عباس بن علي
عباس بن علي | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 15 مَئي 647 مدينو |
موت | 10 آڪٽوبر 680 (33 سال) ڪربلا |
رهائش | مدينو |
شھريت | خلافت راشده (–661) خلافت اموي (661–) |
پيءُ | علي |
ماءُ | ام البنين |
ڀاءُ ڀيڻ | |
مادري ٻولي | عربي ٻولي |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي |
عسڪري خدمتون | |
وفاداري | خلافت راشده |
لڙائيون ۽ جنگيون | ڪربلا جي جنگ |
ترميم |
ڪربلا کي ڪربلا بڻائڻ ۾ ڪيترين ئي شخصيتن جو عمل دخل آهي، انهن مان هڪ عظيم مجاهد حضرت عباس بن امير المومنين جن آهن. جنهن جي بهادري، معرفت، امام حسين سان عشق ۽ وفا جا قسم زمانو کڻندو آهي. ان مقالي ۾ اسان حضرت جي زندگي تي هڪ نظر وجهون ٿا ۽ سندس زندگي جا مختلف پهلو ذڪر ڪيون ٿا.
حضرت عباس جي ولادت
سنواريوحضرت عباس جي ولادت 4 شعبان سن 26 هجري ۾ ٿي اوهان جو پي حضرت علي ء ماءَ حضرت بيبي ام المبين فاطمه ڪلابيه آهي.
حضرت عباس جا لقب
سنواريوتاريخ ۽ سيرت لکندڙن حضرت عباس جا ڪيترائي لقب ذڪر ڪيا آهن، جيڪي ان جي شخصيت جي عڪاسي ڪن ٿا. اسان هتي ڪجهه ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهيون
العبد الصالح
سنواريوحضرت امام جعفر صادق جڏهن پنهنجي چاچي عباس جي زيارت لاء آيا ته اتي ان نموني زيارت پڙهيائون:” السلام عليڪ ايها العبد الصالح“ سلام هجي توتي اي صالح ٻانها
قمر بني هاشم
سنواريوحضرت عباس جو هي لقب به هڪ عظيم لقب آهي؛ ڇو جو بني هاشم جو خاندان فضيلت ۽ عظمت وارو خاندان آهي جنهن ۾ فضيلت جي آسمان جا ڪيرائي چنڊ آهن مثلا حديث ڪساء ۾ رسول اڪرم لاء نقل ٿيو آهي ته سندس چهرو چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪي رهيو هو. جڏهن ته حضرت جا والدِ محترم حضرت عبدالله ”قمر حرم“ حرم جو چنڊ ۽ هاشم جا والدِ محترم ”قمر بطحا“ مڪي جو چنڊ، جي لقب سان مشهور آهن. انهن سڀني ۾ حضرت عباس جو لقب”قمر بني هاشم“ هجڻ سندن عظمت جي دليل آهي.
باب الحوائج
سنواريويعني حاجتن جو دروازو
حامل اللواء
سنواريويعني علمدار، حضرت امام حسين ڏهين جي ڏينهن عَلم پنهنجي ڀاء جي حوالي ڪيو هيو
سقا
سنواريوپاڻي پيارڻ جي رسم ان گهراڻي ۾ پراڻي زماني کان آهي. رسول اڪرم جي پڙ ڏاڏي جناب قصي هڪ کوه کوٽيو هو جنهن جو نالو بدر رکيائين. حضرت عبدالمطلب زمزم جي کوٽائي جو انتظام ڪيو، حضرت علي حوض ڪوثر جا ساقي آهن. ۽ حضرت عباس کي سقا چيو ويندو آهي ان لاء جو اهلبيت کي پاڻي پيارڻ جي ذميواري انهن تي هئي.
عباس جو علم =
سنواريوحضرت عباس جن حضرت اميرالمومنين جي جهولي ۾ تربيت پاتي، ان لحاظ کان هو هڪ وڏا عالم، فقيه، عابد ۽ زاهد انسان هيا. ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو اميرالمومنين ٻين لاء ته ”باب مدينه العلم“ هجن ۽ حبيب بن مظاهر، ميثم جهڙا شاگرد تيار ڪن پر پنهنجي اولاد کي عالم نه بڻائن.
در حقيقت حضرت عباس جو شمار ان صف ۾ ٿئي ٿو جنهن ۾ حضرت زينب آهن. جنهن جي لاء امام زين العابدين ارشاد فرمايو:انت عالمه غير معلمه“ تون بغير استاد جي عالمه آهين، يعني تنهجو علم، علم لدني آهي.
مرحوم آيت الله بير جندي لکن ٿا: حضرت ابو الفضل جن اهل بيت جي وڏن فقيهن ۽ عالمن مان آهن، بلڪه اهڙا عالم آهن جنهن غير جي شاگردي نه ورتي آهي
عباس جي شهادت
سنواريوعباس پاڻي لاءِ فرات ڏانهن روانا ٿيا ۽ دشمن کي نصيحت فرمايائون پر ڪو فائدو نه ٿيو. جڏهن موٽيا ٿي ته ٻارن جي” العطش العطش“ جو آواز ٻڌائون. پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿيا، نيزو ۽ مشڪ کنيائون ۽ فرات جي ارادي سان هلي پيا.جتي اوهان جي شهادت ٿي.