عطا محمد ڀنڀرو

سنڌ جو اتھاسڪار (تاريخدان)، مترجم ، ليکڪ

عطامحمد ڀنڀرو(انگريزي ٻولي: Atta Muhammad Bhanbhro)(جنم:01 فيبروري 1936ع[1][2][3]-وفات: 03 جون 2020ع) سنڌ جو ھڪ محقق، اتھاسڪار (تاريخدان)، سنڌيڪار ۽ قلمڪار، ھُيو. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.[3] حڪومت پاڪستان کيس حسن ڪارڪردگي اعزاز (ايوارڊ) ڏيڻ لاءِ پڻ چونڊيو، پر هن اھو اعزاز وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.[4][5][6]

عطا محمد ڀنڀرو
Atta Muhammad Bhanbhro
پيدائش عطا محمد ڀنڀرو
فيبروري 01 1936(1936-02-01)

ڳوٺ بچل ڀنڀرو، خيرپور ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 3 جون 2020 (عمر 84 سال)

خيرپور
ڌنڌو محقق، مورخ ،ليکڪ
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم آيل آيل بي
مادرِ علمي ڪراچي يونيورسٽي
صنف مضمون،تاريخ
مُکيه ڪم ڪتاب سنڌُو لکت
ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي

جنم ۽ تعليم سنواريو

عطا محمد ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي تعلقو سوڀو ديرو ضلعو خيرپور جي ڳوٺ بچل بنڀرو ۾ محمد بخش ڀنڀرو جي گهر ۾ جنم ورتو.[2][1][3] هن پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي[1] ۽ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجن جي تعليم تڏهوڪي اي.وي اسڪول هڱورجا مان حاصل ڪيائين . مئٽرڪ تائين گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ٺري ميرواھ ۾ تعليم حاصل ڪيائين[1][2][3] ۽ ممتاز ڪاليج، خيرپور مان بي.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن ايل.ايل.بيءَ جي تعليم لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي داخلا ورتي.[2] قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جي شروعات گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته وڪيل ۽ شاعر شيخ اياز سان گڏ پڻ هن 1970ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جو اڀياس ڪيائين.[7]

ساھتي خدمتون سنواريو

عطا محمد ڀنڀري صحافتي خدمتون به سر انجام ڏنيون. هن لڳ ڀڳ 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو جاري ڪيو،[2] جنهن کان پوءِڊي. پـي. آر لاڳـو ٿـي ۽ ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ پڌرو ٿـيـو. انهــيءَ دوران ڀـنـڀـري جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1980ع ۾ هن ٻارن لاءِ هڪ ايراني ادب جو ڪتاب اُلٿو ڪيو[5] ۽ اهڙي طرح انگريزي توڙي روسي ٻولين مان به ٻارن جي ادب جا ڪتاب ترجما ڪيا. ڀنڀري 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري پڻ ڪئي. 1989ع ڌاري هيءُ حيدرآباد ۾ اچي رهائش ڪيائين ۽ اُنهيءَ سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي سان ترجمو ڪيو.[2][5] اهڙي ريت هن ترجمي جي فن کي باقاعدي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. هن “سنڌ جو مهراڻ” نالي ڪتاب پڻ انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. سندس هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. عطا محمد ڀنڀرو سنڌُو لکت تي پڻ ڪم ڪيو آهي جيڪو ڪتابي شڪل ۾ بڌرو ٿيل آهي.[8][9]

ڪتاب سنواريو

عطا محمد ڀنڀرو جا هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن.

  • سڪندر ۽ ٻين يونانين جي سنڌ ۾ موجودگي[10][11]
  • ڀٽ جو شاهه، ايڇ. ٽي. سورلي (سنڌيڪا: 1992ع.[12]
  • سنڌو لکت ۽ ٻولي، ايس. آر. راءُ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1994ع)،
  • سنڌ جو مهراڻ، ايڇ. جي. راورٽي (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1995ع)،
  • سنڌو لکت جون بين القوامي لکتن سان لاڳاپو، جي. آر هنٽر (سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو: 1995ع)،
  • سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، اين. جي. محمدار (سنڌي ادبي بورڊ: 1997ع)،
  • سنڌوءَ جو سفر، اليگزينڊر برنس (سنڌيڪا:1998ع)،
  • سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي، ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي (سنڌيڪا: 1998ع)،
  • سنڌو شينهن درياهه، جيئن فيئرلي (سنڌيڪا: 1999ع)،
  • سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي، سي. ايل. ماڙيوالا (سنڌ تحقيقي بورڊ: 1999ع)،
  • حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ (نيو فيلڊس پبليڪيشن: 2000ع)،
  • سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني، ايڇ. ايم. اليٽ (نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد:2000ع)،
  • سڪندر جي ڪاهه، ايرين (روشني: 2000ع)،
  • سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام (سنڌيڪا: 2001ع)،
  • سنڌوءَ جو موهه، جنرل سرجارج ميڪمين (سنڌ تحقيقي بورڊ: 2002ع)،
  • تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ (روشني:2002ع)،
  • سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)،
  • ٺٽي جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر احمد حسن داني (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)،
  • ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)،
  • سنڌ جيئن مون ڏني، ٽي. پوسٽنس (سنڌيڪا: 2005ع)،
  • سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن (سنڌيڪا: 2005ع)،
  • سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن (روشني پبليڪيشن: 2006ع)،
  • سنڌ هند جي قديم جاگرافي، ليگزينڊر ڪننگهام (سنڌي ادبي بورڊ:2007ع)
  • سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو[13]

ايوارڊ سنواريو

2012 ۾ کيس صدارتي ايوارڊ تمغو حسن ڪارڪردگي (پرائڊ آف پرفارمنس) ڏيڻ جي آڇ ڪئي ويئي پر ھن اھو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پُٽ اغوا کانپوءِ قتل سنواريو

سندس پٽ راجا ڏاهر ڳوٺ ۾ زمين سنڀاليندو ھيو ۽ 4 جون جي رات تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سندن ڳوٺ بچل ڀنڀرو کي گهيرو ڪيو ۽ ھن جي پٽ کي راجا ڏاهر کي اکين تي پٽيون ٻَڌي حراست ۾ وٺي ويا. عطا محمد ڀنڀرو دعويٰ ڪئي ته هن جو پٽ ڪڏهن به ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث نه رهيو هو، پر هو هڪ سنجيده قومپرست سياسي ڪارڪن هو ۽ هن جي خلاف ڪو ڪيس بہ داخل نه ٿيل ھيو. هن کي ڊپ هو ته سندس نوجوان پٽ کي جعلي مقابلي ۾ ماريو ويندو يا هن جي چٿرون ٿيل لاش تي تشدد ڪرڻ بعد هن کي اڇلايو ويندو، جيئن هن کان اڳ قوم پرست ڪارڪنن سان ڪيو ويو هو. نيٺ، 26 جولاءِ 2015 تي سندس پٽ کي قتل ڪيو ويو.

عطا محمد ڀنڀرو ھڪ صحافي حيدر ملاح کي انٽرويو ڏيندي الزام لڳايو تہ سندس پُٽ راجا ڏاھر جي قتل ۾ سموري جسمم جي قيادت ملوث ھُئي، جسمم جي جنرل سيڪريٽري سجاد شر ۽ حيدر لاشاري 4 ڪروڙ وٺي سندس پٽ ۽ ٻين جسمم ڪارڪنن کي ايجنسين ھٿان مارايو. انکان پوءِ جسمم جي چيئرمن شفيع برفت ان الزامن کي رد ڪندي وڊيو پيغام ۾ چيو ته عطا محمد ڀنڀري کي مير سليم سنائي ۽ حسين بخش ٿيٻو طرفان ورغلايو ويو. 2022ع ۾ مير سليم سنائي سوشل ميڊيا سميت هڪ خط وسيلي ان ڳالهين سميت سڀني الزام جي معافي ورتي هئي ۽ شفيع برفت سميت سجاد شر سان جرمني ۾ آخري ملاقات ڪئي هئي.

وفات سنواريو

عطا محمد ڀنڀرو 87 سالن جي ڄمار ۾ 3 جون 2020ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[14][1] سندس آخري رسمون ھنڱورجا لڳ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ ادا ڪيون ويون.[15][3][16]

وصيت سنواريو

عطا محمد ڀنڀرو پنھنجي آخري وصيت ۾ چيو تہ "کيس وفات کانپوءِ جنازي نماز نه پڙهي وڃي ڇو جو مان اسلام کي حقيقي دين نه ٿو سمجهان ۽ جڏھن قبر ۾ لاٿو وڃي تہ منھنجو مُنھن وارو حصو کُليو رکيو وڃِي۽ پوءِ مُنھن ڀَر سُمھاريو وڃِي تُہ جيئن آئون پنھنجي ڌرتيءَ ماتا کي مٺِي ٿيڻ تائين چُمندو رھان ۽ قبر کي چوڌاري زنجيرون ٻڌي تالا هڻي اهو ڪتبو لڳايو وڃي ته هتي سنڌ جو هڪ غلام آرامي آهي، پر جڏهن سنڌ آجپو ماڻي ته پوءِ اهي تالا کولي زنجيرون هٽايون وڃن."[15]

پڻ پڙھو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 Onlineindus.com. "سنڌ جو ناليوارو ڏاهو ۽ تاريخدان عطا محمد ڀنڀرو ستاسي ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو". onlineindus.com. حاصل ڪيل 2020-06-04. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 "ڀنڀرو عطا محمد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 "سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ ترجمي نگار عطا محمد ڀنڀرو لاڏاڻو ڪري ويو () | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  4. عطا محمد ڀنڀرو جو ايوارڊ وٺڻ کان انڪار | SindhSalamat, وقت 2020-11-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-02-24 
  5. 5.0 5.1 5.2 "عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو پروميٿيئس" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  6. "Page No.01". kawish.asia. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  7. عطا محمد ڀنڀرو : ليکڪ، مترجم ۽ سنڌ جي تاريخ کي سهيڙيندڙ ڪردار | SindhSalamat, وقت 2017-09-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-02-24 
  8. https://pulsearch.princeton.edu/catalog/7752903
  9. Indus Script Bhanbhro, Atta Muhammad Isbn : 9789699585005
  10. "::: Sindhica :::". sindhica.org. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  11. "::: Sindhica :::". sindhica.org. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  12. Shah Abdul Latif of Bhit by H.T. Sorley Sindhi by Atta Muhammad Bhanbhro : H.T. Sorley, Atta Muhammad Bhanbhro, Dr. Fahmida Hussain, : Free Download & Streaming : Internet...
  13. "Books Written by James McMurdo Atta Muhammad Bhanbhro – Punjnud.com". www.punjnud.com. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  14. "سنڌ جو ناليوارو اديب، تاريخدان ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو 87 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-03. 
  15. 15.0 15.1 "سنڌو تهذيب جو سفير عطا محمد ڀنڀرو آجپي جا خواب کڻي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  16. "ناليواري ليکڪ عطامحمد ڀنڀرو جي ھنگورجا ۾ تدفين ،وصيت مطابق قبر کي رنجيرون لڳايون ويون". Mazahimat. حاصل ڪيل 2020-06-06. 

ٻاھريان ڳنڍڻا سنواريو