ڪراچي ڪنگز
ڪراچي ڪنگز (انگريزي ٻولي: Karachi Kings، اردو: کراچی کنگز، مخفف: KK)، پاڪستان جي هڪ پيشوار ٽي ٽوينٽي ڪرڪيٽ ٽيم آهي، جيڪا پاڪستان سپر ليگ جو حصو آهي. هي ٽيم پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي مشتمل آهي.[1] هن ٽيم جو قيام 2015ع تي ٿيو، جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان سپر ليگ جو بنياد رکيو ويو. هن ٽيم جو گھرو ميدان نيشنل اسٽيڊيم آهي. هن وقت هن ٽيم جو ڪيپٽن عماد وسيم آهي،[2] ۽ ڪوچ ڏکڻ آفريڪا جو اڳوڻو رانديگر مڪي آرٿر آهي.[3] راشد لطيف کي 20 سيپٽمبر 2016ع تي ڪرڪيٽ آپريشنس جو ڊاريڪٽر مقرر ڪيو ويو.[4] اپريل 2017ع تي شاهد آفريدي کي ٽيم جو صدر مقرر ڪيو ويو. ٽيم ۾ وڌيڪ رنسون ڪندڙ کلاڙي بابر اعظم آهي،[5] جڏهن گھڻا وڪيٽ وٺندڙ بالر محمد عامر آهي.[6]
عرفيت | دلين جو بادشاهه (lit. Kings of hearts) |
---|---|
ذاتي | |
ڪيپٽن | عماد وسيم |
ڪوچ | مڪي آرٿر |
مالڪ | سلمان اقبال |
معلومات ٽيم | |
شهر | ڪراچي، سنڌ، پاڪستان |
رنگ | |
بنياد | 2015 |
ميدان | نيشنل اسٽيڊيم، ڪراچي |
گنجائش | 34,228 |
تاريخ | |
پي ايس ايل کٽيا | 0 |
مالڪاڻا حق
ڪراچي ڪنگز جو مالڪ سلمان اقبال آهي، جڏهن 3 ڊسمبر 2015ع تي، پي سي بي، پاڪستان جي پنج شهرن تي مشتمل ٽيمن جي مالڪن جو اعلان ڪيو ويو.[7] هي ٽيم اي آر وائي گروپ کي 26 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان وقت هي مهانگي ترين ٽيم هئي،[8] پر 2017ع ۾ ملتان سلطان سڀني کان وڌيڪ مهانگي ٽيم ثابت ٿي، جڏهن هن جو اٺ سالن لاءِ وڪرو 41.6 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ ڪيو ويو.[9]
2016 ۾ ڪارڪردگي
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2016ع ۾ ڪارڪردگي
ڪراچي ڪنگز دبئي عالمي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهرين راند کيڏي، جنهن ۾ آساني لاهور قلندرز کي شڪست ڏني، ان راند ۾ محمد عامر هيٽ ٽرڪ پڻ ڪئي.[10] ان کانپوءِ ڪراچي ڪنگز هڪ ٻي راند ۾ پڻ ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي ريت گروپ راندين ۾ 2 رانديون جي مقابلي ۾ 6 رانديون هارايائين. ڪراچي ڪنگز اسڪور ٽيبل ۾ ڇوٿين نمبر تي رهي، ۽ اڳيئن رائونڊ لاءِ ڪوليفاءِ ڪيائين. اسلام آباد يونائيٽڊ سان ميچ دوران شعيب ملڪ جي جڳهه تي روي ڀوپارا کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو،[11] ان مچ ۾ ڪراچي ڪنگز کي 9 وڪيٽن تان شڪست آئي ۽ ٽيم ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي وئي.[12]
2017 ۾ ڪارڪردگي
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2017ع ۾ ڪارڪردگي
ڪمار سنگرڪارا ۽ بابر اعظم، 2017ع ۾ ڪراچي ڪنگز ۾ شامل ٿيا، هن سال اظهر محمود کي ڪوچ طور مقرر ڪيو ويو.[13] پهرين راند ۾ ڪراچي کي پشاور زلمي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي ڇڏي.[14] ٻي راند ۾ ڪوئيٽا گليڊيٽرز پڻ ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني، هن راند ۾ ڪراچي ڪنگز 160 رنسون ٺاهيون.[15] شارجه ۾ ٿيل راند ۾ پڻ ٽيم هارائي وئي، هن دفعي ٻيهر ڪوئيٽا گليڊيٽرز شڪست ڏني. هن راند ۾ ڪمار سنگرڪارا ۽ شعيب ملڪ 101 رنسن جي ڀاڱيداري ڪئي پر تنهن باجود ٽيم راند کٽي نه سگھي..[16] اڳئين راند اسلام آباد يونائيٽڊ جي خلاف هئي ۽ ان ۾ ٽيم سوڀاري ٿي،[17] شارجه ليگ جي آخري راند ۾ پڻ ڪراچي ڪنگز سوڀاري ٿي ۽ پشاور زلمي کي پٺتي ڇڏي وئي.[18]
ٽورنامنٽ جا اڳيان راند دبئي ۾ ٿيا، جتي ڪنگز کٽڻ واري سلسلي کي برقرار نه رکي سگھي ۽ ڪوئيٽا گليڊيٽرز کان 6 وڪيٽن تان هارائي وئي. پهرين بيٽنگ ڪندي ڪراچي ڪنگز 155 رنسون ٺاهيون، پر سهيل خان طرفان هڪ اوور ۾ 3 وڪيٽون وٺڻ باوجود، ٽيم 155 رنسن جو دفاع نه ڪري سگھي. هن شڪست سبب ڪراچي هڪ دفعو ٻيهر پوائنٽ ٽيبل ۾ آخري نمبر تي اچي وئي.[19] آخري راند جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن کي کٽڻو هو، انهي ۾ ڪراچي ڪنگز، لاهور قلندرز کي آخري بال تي هارائي وڌو. 156 رنسن جو حدف پورو ڪرڻ لاءِ آخري 2 بالن ۾ 10 رنسو گھربل هيون، جنهن ۾ ڪيرون پولارڊ ٻنهي بالن ۾ ٻه ڇڪا هڻي راند کٽرائي ٽيم کي ٽورنامنٽ کان ٻاهر نڪرڻ کان بچائي ورتو.[20]
هاڻ ڪراچي کي هر راند ۾ رنس جي سلسلي کي بحال رکڻو هو، اڳئين راند اسلام آباد يونائيٽڊ سان هئي، جنهن ۾ پڻ ڪاميابي ضروري هئي. مينهن سبب راند 15 اوورن تائين محدود ٿي وئي، جنهن ۾ اسلام آباد 124 رنسن جو حدف ڏنو، جنهن ۾ ڪراچي ڪنگز کي اڳيئن مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ 111 رنسون گھربل هيون. ڪريس گيل 17 بالن ۾ 44 رنسون ٺاهيون، پر راند کٽائڻ ۾ پولارڊ هڪ دفعو ٻيهر ڪردار ادا ڪيو، ۽ آخر بال ۾ چار رنسو حاصل ڪيون ۽ ائين ڪراچي ڪنگز ان راند ۾ سوڀاري ٿي.
قسمت سان اڳئين مرحلي ۾ ٻيهر ڪراچي جو مقابلو اسلام آباد سان ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي پهرين بيٽنگ ڪئي، ۽ سڄي ٽيم 126 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پر اسلام آباد جي ٽيم صرف 82 رنسون ٺاهي سگھي، جيڪو سڄي ٽورنامنٽ ۾ سندن گھٽ رنس هئا ۽ سڄي ٽورنامنٽ جي تاريخ ۾ ٻي نمبر تي گھٽ اسڪور هئا.[21] هن راند ۾ محمد عامر، عماد وسيم ۽ اسامه مير ٽي ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون. ائين اسلام آباد جي ٽيم ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي وئي.[22]
2018 ۾ ڪارڪردگي
- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڪراچي ڪنگز جي 2018ع ۾ ڪارڪردگي
7 اپريل 2017ع تي شاهد آفريدي کي کلاڙي ۽ صدر طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. مچل جونسن جي جاءِ تي ٽيمل ملس کي شامل ڪيو ويو.[23] 2018 جي شروعات ۾ ٻهير ڪوئيٽا گليڊيٽرز ٻن راندين ۾ ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي.[24] اڳين راند ۾ ڪراچي پشاور زلمي کي سخت مقابلي بعد هارائي ڇڏيو، هن راند ۾ ٽيم 5 وڪيٽن تان کٽيو، جڏهن ته صرف 2 بال باقي هئا.[25] اڳين راند لاهور قلندرز سان هئي، 9 وڪيٽن جي نقصان سان ڪراچي 159 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ روي ڀوپارا 50 رنسون ٺاهيون، هن راند ۾ لاهور قلندرز کي 27 رنسن تان شڪست آئي.[26] 21 مارچ 2018ع تي لاهور ۾ کيڏيل راند ۾ پشاور زلمي ڪراچي کي شڪست ڏئي ڇڏي.[27] اڳين راند شارجا ۾ ٿي، جيڪا مسلسل مينهن سبب ختم ٿي وئي،[28] ٻي راند ۾ ڪراچي ڪنگز اسلام آباد يونائيٽد خلاف 154 رنسون ٺاهيون، پر اها راند اسلام آباد يونائيٽڊ 8 وڪيٽن تان کٽي ورتي.[29]
ٽيم جي سڃاڻپ
ٽيم جو نالو ۽ نشان 21 ڊسمبر 2015ع تي هڪ تقريب ۾ جاري ڪيو ويو. ٽيم جي نشان ۾ شينهن ڇاپيل آهي، جنهن جي هيٺيان سوني ۽ اڇي رنگ سان ڪراچي ڪنگز لکيل آهي، انهي تقريب ۾ ٽيم جي مالڪ سلمان اقبال چيو ته ٽيم جي نشاني ڪراچي جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ آهي.[30] هن ٽيم جي ڪپڙن جو رنگ نيرو ۽ سونو آهي. کاٻي پاسي کان هيٺين طرف شينهن جو نشان پڻ ڪپڙن ۾ ڇاپيل آهي. هن ٽيم جا ڪپڙا اي جي اسپورٽس پاران تيار ڪيا وڃن ٿا.[31]
بحريا ٽائون، پاڪستان جي وڏي ريئل اسٽيٽ ڪمپني ڪراچي ڪنگز جي ٽائيٽل جي اشتهاري ڪمپني آهي.[32] بحريا ٽائون کان سواءِ سمٽ بينڪ، آرڪيڊينز، اوئي هوئي، پيپسي، برائيٽو پينٽس، شيلڊ ڪارپوريشن ۽ نيا پاڪستان 2017ع ۾ هن ٽيم جون اشتهاري ڪمپنيون هيون.[33] برج پاور پلاٽينيم اشتهاري، ڪاٽن اينڊ ڪاٽن 2016ع ۾ سندس ڪپڙن جي ڪمپني، وائيٽل چانهه جي ڪمپني ۽ نشر اشاعت جي اشتهاري ڪمپني پاڪستان آبزرور هيون. 2017ع ۾ ٽيم جو ترانو ”ڌن ڌنا ڌن هوگا ري“ هو، جيڪو شهزاد روئي ڳايو.[34][35][36]
سال | سامان جوڙيندڙ | اڳين پاسي مشهوري | پوين پاسي مشهوري | ڇاتي تي مشهوري | ٻانهن تي مشهوري |
---|---|---|---|---|---|
2016 | اي جي اسپورٽس | بحريا ٽائون | سمٽ بينڪ | آرڪيڊينز | اوئي هوئي چپس، ڪي اليڪٽرڪ، شيلڊ، اگلو آئيس ڪريم |
2017 | برج پاور بيٽريز | اوئي هوئي چپس، شيلڊ، ٽپال چانهه | |||
2018 | نورپور | برائيٽو پينٽس, امتياز سپر مارڪيٽ, شيلڊ |
رانديگر
نمبر. | نالو | قوميت. | پيدائش | بيٽ | بال | شامل ٿيڻ جو سال | پگھار | وڌيڪ معلومات |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
بيٽس مين | ||||||||
6 | جوئي ڊينلي | انگلينڊ | مارچ 1986 (عمر 38 سال) | ساڄو | ساڄو، ليگ اسپين | 2018 | ٻاهريون | |
16 | آئين مورگن | انگلينڊ | سيپٽمبر 1986 (عمر 38 سال) | کاٻو | ساڄو ميڊيم | 2018 | ٻاهريون | |
24 | مختار احمد | پاڪستان | ڊسمبر 1992 (عمر 31 سال) | ساڄو | ساڄو ليگ بريڪ | 2018 | تبديلي طور | |
41 | ڪولين اينگرام | ڏکڻ آفريڪا | جُولاءِ 1985 (عمر 39 سال) | کاٻو | ساڄو ليگ اسپين | 2018 | 140,000 | ٻاهريون |
54 | لينڊل سائيمنس | ويسٽ انڊيز | جنوري 1985 (عمر 39 سال) | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | ٻاهريون | |
56 | بابر اعظم | پاڪستان | آڪٽوبر 1994 (عمر 30 سال) | ساڄو | ساڄو آف اسپن | 2018 | 70,000 | |
82 | ڪولين منرو | نيوزي لينڊ | مارچ 1987 (عمر 37 سال) | کاٻو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | ٻاهريون | |
142 | خرم منظور | پاڪستان | جون 1986 (عمر 38 سال) | ساڄو | ساڄو آف بريڪ | 2018 | 25,000 | |
آل رئونڊر | ||||||||
9 | عماد وسيم | پاڪستان | نومبر 1988 (عمر 35–36 سال) | کاٻو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | 70,000 | ڪپتان |
10 | شاهد آفريدي | پاڪستان | مارچ 1980 (عمر 44 سال) | ساڄو | ساڄو ليگ اسپن | 2018 | 140,000 | |
11 | محمد طحا | پاڪستان | آڪٽوبر 2000 (عمر 24 سال) | کاٻو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | 10,000 | |
42 | روي ڀوپارا | انگلينڊ | مئي 1985 (عمر 39 سال) | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 50,000 | ٻاهريون |
96 | ڊيوڊ ويس | ڏکڻ آفريڪا | جون 1985 (عمر 39 سال) | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 25,000 | ٻاهريون |
97 | دانش عزيز | پاڪستان | نومبر 1995 (عمر 28–29 سال) | کاٻو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | تبديلي طور | |
98 | حسن محسن | پاڪستان | جنوري 1998 (عمر 26 سال) | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 10,000 | |
100 | لوڪ رائيٽ | انگلينڊ | مارچ 1985 (عمر 39 سال) | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 50,000 | ٻاهريون |
وڪيٽ ڪيپر | ||||||||
16 | محمد رضوان | پاڪستان | جون 1992 (عمر 32 سال) | ساڄو | — | 2018 | 50,000 | |
34 | صفي الله نگش | پاڪستان | مارچ 1995 (عمر 29 سال) | کاٻو | — | 2018 | ||
بالر | ||||||||
5 | محمد عامر | پاڪستان | اپريل 1992 (عمر 32 سال) | کاٻو | ساٻو تيز | 2018 | 140,000 | |
7 | ٽيمل ملس | انگلينڊ | آگسٽ 1992 (عمر 32 سال) | ساڄو | کاٻو تيز | 2018 | ٻاهريون | |
14 | اسامه خان | پاڪستان | مئي 1994 (عمر 30 سال) | ساڄو | کاٻو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 25,000 | |
22 | محمد عرفان | پاڪستان | مئي 1995 (عمر 29 سال) | کاٻو | ساڄو تيز | 2018 | 10,000 | |
23 | اسامه مير | پاڪستان | ڊسمبر 1995 (عمر 28 سال) | ساڄو | ساڄو ليگ اسپين | 2018 | 25,000 | |
25 | مچل جونسن | آسٽريليا | نومبر 1981 (عمر 42–43 سال) | کاٻو | کاٻو تيز | 2018 | 70,000 | ٻاهريون |
201 | مشتاق احمد ڪلهوڙو | پاڪستان | ڊسمبر 1978 (عمر 45 سال) | ساڄو | سلو آرٿاڊوڪس | 2018 | تبديلي طور | |
100 | تابش خان | پاڪستان | ڊسمبر 1984 (عمر 39 سال) | ساڄو | ساڄو ميڊيم فاسٽ | 2018 | 25,000 |
انتظاميه ڪوچ
نالو | منصب |
---|---|
سلمان اقبال (اي آر وائي گروپ) | مالڪ |
شاهد آفريدي | صدر[23] |
طارق وسيم | سي اي او |
راشد لطيف | ڊاريڪٽر |
مڪي آرٿر | ڪوچ |
اظهر محمود | اسسٽنٽ ڪوچ |
محمد مسرور | فلڊينگ ڪوچ |
اسد علي | ڊاڪٽر |
سڪندر بخت | تجزيه نگار |
ڪپتان
نمبر. | قوميت. | کلاڙي | شروعات | ختم | رانديون | کٽيل | هارايل | برابر | برابر ۽ هارايا | نتيجو نه | % |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | شعيب ملڪ | 2016 | 2016 | 8 | 2 | 6 | 0 | 0 | 0 | 25.00 | |
2 | روي ڀوپارا | 2016 | 2016 | 1 | 0 | 1 | 0 | 0 | 0 | 0.00 | |
3 | ڪمار سنگرڪارا | 2017 | 2017 | 10 | 5 | 5 | 0 | 0 | 0 | 50.00 | |
4 | عماد وسيم | 2018 | 2018 | 8 | 4 | 2 | 0 | 1 | 1 | 57.14 | |
5 | ائين مورگن | 2018 | 2018 | 3 | 1 | 2 | 0 | 0 | 0 | 33.33 | |
6 | محمد عامر | 2018 | 2018 | 1 | 0 | 1 | 0 | 0 | 0 | 0.00 |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ ڄاڻ, آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو.
نتيجا
پي ايس ايل ٽورنامنٽ
سال | کيڏيا | کٽيل | شڪست | برابر ۽ کٽيل | برابر ۽ هارايل | بغير نتيجي | % | پوزيشن | تت |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
2016 | 9 | 2 | 7 | 0 | 0 | 0 | 22.22 | 4/5 | Play-offs |
2017 | 10 | 5 | 5 | 0 | 0 | 0 | 50.00 | 3/5 | Play-offs |
2018 | 10 | 5 | 4 | 0 | 0 | 1 | 45.45 | 3/6 | Play-offs |
ٽوٽل | 31 | 12 | 17 | 0 | 0 | 1 | 40.00 | - | 0 Titles |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ, آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو
ٻين ٽيمن سان
Opposition | دورانيو | Mat | کٽيا | هارايا | برابر ۽ کٽيا | برابر ۽ هرايا | بغير نتيجي | ڪاميابي جي شرح |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
اسلام آباد يونائيٽڊ | 2016–تاحال | 9 | 4 | 5 | 0 | 0 | 0 | 44.44 |
لاهور قلندرز | 2016-تاحال | 6 | 4 | 1 | 0 | 1 | 0 | 66.67 |
ملتان سلطانز | 2018–تاحال | 2 | 1 | 0 | 0 | 0 | 1 | 100.00 |
پشاور زلمي | 2016–تاحال | 8 | 2 | 6 | 0 | 0 | 0 | 25.00 |
ڪوئيٽا گليڊيٽرز | 2018–تاحال | 6 | 1 | 5 | 0 | 0 | 0 | 16.67 |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ،آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپديٽ ڪيو ويو.
انگ اکر
وڌيڪ رنسون
قوميت. | کلاڙي | شروع | ختم | رانديون | اننگ | رنسون | سرسري | وڌيڪ اسڪور | 100 | 50 |
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
بابر اعظم | 2017 | تاحال | 22 | 21 | 693 | 36.47 | 66 | 0 | 6 | |
روي ڀوپارا | 2016 | تاحال | 29 | 26 | 571 | 30.05 | 71* | 0 | 3 | |
شعيب ملڪ | 2016 | 2017 | 19 | 19 | 359 | 22.43 | 51* | 0 | 1 | |
جوئي ڊينلي | 2018 | تاحال | 12 | 11 | 323 | 32.30 | 79* | 0 | 3 | |
ڪولين انگرام | 2018 | تاحال | 12 | 11 | 243 | 34.71 | 68* | 0 | 1 |
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ، آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو.
وڌيڪ وڪيٽون
حوالو: اي ايس پي اين ڪرڪيٽ، آخري ڀيرو 21 مارچ 2018ع تي اپڊيٽ ڪيو ويو
خارجي ڳنڍڻا
ڪراچي ڪنگز آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
حوالا
- ↑ "Pakistan Super League T20 in UAE seeks to rival India's IPL". 29 September 2015. http://www.emirates247.com/sports/local/pakistan-super-league-t20-in-uae-seeks-to-rival-india-s-ipl-2015-09-29-1.604988. Retrieved 3 December 2015.
- ↑ "Imad Wasim appointed as new captain of Karachi Kings". http://dunyanews.tv/en/Cricket/413341-Imad-Wasim-appointed-new-captain-of-Karachi-Kings/. Retrieved 21 February 2017.
- ↑ Majeed Jhamat. "Karachi Kings Team Sq for PSL 2016". Pakistan T20 Super League 2016.
- ↑ "Rashid Latif joins kings as Director of cricket operations". http://www.pakpassion.net/ppforum/showthread.php?250644-Rashid-Latif-appointed-Director-of-Cricket-Operations-for-Karachi-Kings/. Retrieved 21 February 2017.
- ↑ "Karachi Kings/Most runs". ESPNcricinfo. حاصل ڪيل 21 March 2017.
- ↑ "Karachi Kings/Most wickets". ESPNcricinfo. حاصل ڪيل 21 March 2017.
- ↑ "Pakistan Super League: Seven Companies fight it out to buy franchises". Express etribune. 3 December 2015. http://tribune.com.pk/story/1002853/pakistan-super-league-seven-companies-fight-it-out-to-buy-franchises/. Retrieved 3 December 2015.
- ↑ "ARY Buys Karachi Kings team". Archived from the original on 22 December 2015. https://web.archive.org/web/20151222165635/http://arysports.tv/ary-buys-karachi-kings-team-in-psl/. Retrieved 18 December 2015.
- ↑ Zeeshan Ahmed (1 June 2017). "PSL's newest team is Multan, worth $41.6 million". DAWN. https://www.dawn.com/news/1336755. Retrieved 6 August 2017.
- ↑ "Karachi king's Amir took first ever hat-trick in PSL history". Dunya News. 2016-02-05. http://dunyanews.tv/en/Cricket/321350-PSL-T20-Karachi-Kings-win-toss-choose-to-field-.
- ↑ "Malik steps down as Karachi Kings captain". ESPNcricinfo. حاصل ڪيل 19 February 2016.
- ↑ "Karachi kings finished fourth in 2016 PSL". http://en.dailypakistan.com.pk/sports/match-highlight-islamabad-united-vs-karachi-kings-2nd-play-off/. Retrieved 23 February 2016.
- ↑ "Babar, Gayle and Sangakkara joins kings for 2017 season". http://dailytimes.com.pk/sports/07-Oct-16/babar-gayle-sangakkara-to-join-karachi-kings-in-next-psl-iqbal. Retrieved 21 February 2017.
- ↑ "Morgan 80* powers Peshawar to victory". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 11 February 2017.
- ↑ "Rossouw, Sarfraz fifties flatten Karachi". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 11 February 2017.
- ↑ "Lahore edge past Karachi despite Sangakarra fireworks". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 17 February 2017.
- ↑ "Babar, spinners put Karachi on board". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 18 February 2017.
- ↑ "Mir repels Afridi heroics to secure win for Karachi". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 20 February 2017.
- ↑ "Clinical Quetta clinch playoff berth with victory". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 24 February 2017.
- ↑ "Pollard last-ball six keeps Karachi alive". ESPN Cricinfo. حاصل ڪيل 26 February 2017.
- ↑ "Records/Lowest totals/Pakistan Super League". ESPN cricinfo. حاصل ڪيل 1 March 2017.
- ↑ "Islamabad knocked out,Karachi stays in". حاصل ڪيل 1 March 2017.
- ↑ 23.0 23.1 Zalmi Shahid Afridi joins Karachi Kings as president[مئل ڳنڍڻو], PKKH, 2017-4-6. Retrieved 2017-4-6.]
- ↑ "Quetta Gladiators winning streak against Kings comes to an end after 19 runs defeat". Dawn News. حاصل ڪيل 23 February 2018.
- ↑ Majeed, Zohaib. "Karachi Kings go top of PSL 2018 points table with five-wicket win over Peshawar Zalmi". Dawn. حاصل ڪيل 25 February 2018.
- ↑ "Qalandars tumble as Kings post 3rd win to lead points table". The News. حاصل ڪيل 27 February 2018.
- ↑ http://indianexpress.com/article/sports/cricket/psl-live-score-live-streaming-peshawar-zalmi-vs-karachi-kings-pz-vs-kk-t20-5106046/
- ↑ "Rain abandons Multan-Karachi fixture". Samaa TV. حاصل ڪيل 2 March 2018.
- ↑ Shetty, Varun. "Luke Ronchi decimates Karachi with 37-ball 71". ESPN Cricinfo.
- ↑ "Karachi Kings logo unveiled ahead of PSL draft pick". ARY News. حاصل ڪيل 2015-09-21.
- ↑ "Karachi Kings Official Team Kit & Logo PSL T20 2016". The News Tribe. حاصل ڪيل 2015-09-21.
- ↑ "Karachi Kings finalizes sponsors — Bahria Town takes the lead". ARY News. حاصل ڪيل 2016-01-28.
- ↑ "Proposed changes in psl to face resistance". http://tribune.com.pk/story/1093733/proposed-changes-in-psl-to-face-resistance/. Retrieved 4 February 2016.
- ↑ "National Stadium cheered up with Pakistan Zindabad". 3 February 2017. https://www.samaa.tv/entertainment/2017/02/psl-2017-national-stadium-karachi-cheered-up-with-pakistan-zindabad/. Retrieved 4 February 2017.
- ↑ "In focus: The Pakistan Super League 2 soundtrack". The News (Maheen Sabeeh). 9 February 2017. https://www.thenews.com.pk/magazine/instep-today/185090-In-focus-The-Pakistan-Super-League-2-soundtrack. Retrieved 25 February 2017.
- ↑ "Karachi Kings partners with TCS Yayvo for official merchandise". ARY News. 7 February 2018. https://arynews.tv/en/karachi-kings-tcs-yayvo-com-official-merchandise/. Retrieved 9 February 2018.