-جنگ- -بدر- کان پوءِ نبي سڳوري صلي -الله- علي وسلم جي وڏي -جنگ- شوال 3 هه/23 مارچ 625ع ۾ لڳي، جنهن جا ذميدار قريش هئا، -جن- -بدر- واري -جنگ- جو بدلو وٺڻ لاءِ حملو ڪيو هو. نبي سڳوري -جن- ستن سَوَن اصحابين سان ڊاٻو ڪيو. قريش -ٽن- هزارن جي لشڪر سان گڏ الهندي طرف هئا. نبي سڳوري -جن- ننڍي ٽڪريءَ تي پنجاهه تيرانداز بيهاري ڇڏيا هئا ته جيئن اُهي اسلامي لشڪر جي حفاظت ڪن، ۽ کين تاڪيد ڪيائون ته ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي جاءِ نه ڇڏين. قريشن پهرئين ئي حملي ۾ ڀاڄ کاڌي ته پاڻ سڳورن جا بيهاريل تيرانداز به پنهنجي جاءِ ڇڏي ميدان ۾ لهي آيا. قريشن اهو ڏسي موٽي اچي، انهيءَ هنڌان مسلمانن جي لشڪر تي حملو ڪيو، جنهنڪري مسلمانن کي سخت مالي ۽ -جاني- نقصان پهتو ۽ خود نبي سڳوري صلي -الله- عليه وسلم -جن- جا ٻه ڏند مبارڪ به شهيد ٿي پيا.[1]

حوالا سنواريو