شيراز (انگريزي: Shiraz) ايران جو پنجون وڏو شھر آھي. ھي شھر ايران جي صوبي فارس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1565572 آھي. جيڪڏھن شھر جا مضافاتي علائقا ڳاڻاٽي ۾ آڻجن تہ پوءِ شھر جي آبادي 18 لکن کان بہ مٿي ٿي ويندي[3]. ھي ايران جي ڏاکڻئين حصي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھي فارس جي جابلو علائقي ۾ آباد آھي ۽ ھن شھر جي سرزمين جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1486 ميٽر آھي. ھتان جي موسم خوشگوار آھي ۽ ھي ھزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان واپار جو ھڪ وڏو مرڪز رھيو آھي. شيراز ميونسپالٽيءَ جي ڪل پکيڙ 240 چورس ڪلوميٽر آھي جيڪا 11 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھي.

شيراز
Shiraz
شھر
Shiraz skyline
Tomb of HafezTomb of Saadi
Karim Khan Citadel, ShirazShah Cheragh
Shiraz Botanical GardenNasir ol Molk Mosque, Shiraz
مٿان کان، گھڙيال جي ڪانٽن جي ابتي رخ ۾: شيراز شھر، سعديءَ جو مقبرو، شاھ چراغ جو مقبرو، نصيرالملڪ جي مسجد، ارم باغ، ڪريم خان جو ڪوٽ، حافظ جو مقبرو
عرفيت: ايران جو ثقافتي شھر
شاعرن جو شھر
باغن جو شھر
گلن ۽ بلبل جو شھر
شيراز is located in Iran
شيراز
شيراز
ايران ۾ شيراز جي بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 29°36′36″N 52°32′33″E / 29.61000°N 52.54250°E / 29.61000; 52.54250مڪانيت: 29°36′36″N 52°32′33″E / 29.61000°N 52.54250°E / 29.61000; 52.54250
ملڪ ايران
صوبو فارس
شھرستان شيراز
حڪومت
 • قسم سٽي ڪائونسل
 • ميئر احسان اسنافي (Ehsan Asnafi)
پکيڙ
 • شھر ٢٤٠ ڪ.م٢ (٨٦٫٤٨٧ ميل٢)
 • زميني ٢٤٠ ڪ.م٢ (٨٦٫٤٨٧ ميل٢)
 • آبي ٠ ڪ.م٢ (٠ ميل٢)  0%
بلندي ١,٥٠٠ ميل (٥,٢٠٠ ft)
آبادي (2016 Census)

آٽڪل 2000 ق.م ۾ ايلامائيٽ (Elamite) ٻوليءَ ۾ لکيل مٽيءَ جي تختين تي ھن شھر جو نالو تيرازيس (Tirazis) لکيو ويو آھي[4]. شروع ۾ ھي شھر ابو نضر قلعي واري علائقي ۾ آباد ھو ۽ 693ع ۾ بنو اميہ گھراڻي جي دور حڪومت ۾ موجودھ ھنڌ تي ٻيھر آباد ڪيو ويو. ھن شھر 9 کان 11 صديءَ جي وچ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي. تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر علم، ادب ۽ ثقافت جو وڏو مرڪز بنجي ويو. 1750ع کان 1800ع تائين زند گھراڻي جي بادشاھيءَ دوران ھي پرشيا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ايران جا ٻہ وڏا شاعر سعدي ۽ حافظ ھن شھر جا رھواسي ھئا. سندن مزارون موجودھ شھر جي اترئين حصي ۾ موجود آھن.

ھن شھر ۾ ڪيترائي خوبصورت باغ آھن جن مان باغ ارم پنھنجو مٽ پاڻ آھي[5]. ھن شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ عاليشان قسم جا گلم, غاليچا ۽ قالين ٺھن ٿا. ھتي سيمنٽ، کنڊ، ڀاڻ، ڪپڙي ٺاھڻ ۽ تيل صاف ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين ٺاھڻ جا ڪارخانا آھن. ھتي اليڪٽرانڪس جي شين جو ڪاروبار بہ عروج تي آھي. شيراز ۾ ايران جو پھريون شمسي توانائيءَ تي ھلندڙ بجلي گھر بہ موجود آھي. تازو شھر جي ٻاھران باباڪوھي جبلن تي پن چڪيون (Wind Turbines) لڳايون ويون آھن.

شيراز نالي جو بنيادسنواريو

1970ع ۾ سرون ٺاھڻ لاءءِ ھڪ بٺيءَ جي کوٽائي ڪندي مٽيءَ جون ڪجھ تختيون (Clay Tablets) ھٿ آيون جن تي ڪجه اکر لکيل ھئا. تحقيق ڪرڻ تي پتو پيو تہ اھي تختيون 2000 ق.م ۾ ايلامائيٽ ٻوليءَ ۾ لکيون ويون ھيون، جن تي ھڪ شھر تيرازيس (Tirazis) جو نالو لکيل ھو[4]. ماھرن جي خيال ۾ اھوئي موجودھ ”شيراز“ جو بنياد آھي. ھن شھر جي ڏکڻ ۾ موجود ساساني دور جي مليل مٽيءِ جي مھرن تي پڻ شيراز لفظ اڪريل ھو. فردوسيءَ جي مشھور ڪتاب شاھنامہ ۾ لکيل آھي تہ ھي شھر دنيا جي ٽئين بادشاھ طھمورث (Tahmuras) اڏايو ھو جنھن جي پٽ جو نالو شيراز ھو[6].

تاريخسنواريو

اسلام کان اڳ وارو دورسنواريو

ستين صدي عيسويءَ کان اڳ ھن شھر جي وجود جو ڪو پڪو پختو رڪارڊ نہ ملي سگھيو آھي. 1933ع ۽ ان کان پوءَ آثار قديمہ جي ماھرن جي ٿيل کوجنا مطابق ڇھين صدي قبل مسيح ۾ موجودھ شھر واري علائقي ۾ ھڪ وسندي آباد ھئي. ھن شھر جي آسپاس ساساني دور جا ڪيترائي کنڊر مليا آھن، جن ۾ شھر جي اوڀر ۾ برم دلڪ جا کنڊر، اتر اولھ ۾ گويم (Guyim) نالي قديم ڳوٺ ۽ اوڀر ۾ قصر ابو نصر (ساساني دور جو قلعو) شامل آھن. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ لکيل جاگرافيءَ جي ڪتاب حدود العالم ۾ لکيل آھي تہ پراڻو شيراز اصل ۾ قلعي ابو نصر واري علائقي ۾ آباد ھو. ھن ئي قلعي وٽان ھٿ آيل مٽيءَ جي تختين تي لفظ شيراز لکيل ھو. جڏھن تہ تخت جمشيد (Persepolis) جي کنڊرات مان ھٿ آيل مٽيءَ جي مھرن تي ايلامائيٽ ٻوليءَ ۾ تيرازش (Tirrazish) ۽ شيارازش (Shirrazish) جھڙا لفظ لکيل آھن. آثار قديمہ جي ماھر جان لمبرٽ انھيءَ نتيجي تي پھتو آھي تہ شيراز ايلامائيٽ ٻوليءَ جي لفظ شيرازش مان ورتل آھي ۽ ھي شھر ابو نصر واري قلعي وٽ آباد ھو. ھن شھر ڇھين ۽ اٺين صدي عيسويءَ ۾ ترقي ڪئي.

اسلام جو شروعاتي دورسنواريو

موجودھ شيراز شھر جو بنياد محمد بن يوسف الثقفي 693ع ۾ رکيو جيڪو اميہ گھراڻي جي گورنر حجاج بن يوسف جو ڀاءُ ھو. ڪي وري ھن کي محمد بن َقاسم جو ڀاءُ سمجھن ٿا[7]. مسلمانن جي فوج 640ع ۽ 653ع جي وچواري دور ۾ شيراز واري علائقي سميت فارس صوبي جو وڏو حصو فتح ڪري ورتو[7]. ان زماني ۾ شيراز واري علائقي ۾ ڪو وڏو شھر آباد نہ ھو، فقط ڪي چند ڪوٽ ۽ قلعا ھئا جن تي عرب فوجون قابض ٿي ويون ھيون. ان وقت جي ساساني حڪومت جو فارس ۾ گاديءَ جو ھنڌ اصطخر (Istakhr) ھو جڏھن تہ عربن موجودھ شيراز واري علائقي ۾ پنھنجي فوجي ڪئمپ قائم ڪئي ھئي. عربن 653ع ۾ اصطخرفتح ڪيو. جيئن تہ اصطخر زرتشت مذھب جو ڳڙھ ۽ ساساني حڪومت جو مرڪز ھو انڪري عربن ڪنھن ٻئي شھر کي پنھنجو انتظامي ۽ ثقافتي مرڪز بنائڻ جو فيصلو ڪيو. انھيءَ سبب ھنن 693ع ۾ نئين شيراز شھر جو بنياد وڌو. ايران ۾ جيئن جيئين مسلمانن جو انگ وڌيو ۽ ماڻھو زرتشت مذھب ڇڏي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ لڳا تيئن تيئن ھي شھر ترقي ڪندو ويو ۽ ھن جي آباديءَ ۾ واڌارو ايندو ويو. نائين صدي عيسويءَ ۾ ھي فارس جو اھم ترين شھر بنجي ويو.

نائين صديءَ ۾ صفاريان گھراڻي جي اڳواڻ يعقوب بن الليث الصفار شيراز کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. 894ع ۾ يعقوب بن الليث جي ڀاءُ عمرو لیث صفارِيءَ ھن شھر ۾ پھرين مسجد تعمير ڪرائي. 933ع ۾ صفاري گھراڻي جي حڪومت کي شڪست ڏئي عماد الدولہ علي بن بویه آل بویه گھراڻي جي حڪومت جو پايو رکيو ۽ پاڻ ملڪ جو امير بنيو. کانئس پوءِ عضد الدولة پناھ خسرو فارس جون واڳون سنڀاليون. ھن عراق کي فتح ڪيو ۽ 949ع کان 983ع تائين حڪومت ڪئي. سندس دور ۾ شيراز فارس جي ثقافت ۽ واپار جو وڏو مرڪز بنجي ويو. ھن شيراز ۾ ھڪ وڏي لائبرري، اسپتال، مسجدون، بازارون ۽ مسافرخانا تعمير ڪرايا ۽ شھر جي ڏکڻ ۾ ھڪ فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي. سندس تعمير ڪرايل مسجدن مان ھڪ اڃان تائين موجود آھي. پاڻ ھڪ عاليشان محل ۾ رھندو ھو جنھن ۾ 360 ڪمرا ھئا. ھن جي دور ۾ سائنسي، طبي ۽ مذھبي تحقيق جا ادارا قائم ٿيا. شھر ۾ اناج، ڪپھ، کجور، انگور، اکين کي صاف ڪرڻ واري لوشن ۽ گلاب جي گلن جي خريداري ۽ وڪرو عروج تي ھو. شھر ۾ ڪيترائي عالم، اديب، چترڪار ۽ طبيب موجود ھئا. شھر جا ماڻھو خوشحال ھئا ۽ اڪثر گھرن ۾ قيمتي قالين، گلم ۽ غاليچا وڇايل ھوندا ھئا. جيتوڻيڪ ھتي مسلمانن جي حڪومت قائم ھئي پر ٻين مذھبن سان واسطو رکندڙ ماڻھن کي بہ پورا پورا حق حاصل ھئا. ھتي زرتشت مذھب جون عبادتگاھون بہ موجود ھيون.

ھن شھر جي حاڪمن جي بھترين حمڪت عمليءَ سبب ھي شھر چنگيز خان ۽ تيمور لنگ جي ھن علائقي ۾ يلغار وقت تباھ ٿيڻ کان بچي ويو. تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر علم ۽ ادب جو مرڪز ھو. ھتان جا حڪمران عالمن، اديبن ۽ مفڪرن جا وڏا قدردان ھئا ۽ کين عزت جي نگاھ سان ڏسندا ھئا. ھن شھر کي دارالعلم يعني علم جو گھر ڪوٺيو ويندو ھو. فارسي ٻوليءَ جي جڳ مشھور شاعرن شيخ سعدي ۽ حافظ جو جنم ھن شھر ۾ ٿيو. صوفي شاعر رزبھان ۽ عظيم مفڪر ملا صدرا بہ ھن شھر ۾ اکيون کوليون. ھن شھر کي ايران جو اٿينس بہ ڪوٺيو ويندو ھو.

صفوي دورسنواريو

1504ع ۾ اسماعيل اول شيراز جي شھر تي قبضو ڪيو. ھو صفوي گھراڻي جو پھريون بادشاھ ھو. ھن گھراڻي 1501ع کان 1722ع تائين سلطنت جون واڳون سنڀاليون ۽ سندن حڪومت دوران شيراز گاديءَ ھو ھنڌ رھيو. ھتان جي گورنر امام قلي خان ھتي ڪيتريون ئي عظيم الشان عمارتون ۽ محلاتون جوڙايون. صفوي گھراڻي جي بادشاھيءَ جي خاتمي کان پوءِ شيراز کي ڪجه عرصو ڪافي ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا. ھن شھر تي افغانستان جي حڪمرانن حملا ڪيا ۽ ھتان جي گورنر بغاوت ڪئي. آنھيءَ بدامنيءَ واري دور ۾ ڪيترين ئي تاريخي عمارتن کي نقصان پھتو ۽ ھتان جا ڪيترائي رھواسي لڏي وڃي ٻين شھرن ۾ رھيا.

1762ع ۾ ڪريم خان زند اقتدار جي مسند تي ويٺو. سندس دور ۾خوشحاليءَ جي ديوي موٽي آئي. ھن ڪيتريون ئي عمارتون ۽ ھڪ مسجد تعمير ڪرائي ۽ شھر ۾ تمام سھڻيون ڍڪيل بازارون قائم ڪيون. ھن شھر ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو قائم ڪرايو ۽ شھر جي چوڌاري ٺھيل ڀت جي مرامت ڪرائي[8]. افسوس جو سندس پونئر بادشاھيءَ جو نظام صحيح طريقي سان نہ ھلائي سگھيا ۽ اقتدار ھنن جي ھٿن مان نڪري ڪجار گھراڻي جي بادشاھ آغا محمد خان جي ھٿن ۾ ھليو ويو. ھن شيراز جي ڪيترين ئي اڏاوتن کي نقصان پھچايو ۽ شيراز بجاءِ تھران کي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيائين.

جيتوڻيڪ ھي شھر ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ نہ رھيو آھي پر فارس صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ رھندو پيو اچي. پھلوي گھراڻي جي بادشاھيءَ دوران ھن شھر چڱي ترقي ڪئي ۽ شيخ سعدي ۽ حافظ جون مزارون تعمير ٿيون. 1979ع واري اسلامي انقلاب کان پوءِ بہ ھن شھر چڱي ترقي ڪئي آھي.

موجودھ شھرسنواريو

ويجھڙائيءَ وارن سالن ۾ شھر جي ميونسپالٽيءِ پاران شھر جي پراڻين عمارتن ۽ يادگارن جي ٻيھر تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي. انھن ۾ ڪريم خان جي ڪوٽ جي مرمت ۽ پراڻي شھر جو تحفظ، قرآن گيٽ جي تزئين ۽ آرائش، مشھور شاعر خواجوي ڪرماني جي مزار جي تعمير ۽ شيخ سعدي ۽ حافظ جي مزارن جي مرمت شامل آھي[8]. ھي شھر ايران جي گاديءَ جي ھنڌ تھران کان 800 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آباد آھي.

شيراز ۾ ڪيتريون کي ڏسڻ جھڙيون جايون موجود آھن. آنھن مان اڪثر شھر جي پراڻي حصي ۾ واقع آھن. شھر ۾ ھڪ درجن کان بہ وڌيڪ تاريخي مسجدون آھن جن مان ڪجه جا گنبند بلب جي شڪل جا ۽ ڪجه وري ناسپتيءَ جي شڪل جھڙا آھن. انھن مسجدن مان مسجد وڪيل خاص ذڪر جي لائق آھي. ھن مسجد جي ڊزائين، رنگبرنگي گلڪاري ۽ وڻندڙ محراب کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آھي. مسجد جي ڀرسان وڪيل بازار آھي جيڪا ڪريم خان زند تعمير ڪرائي ھئي[9].

شيراز کان آٽڪل 50 ڪلميٽر اتر اولھ ۾ تخت جمشيد (Persepolis) جا تاريخي کنڊر موجود آھن. ھي کنڊرات پراڻي ايران جي بادشاھ داريس اول (Darius I) جي ياد ڏيارين ٿا جنھن ھن شھر (پرسيپولس) کي 2500 سال پھرين پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ھو. ھتي قديم ۽ جديد ايراني سونا ۽ روپا زيور وڪرو ٿين ٿا. ھن بازار ۾ فارسي غاليچا ۽ ھٿ جي ھنر جا ٻيا شاھڪار بہ گراھڪن لاءِ موجود ھوندا آھن. تخت جمشيد کان 77 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پاسارگاد جا کنڊر موجود آھن. ھي کنڊر سائرس اعظم جھڙي سگھاري حڪمران جي ياد ڏيارين ٿا جنھن جو مقبرو انھن کنڊرن ۾ تعمير ٿيل آھي. ھتي 80 ميٽر ڊگھو ۽ 18 ميٽر ويڪرو ھڪ پليٽفارم ڏسي سگھجي ٿو جيڪو شايد بادشاھي محل جو بنيادي ڍانچو آھي. ھنن کنڊرن جي ويجھو ھڪ عمارت موجود آھي جنھن کي سليمان جو جيل سڏيو وڃي ٿو[9].

جاگرافيسنواريو

شيراز جو شھر ايران جي ڏاکڻئين حصي ۾ ڪرمان صوبي جي اتر اولھ ۾ آباد آھي. شھر جي اترئين پاسي وٽان خشڪ ندي گذري ٿي. اھا ھڪ موسمياتي ندي آھي جيڪا مھارلو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

معيشيتسنواريو

شيراز ايراني معيشيت جو مرڪز آھي. اوڻويھين صديءَ جي وچ کان ھاڻي تائين ھن شھر جي معاشي خوشحاليءَ ۾ واڌارو آيو آھي. 1989ع ۾ سئيز ڪينال کلڻ کان پوءَ ڏکڻ ايران ۾ يورپ ۽ ڀارت کان ايندڙ سسستين شين جي فراواني ٿي وئي آھي. ھارين ناڻي ڪمائڻ وارا فصل مثال طور ڏوڏي (آفيم جو فصل)، تماڪ ۽ ڪپھ جي پيداوار وڌائي ڇڏي آھي. ھنن فصلن جي پيداوار شيراز کان ايراني نار ۽ اتان پرڏيھ موڪلي ناڻو ڪمايو پيو وڃي. ممبئي، ڪولڪٽا، پورٽ سعيد، استنبول ۽ ھانگ ڪانگ وغيرھ ۾ ايران پنھنجون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون آھن جيڪي ايراني مال جي برآمد ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون[10]. شيراز ۽ آسپاس وارن علائقن جا انگور، کٽا ميوا، ڪپھ ۽ چانور بہ ھتان جي معيشيت کي ھٿي ڏيڻ ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪن ٿا. شھر ۾ سيمينٽ جي پيداوار، کنڊ، ڀاڻ، ٽيڪسٽائل مصنوعات، ڪاٺ، ڌاتوئي ڪم ۽ قالين وغيرھ جھڙيون صنعتون قائم آھن[11]. شيراز ۾ ھڪ وڏي آئل رفائنري (تيل صاف ڪرڻ جو ڪارخانو) بہ قائم آھي. اليڪٽرانڪ صنعتن ۾ ھي شھر ايران جي ٻين شھرن کان گوءِ کڻي ويو آھي. سڄي ايران جون 53 سيڪڙو اليڪٽرانڪ صنعتون ھتي قائم آھن. 2000ع ۾ شيراز ايڪناميڪل زون جو بنياد وڌو ويو[12] تہ جيئن اليڪٽرانڪس جي صنعتن، مواصلات، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين صنعتن کي ھٿي ملي سگھي.

شھر ۾ 25 شاپنگ مال ۽ 10 وڏيون بازارون آھن انڪري ھن شھر کي ايران ۽ مڊل ايسٽ جو شاپنگ لاءِ سڀ کان سولو ھنڌ چيو وڃي ٿو. شھر جي اتر ۾ پرشن گلف ڪامپليڪس نالي ھڪ شاپنگ مال کوليو ويو آھي. شاپنگ مال ۾ موجود دڪانن جي تعداد جي لحااظ کان ھي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ مال آھي[13].

سياحتسنواريو

شيراز جو شمار ايران جي وڏن سياحتي مرڪزن ۾ ٿئي ٿو ۽ ھتان جو ثقافتي ورثو سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. سعدي، حافظ ۽ خواجوي ڪرمانيءَ جون مزارون نہ فقط روحانيت جو مظھر آھن پر گڏوگڏ فن اڏاوت جو بي مثال ڪارنامون آھن. ھتي شاھ شجاع، بابا ڪوھي ۽ ڪريم بخش زند جا مقبرا بہ ڏسڻ وٽان آھن.

  • اتيغ جامع مسجد نہ فقظ شيراز جي پراڻي ۾ پراڻي مسجد آھي پر ايران جي پراڻين مسجدن مان ھڪ آھي. وڪيل مسجد ھتان جي مشھور وڪيل بازار جي اولھ ۾ موجود آھي. ھيءَ ھڪ عظيم الشان مسجد آھي جيڪا 8660 چورس ميٽرن ۾ پکڙيل آھي جيڪا 1180 ۾ تعمير ٿي. ھن جي داخلي دروازي جي ٻنھي پاسي خوبصورت ٽائلون ۽ محرابيون من کي موھي وجھن ٿيون.
  • ڪريم خان جو ڪوٽ وڪيل بازار ۽ وڪيل غسلخاني جي ڀرسان ھڪ عظيم شاھڪار جي حيثيت ۾ موجود آھي. زينت الملوڪ ھائوس ۽ نريجستانِ گوم ھتان جي مشھور عمارتن ۾ شامل آھن.
  • شيراز جي داخلي دروازي کي قرآن گيٽ سڏيو وڃي ٿو. ھي دروازو بہ پنھنجي خوبصورتيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھي.
  • ھتان جو ارم باغ ھميشہ سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندو آھي. ھن باغ ۾ قسمين قسمين گل، ٻوٽا ۽ وڻ روح کي راحت پھچائيندا آھن. شھر جي ٻين باغن ۾ پرشن باغ، عفيف آباد باع، دل گوشا باغ ۽ جھان نمہ باغ شامل آھن.

آبادي ۽ مذھبسنواريو

2011ع وارن انگن اکرن موجب شيراز جي آبادي 1700655 آھي جن مان اڪثريت فارسي ماڻھن جي آھي. ھتي اٽڪل 20000 يھودي آباد ھئا جن مان اڪثر آمريڪا ۽ اسرائيل طرف لڏي ويا آھن. ھتي بھائي فرقي سان واسطو رکندڙ ماڻھن جو بہ چڱوخاصو تعداد آباد آھي. ايراني شماريات واري اداري جي انگن اکرن مطابق ھتي فارسي ماڻھن جي آبادي 84.4 سيڪڙو آھي. ھتي 10.6 سيڪڙو ترڪ، 3.6 سيڪڙو لر (Lurs) ۽ 1.5 سيڪڙو ٻين نسلن سان واسطو رکن ٿا.

اعليٰ تعليمسنواريو

شيراز ڏکڻ ايران ۾ اعليٰ تعليم جو ھڪ وڏو مرڪز آھي. شيراز يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز ھتان جي پھرين يونيورسٽي ھئي جيڪا 1946ع ۾ قائم ٿي. مدرسہ خان ھتان جو پراڻو ديني مدرسو آھي جنھن ۾ 600 شاگرد ديني تعليم حاصل ڪن ٿا. ھن مدرسي جي عمارت 1627ع ۾ جڙي راس ٿي. شيراز يونيورسٽي فارس صوبي جي وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي آھي ۽ انھيءَ جو شمار ايران جي بھترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو. شيراز ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ جيڪي ٻيون يونيورسٽيون قائم آھن تن ۾ آزاد اسلامي يونيورسٽي، شيراز يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۽ شيراز يونيورسٽي آف اپلائڊ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي شامل آھن.

آمدورفتسنواريو

شيراز روڊ، ريل ۽ ھوائي جھازن وسيلي ايران ۽ دنيا جي ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي. شيراز جو بين الاقوامي ھوائي اڏو ايران جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو ھوائي اڏو آھي. شيراز کان ريل ذريعي اصفھان، تھران ۽ مشھد طرف سفر ڪري سگھجي ٿو. 2011ع ۾ ھتي ميٽرو ريل سروس پڻ شروع ڪئي وئي آھي. ھتان روڊ ذريعي بہ ٻين شھرن ڏانھن وڃي سگھجي ٿو.

حوالاسنواريو

  1. "Major Agglomerations of the World - Population Statistics and Maps". citypopulation.de. وقت 2018-09-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  2. https://www.amar.org.ir/english
  3. "Fars (Iran): Counties & Cities - Population Statistics, Charts and Map". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2022-01-03. 
  4. 4.0 4.1 Cameron, George G. Persepolis Treasury Tablets, University of Chicago Press, 1948:115.
  5. "Iran Chamber Society: Iranian Cities: Shiraz". www.iranchamber.com. حاصل ڪيل 2022-01-05. 
  6. Welch, S.C. (1976): A King's Book of Kings: The Shah-Namah from Shah Tahmasp, Metropolitan Museum of Art, New York, U.S.A
  7. 7.0 7.1 Limbert J., Shiraz in the age of Hafez: The Glory of Medieval Persian City, Washington University Press, 2004. ISBN: 0-295-98391-4
  8. 8.0 8.1 "History of Shiraz". www.shirazcity.org. حاصل ڪيل 2022-01-05. 
  9. 9.0 9.1 "Iran Chamber Society: Iranian Cities: Shiraz". www.iranchamber.com. حاصل ڪيل 2022-01-05. 
  10. Cole J.R.I., Religious Dissident and Urban Leadership: Bahais in Qajar Shiraz and Tehran, Journal of the British Institute of Persian Studies, Vol. 37, pp. 123- 142, 1999.
  11. Tore Kjeilen (26 September 2005). "Shiraz". I-cias.com. Retrieved 5 May 2011.
  12. "World Free Trade Zones". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-01-05. 
  13. Iran to open 830m Fars Shopping Centre, Construction Weekly ، , 21 June 2011. Online