بوڪيفالا ۽ نيڪايا
بوڪيفالا ۽ نيڪايا (يوناني: Βουκεφάλα Νίκαια)، جهلم درياھہ جي ٻنھي پاسن تي سڪندر اعظم طرفان جوڙايل ٻہ شهر هئا، ٻنھي شھرن جو بنياد برصغير تي حملي دوران راجا پورس جي شڪت کان ڪجھ وقت پوءِ 326 قبل مسيح ۾ رکيو ويو.
Boukephala and Nikaia | |
جهلم جي هڪ پل تان جھلم ندي جو نظارو، اڳ ان کي بوڪیفالا جو شھر سمجھيو ويندو هو. | |
مقانيت | 32°39′34″N 73°24′19″E / 32.65944°N 73.40528°E |
---|---|
تاريخ | |
ٺاھيندڙ | ڪراتورس، سڪندر اعظم جي حڪم تي |
بنياد پيو | 326 ق.م |
دور | یوناني ۽ موریا دور |
اها پڪ ناهي تہ جنگ جي ميدان تي اڏيل ھنن شھرن مان ڪهڙي شھر جو نالو ڪھڙو ھو. پر گھڻو ڪري جهلم درياھہ جي اڀرندي ڪناري تي اڏيل شهر کي نیڪايا (يوناني: nike، لغوي معني:فتح) سڏيو ويندو هو، جڏهن تہ اولھندي شھر جو نالو شايد سڪندر جي گھوڙي بوسيفالس جي نالي پٺيان بوڪيفالا رکيو ويو، جيڪو جنگ دوران يا ان کان پوءِ مري ويو ھجي. ھنن جاڙن شھرن جي اڏاوت جي نگراني سڪندر جي اهم جنرلن مان هڪ ڪراتورس ڪئي. ٻئي شھر شروع ۾ ڏکڻ ايشيائي چوماسي برساتن سبب متاثر ٿيا. لڳي ٿو بوڪيفالا کي نيڪايا کان وڌيڪ اھميت مليل ھئي. بوڪيفالا جو ذڪر پلينيوس ۽ بطليموس ڪيو آھي. ان کانسواءِ بوڪيفالا جو ذڪر پهرين صدي عيسوي جي قلمي نسخي اريٿرين سمنڊ جي رھبرنامو ۽ تیبولا پیوتنگیریانا جي نقشي تي پڻ ڏيکاريل آھي. ٻنھي شهرن جا صحيح هنڌ معلوم نہ آهن، پر امڪان اهو آهي تہ بوڪيفالا جلالپور جي ويجھو ھو جڏھن تہ نیڪايا درياھہ جي پار اڄوڪي مونگ جي ويجهو هو.
تاريخي احوال
بنیاد
مقدونيا جو بادشاهہ سڪندر اعظم، 334 ق.م ۾ پارس جي سلطنت اڪئمنيڊ تي قبضو ڪيو. 334 ق.م ۾، هن پارس جي بادشاهہ دارا ٽيون کي آئسس (333 ق.م) ۽ گوگاميلا (331 ق.م) جي جنگين ۾ فيصلائتي شڪست ڏئي اولهہ ايشيا جي گهڻي حصي تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ ھن ڪاميابيءَ سان باختر جي حاڪم بيسوس خلاف مهم هلائي، جنهن دارا کي قتل ڪيو هو ۽ پاڻ کي فارس جو ڪیخسرو پنج قرار ڏنو هو. بيسوس جي گرفتاري ۽ قتل ڪرڻ کان پوء، مقدوني بادشاھہ مقامي حڪمرانن کي ماتحت ڪرڻ لاءِ ڏکڻ طرف سنڌو درياھ ڏانهن وڌيو ۽ اورنوس جي قلعي تي قبضو ڪيو. ھن اپريل 326 ق.م. ۾، هندستان جي مهم جي شروعات ڪرڻ لاءِ سنڌو درياھ ۽ هائيڊسپس نديءَ کي پار ڪيو، ۽ هائيڊاسپس جي جنگ ۾ هندستان جی بادشاھہ، راجا پورس کي شڪست ڏيڻ لاءِ مھمن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو.[1]
سڪندر اعظم جا پنج ئي تاريخ نويس — آريانوس، پلو ٽارڪ، ڊيوڊورس، ڪورتيس ۽ جسٽن متفق آهن تہ سڪندر، سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن تي ٻه شهر ٺهرايا، هڪ جو نالو نیڪايا ۽ ٻئي جو نالو بوڪيفالا ھو.[2] ڪراتورس، سڪندر جي مکيه جنرلن مان هڪ ھو، ۽ نئين شهرن جي تعمير جو ڪم ھن جي ئي حوالي ڪيو ويو ھو. ھن پنج مھينا اڳ ساڳيو ڪم اریگائیون (هڪ قديم شهر جيڪو ممڪن طور نواگئي، باجوڙ، وٽ واقع ھو) جي اڏاوت مھل پڻ سرانجام ڏنو هو. ڊيوڊورس جي مطابق اھي آباديون تڪڙيون تعمير ڪيون ويون، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي مزدور موجود هئا.[3] پنهنجي هندستاني مهم کي جاري رکڻ لاءِ اڳتي وڌڻ کان اڳ، سڪندر اعظم پنهنجي فتح جو جشن، الهندي شهر جي ويجهو ملهايو، جنهن کي آريانوس جي اصطلاحن ۾ ”جمناسٽڪ ۽ گهوڙن جو مقابلو“ سڏيو ویو آهي.[4] سڪندر ڪجهه مهينن کان پوءِ هائيفيسس ندي (جديد دور جي بياس ندي) ويجھو سندس فوج ۾ ٿيل بغاوت بعد جاڙرن شهرن ڏانهن واپسي ڪئي. ھن اتي فوجين کي حڪم ڏنو تہ چوماسي برساتن سبب ٿيل نقصان جي مرمت ۾ مدد ڪن. چوماسي برساتن کان يوناني آگاھہ نہ ھئا، ان لاءِ ھنن برساتن جو مقابلو ڪرڻ جھڙا گهر تعمير نہ ڪيا ھئا.[5]
سڪندر پنھنجي فتح جي نشاني طور شھر اڏرايا ھئا يا وري اڏايل شھرن کي فوجي ڇانوڻين طور استعمال ڪندو ھو، ان بابت ماھرن ۾ اختلاف آھن. مؤرخ اين جي ايل هيمنڊ مطابق بوڪيفالا ۽ نيڪايا، هڪ وڏي نديءَ جي ڪناري تي قائم ڪيا ويا ھئا، يقينن واپاري رستن کي ذهن ۾ رکندي قائم ڪيا ويا ھوندا.[6] آريانوس مطابق، سڪندر شايد بوڪيفالا ۾ گودام قائم ڪيا هوندا، جيتوڻيڪ ڪرٽيس روفس جي مطابق ھي شھر آسينس (چناب ندي) تي واقع هئا.[7] سڪندر پاران قائم ڪيل ڪيترن ئي شهرن ۾ بوڪيفالا ۽ نيڪايا منفرد شھر آھن، جيڪي ڪنھن قلعي يا گاديءَ جي ھنڌ ويجهو نه هئا.[8]
جيتوڻڪ شهرن جي بنياد ۽ نالن جي تفصيل بابت تاريخي ماخذن ۾ واضع ٻڌايل ناھي، پر آريانوس جاڙن شهرن جي هنڌ ۽ نالن بابت ٻڌائي ٿو، جن مان پڙھندڙ سمجھي سگهن ٿا تہ ٻن شهرن مان هڪ جو نالو نيڪايا ۽ ٻئي جو نالو بوڪیفالا هو، پر اهو واضح ناهي تہ ڪهڙو نالو ڪھڙي شھر سان لاڳاپيل آھي. ماھرن جي اڪثريت جو جھڪاءُ ان پاسي آھي تہ نيڪايا اڀرندي شهر جو نالو ھو، پر مؤرخ ای بی بوسورٿ مطابق هي نتيجو گرامر جي غير يقيني صورتحال جي ڪري ڪنهن حد تائين عارضي آهي.[9] ان کان سواءِ ڪو ٻيو ذريعي ناھي جنھن سان شھرن جي نالن جي خبر پئجي سگهي، ممڪن آھي خود آريانوس کي پڻ خبر نہ هجي تہ ڪهڙو شهر ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو هو.[2]
سڪندر جي گهوڙي بوسيفالس جي موت بابت پڻ منجھارا موجود آھن، جنهن جي نالي تي بوڪيفالا شھر جو نالو رکيو ويو. جسٽن مطابق بوسيفالس هائيڊاسپس جي جنگ جي شروعات ۾ ڪري پيو.[10] پلو ٽارڪ مطابق بوسيفالس ان وقت نہ پر ڪجھہ وقت پوءِ زخمن سبب مري ويو، يا وري سندس فطري عمر پوري ٿي وئي ھئي.[11] آريانوس پڻ ان ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿو تہ بُسيفالس، اٽڪل ٽيهه ورهين جي ڄمار ۾ پنھنجي فطري عمر پوري ٿيڻ سبب مري ويو.[12] جيئن تہ ڊيوڊورس ۽ ڪرٽيس روفس ٻنهي شهرن جو بنياد انهن جي نالن کان الڳ ڪيو آهي، اهو ممڪن آهي تہ گهوڙو سڪندر جي اوڀر طرف وڃڻ کان پوء مري ويو ھجي ۽ سڪندر جي جاڙن شھرن ڏانھن واپسي تي ھڪ شھر جو نالو گهوڙي پويان رکيو ويو ھجي.[2]
بعد جي تاريخ
لڳي ٿو بوڪيفالا ڪجھ صدين تائين آباد رھيو. اهو غالباً موريا سلطنت (ت. 320 کان 185 ق.م) جي حڪمراني هيٺ رھيو هو، جڏهن تہ ھن شھر جي آباد ھجڻ جو ھڪ سبب ان علائقي ۾ ھند۔يوناني بادشاهت (ت. 170 ق.م. - 10ع) جي موجودگيءَ پڻ ھئي [13] ويهين صديءَ ۾، وليم ووڊٿورپ ٽرن دعويٰ ڪئي تہ اها آبادي پهرين صدي قبل مسيح جي ھند۔يوناني بادشاهت ھپوسٽراٽس جي راڄڌاني هئي، ڇاڪاڻ تہ اتان لڌل سڪن ۾ ان ڳالھہ جون علامتون موجود آھن، ھن مطابق اھڙا سڪا صرف يوناني شهر جا ٿي سگھن ٿا. پر اھا دعوي سچي ناھي ڇو تہ هائيڊاسپس جي ويجهو اهڙا ڪي بہ سڪا نہ مليا آهن.[14] ان دوران هندستاني تاريخدان ای. ڪي. نارائڻ سوال اٿاريو تہ ڇا بوڪيفالا ميناندر اول (ت. 150 ق. م) جي وقت تائين موجود هو؟ پر ان سوال جو جواب پهرين صدي عيسوي ۾ ٺھيل اريٿرين سمنڊ جي رھبرنامي ۾ شهر جي موجودگيءَ سان ملي ويو، جيڪو رومي واپاري ملاحن لاءِ هڪ ھدايت نامو آهي.[15]
بوڪيفالا جو ذڪر ڪيترن ئي يوناني رومي ماخذن ۾ آيل آھي، ھن شھر جو ذڪر اليگزينڊر ناول جي مختلف تبصرن، بطليموس ۽ پلينيوس جي لکڻين ۾ شامل آھي، جيڪو هن شهر کي ٽنهي شھرن جو سردار قرار ڏئي ٿو ۽ اتي آسي قبيلي جي حڪمراني ٻڌائي ٿو. ساڳي ڳالھہ جو ذڪر ٽبيولا پٽنگريانا ۾ بہ ملي ٿو. 13 ھین صدي عيسويءَ جي هڪ اسلامي عالم ياقوت الحموي پڻ ساڳي ڳالھہ لکي آھي.[16] قديم لکڻين يا نقشن ۾ نيڪايا جو ذڪر تمام گهٽ نظر اچي ٿو، ممڪن آهي تہ پورس لاءِ اليگزينڊرريا جو نالو، جنهن جو ذڪر اڪثر ڪيو ويندو آهي، حقيقت ۾ نیڪايا ڏانهن اشارو ھجي. [17]
قديم ماخذ عام طور تي شهرن جا نالا هڪجهڙائي لکن ٿا، پر بازنطيني دور ۾ بوڪيفالا کي ”بوڪيفاليا“ ۽ ”اليگزينڊريا بوڪفالوس“ پڻ سڏيو ويو آھي.[2] سڪندر اعظم، اڪثر ڪري فوجي فتوحات حاصل ڪرڻ کان پوءِ شهر تعمير ڪرائيندو ھو، ٿورو وقت اڳ ئي ھن پاروپاميز جي اوڀر ۾ ”نيڪايا“ نالي هڪ ٻيو بہ شھر اڏايو ھو. ٽرن مطابق سڪندر پاران اڏايل سمورن شھرن کي "اليگزينڊريا" سڏيو ويندو ھو ۽ ٻيا نالا گھٽ استعمال ٿيندڙ ۽ صرف عرفيت هئا؛ هي دعوي عام طور تي بي بنياد سمجهي ويندي آهي.[18][19]
جڳھ
تاريخدان گٽيزل ڪوهن جي مطابق، بوڪيفالا ۽ نيڪايا جي جڳھن بابت قديم زماني کان ئي تڪرار موجود هو.[20] جيئن تہ جهلم ندي قديم زماني کان وھڪرا تبديل ڪندو رھيو آهي، جنهن ڪري اڀرندي طرف ڌٻڻ واري زمين پيدا ٿي ۽ چوماسي برساتن سڪندر جي زماني ۾ ئي شهرن کي نقصان پهچايو هو، تنهن ڪري اهو ممڪن ناهي تہ، ڪنهن بہ شهر جو گهڻو حصو، ايتري نقصان ۽ دٻڻ واري زمين جي اندر ثابت رھي سگهي ۽ کوٽائي سان ظاھر ٿي وڃي. ڪن تاريخدانن بوڪیفالا جي اصل ھنڌ کي جهلم شهر يا دلاور جي ويجهو هڪ ٽڪري کي ڄاڻيو آهي، پر 1932ع ۾ آرڪيالاجسٽ ارل اسٽين جي تجويز ڪيل راءِ موجب، بوڪيفالا جو شھر جلالپور شريف جي هيٺان واقع آهي.[21] اسڪندر اعظم جي ياد ۾ حڪومت پاڪستان ۽ يونان جي سفارتخاني 1998ع ۾ ھڪ يادگار جوڙايو، جيڪو ھن وقت تباھ حالي جو شڪار آھي.[22]
جيئن تہ بوڪيفالا درياھہ جي ويجھو ۽ نيڪايا ٻي ڪپ تي واقع ھو، [23] جيڪڏهن بوڪيفالا جلالپور جي ويجھو ھو تہ پوءِ نيڪايا لاءِ سڀ کان وڌيڪ موزن ماڳ مونگ شهر آهي، جيڪو درياھہ جي اوڀر طرف 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي.[24] هي مفروضو اليگزينڊر ڪننگھام هندستان جي پهرين آرڪيالاجيڪل سروي دوران تجويز ڪيو هو. [25] ٻين جو خيال آهي تہ اها آبادي اڄوڪي ڳوٺ سک چین پور جي ڀرسان آهي.[24]
ھنن جاڙن شهرن جو حوالو مولسرواستيواد وینايا ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو هڪ ابتدائي ٻڌ ڌرم جي اسڪول جي تري پتاڪا متن آهي، جيڪو غالباً ڪشن سلطنت جي ڪنشڪا جي دور جو آهي.[26] وِینَایا، جنهن ۾ گوتم ٻڌ جي سفرن مان هڪ جو تفصيل آهي، ان ۾ ٻن شهرن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آھي ۽ انھن کي اديراجيا ("پهرين بادشاهت جي جاءِ") ۽ ڀدراسوا ("سٺن گهوڙن جي جاءِ") لکيو ويو آھي، جن کي گنڌارا کان ماٿورا جي رستي ويتاسٽا (يعني هائيڊاسپس) جھلم نديءَ تي واقع ٻڌايو ويو آھي. جيتوڻيڪ گوتم ٻڌ انهن شهرن کي افسانوي بادشاھہ مهاسماتا سان ڳنڍيو هو، پر ممڪن آهي تہ اهي حقيقت ۾ بوڪيفالا ۽ نيڪايا جا شهر هجن. [7] اهڙي طرح، جلالپور جي مٿان گرجاڪ جي ماڳ تي منگلا ديوي جي مزار تي هڪ پراڻي هندو روايت ۾ هڪ "جادوئي گهوڙي" جي موت جو قصو بہ شامل آهي.77[27]
حوالا
- ↑ Bosworth 2014; Lane Fox 1986, pp. 355–361.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 Cohen 2013309.
- ↑ Cohen 2013271–272, 309–310.
- ↑ Fraser 1996, p. 70; Arrian, 5.10.1.
- ↑ Fraser 199670, 161.
- ↑ Hammond 1998265.
- ↑ 7.0 7.1 Eggermont 199312.
- ↑ Fraser 1996172–173.
- ↑ Bosworth 1980, pp. 311–312; Arrian, 5.19.4.
- ↑ Justin, 11.12.8.
- ↑ Cohen 2013, p. 309; Plutarch, 61.1.
- ↑ Cohen 2013, p. 309; Arrian, 5.19.5.
- ↑ Fraser 1996161–162.
- ↑ Fraser 1996, p. 162, n. 111; Cohen 2013, p. 312.
- ↑ Fraser 1996, p. 162, n. 111; Cohen 2013, p. 310.
- ↑ Cohen 2013310–311.
- ↑ Tarn 1979, p. 243; Cohen 2013, p. 318.
- ↑ Tarn 1979233.
- ↑ Hammond 1998261, 263.
- ↑ Cohen 2013310.
- ↑ Fraser 1996161.
- ↑ Lane Fox, Robin (24 March 2023). "On the trail of Alexander the Great". Financial Times. https://www.ft.com/content/2b35ebd5-3b47-4725-93cf-6a573faba3de. Retrieved 27 April 2023.
- ↑ Cohen 2013311–312.
- ↑ 24.0 24.1 Cohen 2013318.
- ↑ Cunningham 202336.
- ↑ Eggermont 1993, p. 12; Langenberg 2012, p. 46.
- ↑ Wood 1997190.
ماخذ
قديم
- Arrian. The Anabasis of Alexander. London: Hodder & Stoughton. https://www.gutenberg.org/files/46976/46976-h/46976-h.htm. (1884)
- Justin. Epitome of Pompeius Trogus. London: Henry George Bohn. http://attalus.org/info/justinus.html. (1853)
- Plutarch. Parallel Lives. Cambridge: Harvard University Press. https://penelope.uchicago.edu/Thayer/E/Roman/Texts/Plutarch/Lives/Alexander*/home.html. (1967)
جديد
- Bosworth, Albert Brian (1980). A Historical Commentary on Arrian's History of Alexander. Oxford: Clarendon Press. ISBN 9780198148289.
- Bosworth, Albert Brian. "Alexander the Great". The Oxford Companion to Classical Civilization. Oxford: Oxford University Press. ISBN 9780198706779. Unknown parameter
|url-access=
ignored (مدد) - Cohen, Getzel (2013). The Hellenistic Settlements in the East from Armenia and Mesopotamia to Bactria and India. Berkeley: University of California Press. ISBN 9780520953567. https://books.google.com/books?id=3aabFPHxRPUC.
- Cunningham, Alexander (2023). Archaeological Survey of India. 2. Frankfurt: Anatiposi Verlag. ISBN 9783382116613. https://books.google.com/books?id=wHKvEAAAQBAJ.
- Eggermont, P. H. L. (1993). Alexander's campaign in Southern Punjab. Leuven: Peeters Publishers. ISBN 9068314998. https://books.google.com/books?id=Brg7MFO-1SQC&pg=PA12.
- Hammond, N. G. L. (1998). "Alexander's Newly-founded Cities". Greek, Roman, and Byzantine Studies (Duke University Press) 39: 243–269. https://grbs.library.duke.edu/article/viewFile/2391/5929.
- Fraser, Peter M. (1996). Cities of Alexander the Great. Oxford: Clarendon Press. ISBN 6610763887. https://books.google.com/books?id=2EgbAAAAYAAJ.
- Lane Fox, Robin (1986). Alexander the Great. London: Penguin. ISBN 0140088784. https://archive.org/details/alexandergreat00robi/.
- Langenberg, Amy Paris (2012). "Scarecrows, Up ā sakas , Fetuses, and Other Child Monastics in Middle-Period Indian Buddhism". in Sasson, Vanessa. Little Buddhas: Children and Childhoods in Buddhist Texts and Traditions. Oxford: Oxford University Press. pp. 43–74. doi: . ISBN 9780199979929. https://doi.org/10.1093/acprof:oso/9780199860265.003.0002.
- Tarn, William Woodthorpe (1979). Alexander The Great. II: Sources and Studies. Cambridge: Cambridge University Press. ISBN 052122585X. https://archive.org/details/dli.pahar.2882.
- Wood, Michael (1997) (en ۾). In the Footsteps of Alexander the Great: A Journey from Greece to Asia. Berkeley: University of California Press. ISBN 9780520231924. https://books.google.com/books?id=5wDWn1dL6HMC.