مديني طرف هجرت

محمد صہ جي مڪي کان مديني ڏانھن ھجرت

وحي جي ذريعي پيغمبر محمد صه کي ڪافرن ء مشرڪن جي منصوبي جي خبر پئجي وئي. چاهيندڙن ۾ فقط علي عه ئي هئا، جيڪي پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ سندن بستري تي ليٽيا، ۽ پاڻ سڳورا صه رات جي اونداهيءَ ۾ مڪي کان ٻاهر نڪري ويا. رات جو مقرر وقت تي مشرڪ حملي لاءِ ڪٺا ٿيا، پر جڏهن انهن بستر رسول تي علي عه کي ڏٺو ته وائڙا ٿي ويا ۽ پوءِ فوراً پاڻ سڳورن جي پٺيان نڪري پيا پر نامراد ٿي واپس موٽيا. 9 ڏينهن جي ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ پيغمبر مديني جي ويجهو مقام قبا تي پهتا جتي مديني وارن سندن ڀليڪار ڪئي.

مسجد قبا جي تعمير سنواريو

اتي پهچڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن مسجد قبا جي تعمير جو منصوبو جوڙيو، جيئن مسلمان اتي گڏجي نماز پڙهن ۽ پنهنجي اڏاوتي ڪمن جي منصوبا بندي ڪري سگهن.مسجد جي اڏاوت جو ڪم تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لڳو. پيغمبر صه به ان ڪم ۾ هٿ ونڊرائيندا هئا. تعمير کان پوءِ پاڻَ پهرين جمعي جي نماز ان ئي مسجد ۾ پڙهي ۽ هڪ مختصر تقرير به ڪيائون. پيغمبر ڪجهه ڏينهن اتي ئي پنهنجي نمائندي حضرت علي عه جو انتظار ڪندا رهيا، ته جيئن اهي هاشمين جي عورتن کي وٺي اچن ته پوءِ سڀئي گڏجي مديني ۾ داخل ٿين.

امانتن جو واپس ڏيڻ سنواريو

حضرت علي عه (پاڻ سڳورن کان پوءِ) ٽن ڏينهن تائين مڪي ۾ ترسيا ۽ جيڪي امانتون رسول وٽ رکيل هيون انهن کي ماڻهن تائين پهچايائون ۽ اڌ رات جو بني هاشمين جي عورتن کي ساڻ وٺي مديني طرف روانا ٿيا ۽ قبا ۾ پيغمبر سان اچي مليا. پيغمبر، حضرت علي عه ۽ عورتن سميت، ماڻهن جي پُرجوش استقبال سان مديني شهر ۾ داخل ٿيا.

ڏاچي سنواريو

هر هڪ شخص پاڻ سڳورن کي پنهنجي گهر مهمان ٿيڻ جي آڇ پئي ڪئي. پر پاڻ فرمايائون ته منهنجي ڏاچي جي رستي مان پري ٿيو. اها جنهن جي دروازي تي ويٺي، مان ان جو ئي مهمان بڻجندس.ڏاچي مديني جي وَرَ وڪڙ گهٽين کي طئي ڪندي رهي ايتري تائين جو ابوايوب انصاري جي دروازي تي اچي ويٺي ۽ اهڙي ريت پاڻ سڳورا حضرت ابوايوب جا مهمان ٿيا. مديني پهچي سڀ کان پهريان پاڻ سڳورن مسجد جو بنياد وڌو جيئن ان عزت ۽ عظمت واري هنڌ کان رسالت جي تبليغ جو آغاز ڪري سگهن. ان ئي وقت اوس ۽ خزرج قبيلي جي ويڙهه جو انت آڻي ٺاهه ڪرايائون جيڪا يهودين جي چرچ تي 120 سالن کان هلندي پئي آئي.

مهاجر، انصار لاءِ تڪليف نه بڻجن ان ڪري پيغمبر صه انهن ۾ ڀائيچارو قائم فرمايو. جيئن ٻئي ڌريون پاڻ ۾ گڏجي سهڻي زندگي گذارين.[1]

حوالا سنواريو