ماءِ پيور لينڊ

منهنجي پاڪ زمين 2017 برطانوي ڊراما فلم سرمد مسود پاران هدايت ڪيل


ماءِ پيور لينڊ (منهنجي پاڪ زمين (انگريزي ٻولي: My Pure Land) ) برطانيا پاڪستاني فلم ساز سرمد مسود پاران هدايتڪاري هيٺ سال2017ع ۾ جاري ٿيل برطانوي ڊراما فلم آهي. [3] هيءَ 90 هين اڪيڊمي ايوارڊز ۾ بهترين غير ملڪي ٻولي فلم جي لاءِ برطانوي داخلا طور چونڊي وئي هئي، پر اها نامزد نه ڪئي وئي هئي. [4] اهو پهريون ڀيرو ٿيو هيو ته برطانيا کي اردو ٻوليءِ جي ڪا فلم پيش ڪئي هئي. [5]

My Pure Land

فلم پوسٽر
هدايتون سرمد مسود
رچنا بل ڪنوريغٽ
ليکڪ سرمد مسود
ستارا سوھائي ابڙو
سلمان احمد خان
رضيا ملڪ
طيب افضال
عمان فاطمہ
موسيقي ٽريستان ڪيسل - ڊيليويس
ايڊيٽنگ اوللي ستوٿرٽ
ورهائيندڙ بل ڪنوريغٽ فلمز
مهورت
  • 24 جون 2017 (2017-06-24) (EIFF)
  • 15 سيپٽمبر 2017 (2017-09-15) (UK)
وقت دوران 92 minutes
ملڪ يونائٽيڊ ڪنگڊم
ٻولي سنڌي
جملا آمدني $17,157 [1][2]

حوصلي افزائي سنواريو

براڊفورڊ ۾ تارڪ وطن والدين کي پيدا ٿيل برطانوي پاڪستاني فلم ساز سرمد (سم) مسود،  2012ع جي ايڪپريس ٽريبيون دي ايڪسپريس ٽرائبيون ۾ نازو ڌاريجو جي ڪهاڻي  " سنڌ ۾ سڀ کان مضبوط عورت" جي عنوان سان پڙھڻ کانپوءِ،  نازو ڌاريجو جي زندگيءَ تي فلم جي بنياد رکي [6] [7] [8] مسعود هن فلم کي "جديد دور جي پاڪستان ۾ هڪ فيمنسٽ ويسٽرن سيٽ، هڪ عورت جي غيرمعمولي منفرد سچي ڪهاڻيءَ  تي ٻڌل قصو جنهن ۾ هوءَ ۽ سندس ڪٽنب جيڪي گڏجي 200 ڌاڙيلن کان پنهنجي گهر ۽ زمين جي حفاظت ڪن ٿا" طور بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ عورتجي دليريءَ کي بيان ڪيو ويو آهي، اها هڪ منفرد فلم آهي جيڪا پنهنجي منفرد ڪهاڻي جي بنياد تي آهي. [9]

فلمي خاڪو سنواريو

نازو ڌاريجو سنڌ جي هڪ ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ ۾ پنهنجي والدين، ٻن ڀينرن ۽ هڪ ٻڍي ڀاءَ سان رهندي آهي. فلم جي شروع ۾، سندس پيءُ پنهنجي ڌيئرن ۽ پنهنجي پُٽَ کي پڻ زمين جي قدر ڪرڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ حوصلاافزائي ڪئي آهي ته : " ڪجهه به ٿي پوي ڪوبه فرق نٿو پوي، توهان کي ان زمين جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي صرف زمين ناهي، هي توهان جو اعزاز آهي." [6] نازو جو والد ۽ ڀاءُ  گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، سندس هڪ سازشي چاچو خاندان جي زمين (فارم) تي دعويٰ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نازو، پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن سان گڏجي، پنهنجي زمين جو دفاع  ڪري ٿي، ايتري قدر جو جڏهن سندن چاچي پاران ڀاڙي تي گهرائيل 200 هٿياربند ڌاڙيل حملو ڪري ڏين ٿا. [10]

استقبال سنواريو

2017 ايڊنبرگ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پنهنجي پهرئين فلم شو کانپوءِ، ماءِ پيور لينڊ 90هين اڪيڊمي ايوارڊز ۾ بهترين داخلي غير ملڪي ٻوليءَ جي فلم جي لاءِ برطانوي داخلي (انٽري) طور چونڊي وئي هئي، پهريون ڀيرون برطانيا اردو ٻوليءَ جي فلم پيش ڪئي هئي. [5] جيئن ته هيءَ اڪيڊمي جي نامزد ٿيندڙ فلمن منجهان هڪ نه بڻجي سگهي، پر "آسڪر ڪنڪشن" پاران فلم جي پروفائيل کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي. [11]

تجزئي ڪارن عام طور تي فلم جي خوبصورتي، ان جي جذباتي اثرن ۽ پاڪستاني نرتڪي سوهائي ابڙو جي نوجوان مکيا خاص ڪردار نازو ڌاريجو جي طور تي اداڪاريءَ جي تعريف ڪئي آهي. فليش بيڪ جو وسيع پيماني تي استعمال ڪجهه ماڻهن لاءِ دلچسپيءَ ته ڪجهه ٻين جي لاءِ مونجهارو رکي ٿو. [11] گارڊين ان فلم کي "سُٺو خيال ٿورڙو تيڏو ٿي ويو" چئي پنجن ستارن مان ٻه ستارا ڏنا. [12] ٽائمز، پاران ان فلم کي  "ليريڪل, هارٽ-پوندنگلي تينسي اينڊ سٽرڪنگلي فيمنسٽ" چئي پنج ستارن منجهان چار ستارا ڏنا. [13]

روٽن ٽماٽر ٽوماٽوميٽر تي ان فلم کي 94 سيڪڙو ڏنو، جنهن ۾ ناظرين جو اسڪور 75 سيڪڙو هيو.[14]

فنڪار سنواريو

  • نازو جي ڪردار ۾ ، سوھائي ابڙو
  • سلمان احمد خان ، عامر جي ڪردار طور
  • تنوير حسين سيد، بابا جي ڪردار ۾
  • رضيہ ملڪ ،وڏيري جي طور تي
  • طيب افضال ،ذو الفقار جي ڪردار طور تي
  • عمان فاطمہ

حوالا سنواريو

  1. "My Pure Land". باڪس آفس موجو. حاصل ڪيل 26 October 2017. 
  2. "My Pure Land". The Numbers. حاصل ڪيل 26 October 2017. 
  3. Carter, Ashley. "Could This Nottingham Filmmaker Win An Oscar?". Left Lion. حاصل ڪيل 14 September 2017. 
  4. Pond, Steve. "Oscars Foreign Language Shortlist Includes 'The Square,' 'A Fantastic Woman'". The Wrap. حاصل ڪيل 14 December 2017. 
  5. 5.0 5.1 Roxborough, Scott. "Oscars: U.K. Selects 'My Pure Land' for Foreign-Language Category". The Hollywood Reporter. حاصل ڪيل 14 September 2017. The U.K. has picked My Pure Land, an Urdu-language feature from first-time director Sarmad Masud, as its submission for consideration for the 2018 Oscars in the foreign-language film category. This marks the first time Britain has submitted an Urdu-language title to be its Oscar hopeful. 
  6. 6.0 6.1 Safdar, Anealla. "Sarmad Masud on feminism, My Pure Land, and Pakistan". Al Jazeera. حاصل ڪيل 7 December 2018. I came across an article in The Express Tribune - "Meet Nazo Dhajero: The toughest woman in Sindh" - and sent the journalists who wrote it an email. That's how I got to speak to Nazo. 
  7. Imtiaz, Saba. "Meet Nazo Dharejo: The toughest woman in Sindh". دي ايڪسپريس ٽريبيون. حاصل ڪيل 29 December 2018. xx 
  8. Sharma, Isha. "In A First, An Urdu Film Has Made A Cut As England’s Official Submission To The Oscars!". India Times. حاصل ڪيل 29 December 2018. The film is based on the real story of Nazo Dharejo, who grew up in a rural pocket of Sindh with her two sisters and elder brother. Nazo's father, Khuda Buksh was a farmer and her mother Waderi Jamzadi had to raise her children. 
  9. Carter, Ashley. "Interview: My Pure Land director Sam Masud". LeftLion. حاصل ڪيل 29 December 2018. It’s a modern-day feminist Western set in Pakistan, based on the extraordinary true story of one woman and her family who defended their home and land from 200 bandits. The film was self-funded via friends and family and our last investor was the great supporter of Pakistani cinema - Mr Bill Kenwright. 
  10. "British Council Film: My Pure Land". film.britishcouncil.org. حاصل ڪيل 31 January 2019. 
  11. 11.0 11.1 Dalton, Stephen. "'My Pure Land': Film Review". Hollywood Reporter. حاصل ڪيل 29 December 2018. 
  12. "My Pure Land review – a good idea gone slightly awry". The Guardian. حاصل ڪيل 30 December 2018. It’s a good idea (a female-centric Pakistani western, shot on location!) that doesn’t quite hang together, though there are things to appreciate, such as Haider Zafar’s cinematography, which captures the gorgeous, stoic Nazo in silhouette at sunset and lit by moonlight. 
  13. Potton, Ed. "Film review: My Pure Land". The Times. حاصل ڪيل 30 December 2018. 
  14. روٽن ٽماٽر جي درجا بندي


خارجي ڳنڍڻا سنواريو