ڪيڏانهن آندو آ نه ته قسم آهي ان ذات جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي آئون قيامت تائين هن منبر تي نه چڙهندس۔ حضرت عبدالله رضي الله تعالٰي عنه ٻڌايو ته بابا کي جيڪو ڪپڙو مليو هيو اهو تمام گهٽ هيو ان سان ان جو پورو ڪپڙو نه ٺهي سگهي ها۔ ۽ ان وٽ جيڪو پائڻ جي لاء لباس هيو اهو تمام پراڻو ٿي چڪو هيو۔ ان لاء مان پنهنجو ڪپڙو پنهنجي والد کي ڏئي ڇڏيو۔
ابن سعد فرمائن ٿا ته اسان هڪ ڏينهن حضرت امير المؤمنين رضي الله عنه جي دروازي تي ويٺا هئاسين ته هڪ ڪنيز گزري ۔ ڪجهه چوڻ لڳا ته هر ٻانهي حضرت جي آهي۔ پاڻ (حضرت عمر رضي الله عنه) فرمايو ته امير المؤمنين کي ڇا حق آهي ته هو خدا جي مال مان ٻانهي رکي۔ منهنجي لاء صرف ٻه جوڙا ڪپڙا هڪ گرمي جو ۽ ٻيون جهاڙي جو ۽ اوسط درجي جو کاڌو بيت المال مان وٺڻ جائز آهي۔ باقي منهنجي اها ئي حيثيت آهي جيڪا هڪ عام مسلمان جر آهي۔ جڏهن پاڻ ڪنهن بزرگ کي عامل بڻائي موڪليندا هئا ته هي شرطون ٻڌائيندا هئا : 1-گهوڙي تي ڪڏهن نه سوار ٿيجان۔ 2-عمدو کاڌو نه کائجان۔ 3-ڊگهو ڪپڙو نه پائجان۔ 4-حاجت مندن جي داد رسي ڪرجان۔ جيڪڏهن ان جي خلاف هوندو ته سزا ڏيندا هئا۔
عادتون
سنواريوحضرت عمر حضرت علي رضي الله تعالٰي عنه کان به ٻين صحابن وانگرمشورو ڪرندا هئا صحيح بخاری جي روايت جي مطابق حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه جي شهادت کان پوء جڏهن حضرت علي رضي الله تعالٰي عنه آيو ته فرمايائون ته ما ان جي اعمال نامي سان گڏ الله سان ملندم۔
شهادت
سنواريوهڪ غلام ابو لولو فيروزَ پاڻ جن کي فجر جي نماز ۾ مسجد نبوي ۾ خنجر سان حملو ڪيو ۽ ٽن جڳهن تي وار ڪيو۔ پاڻ ان زخمن کي نه صحيح سگهيا ۽ دنياء فاني مان ڪوچ ڪري ويا۔ پاڻ جن جي اتفاق راء سان حضرت عثمان کي امير المومنين منتخب ڪيو ويو۔
خارجي ڳنڍڻا
سنواريو- تاريخ خلفاء بقلم جلال الدين سيوطي
- سيرت امير المؤمنين عمر بن خطاب (سانچو:رض مذ) آرڪائيو ڪيا ويا 2007-09-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. بقلم شيخ سيد محمد يحييٰ الحسيني النينوي۔
عمر بن خطاب
| ||
پيشرو ابو بڪر |
خليفه راشد [[634ء|]] () – [[644ء|]] () |
جانشين عثمان بن عفان |
سانچو:خلفاء راشدين2 سانچو:وزير صحابه سانچو:خلفاء راشدين سانچو:صحابه
حوالا
سنواريو- ↑ محمد, ابن سعد (830-840 BCE). طبقات الڪبريٰ. pp. باب 3 صفحو 281.