ام البنين
بيبي اُم البنين جو اصل اسم گرامي فاطمه ڪلابيه هو . هيءَ پهرين عورت آهي ، جنهن سان حضرت علي عليه السلام ، بيبي فاطمه الزهرا بنتِ محمدصه جي رحلت کان پوءِ نڪاح ڪيو . بيبي اُم البنين پنهنجو نالو فاطمه انهيءَ ڪري اُم البنين ۾ تبديل ڪيو ، جو جڏهن به کيس حضرت علي عليه السلام فاطمه جي نالي سان سڏيندا هئا ، تڏهن بيبي فاطمه الزهرا جا -ٻار- پنهنجي ماءُ کي ياد ڪري روئندا هئا . انهيءَ ڪري بيبي فاطمه ڪلابيه اهو طئي ڪيو ته هوءَ اڄ کان پاڻ کي اُم البنين جي نالي سان سڏائيندي . اُم البنين جي معنيٰ آهي ” پٽن جي ماءُ “ . بيبي اُم البنين کي چار پٽ هئا ، -جن- مان وڏو حضرت عباس علمدار عليه السلام هو . بيبي اُم البنين جا چارئي پٽ ڪربلا معليٰ ( نينوا ) ۾ 10 محرم الحرام 60ھ / مطابق 10- -آڪٽوبر- 680ع تي شهداءِ ڪربلا سان گڏ شهيد ٿيا . سنڌ ۾ حضرت عباس -بن- علي عليه السلام جو علم ، جيڪو حضرت -امام حسين عليه السلام- پنهنجي -ڀاءُ- علمبردار کي ڏنو . شيعا حضرات اهڙو عَلَمَ عام طرح سان وڏي عقيدتمنديءَ سان -امام- بارگاهن ۽ گهرن ۾ هڻندا آهن . حضرت عباس کي اڪثر ” باب الحوائج “ جي لقب سان ياد ڪندا آهن . سنڌ ۾ حاضري ( مشڪل حل ٿيڻ کانپوءِ حضرت عباس جو نياز ) وڏي پيماني تي ٿيندي آهي . انکانسواءِ وڏين بيبين ( بيبي آمنه ، بيبي فاطمه بنت -اسد- ۽ بيبي فاطمه ڪلابيه ) جي به -باس- ( منت ) ٿيندي آهي.[1]