سيستان ۽ بلوچستان صوبو

Zahedan
زاهدان
شھر
Zahedan is located in Iran
Zahedan
Zahedan
جاگرافي بيهڪ: 29°29′47″N 60°51′46″E / 29.49639°N 60.86278°E / 29.49639; 60.86278مڪانيت: 29°29′47″N 60°51′46″E / 29.49639°N 60.86278°E / 29.49639; 60.86278
ملڪ  ايران
صوبو سيستان و بلوچستان
ڪائونٽي زاھدان
حڪومت
بلندي 1,352 ميل (4,436 ft)

زاھدان (انگريزي: Zahdan) ايران جي صوبي سيستان و بلوچستان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آدمشماري 587,730 آھي. ھي شھر دشت لوط ريگستان جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. پاڪستان جا ھزارين ماڻھو روڊ ۽ ريل رستي ھر سال زيارتن ڪرڻ لاءِ ايران ۽ عراق ويندا آھن. ھو پاڪستاني شھر ڪوئيٽا کان پنھنجو سفر شروع ڪندا آھن ۽ روڊ يا ريل رستي زاھدان شھر پھچندا آھن جتان وري ايران جي ٻين شھرن طرف سفر ڪندا آھن. ھي شھر روڊ وسيلي مشھد ۽ چا بھار سان ڳنڍيل آھي. ھن شھر ۽ تھران جي وقت ۾ 36 منٽن جو فرق آھي.

جاگرافي سنواريو

زاھدان روڊ ۽ ريل وسيلي پاڪستان سان ڳنڍيل آھي. ھن شھر کان 41 ڪلوميٽر (25 ميل) ڏکڻ ۾ ايران، پاڪستان ۽ افغانستان جون سرحدون پاڻ ۾ ملن ٿيون. ھي شھرسامونڊي سطح کان 1352 ميٽر اوچائيءَ تي تھران کان 1605 ڪلوميٽر (997 ميل) پري آباد آھي.

اونھاري ۾ ھتي ٺيڪ ٺاڪ گرمي ٿئي ٿي، جڏھن تہ سياري ۾ ڪجهه ٿڌ ٿئي ٿي. مينھن تمام گھٽ وسي ٿو.

تاريخ سنواريو

پھرين عالمگير جنگ کان اڳ زاھدان ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو جنھن کي دزآب سڏيو ويندو ھو. ھي بلوچي لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”پاڻيءَ جو چور“. جيئن تہ ھتي جي زمين ريتيلي ۽ خشڪ آھي انڪري برسات پوڻ کان پوءِ ھڪدم برسات جو پاڻي چھي ويندي آھي. انڪري ماڻھو چوندا ھئا تہ زمين ڄڻ برسات جو پاڻي چوري ڪري وئي. جيئن تہ ھتان جا ماڻھو ڪافي ديندار ۽ مذھب سان محبت ڪرڻ وارا آھن ان ڪري رضا شاھ پھلريءَ واري دور ۾ شھر جو نالو زاھدان يعني پرھيزگار ماڻھن جو شھر رکيو ويو. ڪي ماڻھو چون ٿا تہ رضا شاھ پھلوي ھتي رھندڙ سکن جون ڏاڙھيون ۽ لباس ڏسي ايترو تہ متاثر ٿيو جو ھن شھر کي زاھدن جو شھر (زاھدان) سڏيائين. ھتان جا اصلوڪا رھواسي بلوچ ھئا جيڪي بلوچي ٻولي ڳالھائيندا ھئا. ھو ٻني ٻاري ۽ واپار ذريعي پيٽ گذر ڪندا ھئا. 1930ع ڌاري جڏھن رضا شاھ پھلويءَ جو فوجي ڪمانڊر امان اللّٰہ جھان باني ھتي آيو تڏھن ھتي جي آبادي لڳڀڳ 5000 ھئي.

ھتان جا بلوچ پنھنجي جرائت مندي، بھادري ۽ دليريءَ سبب مشھور آھن. 1877ع ڌاري موجودھ پاڪستان جي بلوچستان واري علائقي تي انگريزن قبضو ڪري ورتو ۽ ھو زاھدان ويجھو پاڪستان ايران جي سرحد تائين پھچي ويا ھئا. انگريزن جون نظرون ايراني بلوچستان تي ھيون ۽ ھو قبضي لاءِ حڪمت عملي ڪري رھيا ھئا. اھڙي نازڪ دور ۾ زاھدان جي بھادر بلوچن انگريزن سان مھاڏو اٽڪايو. بھادر جنگجو قبائلي اڳواڻن سردار جمع خان اسماعيل زھي، سردار خليل خان گمشادزھي، سردار جنيد خان ياراحمد زھي ۽ ٻيا پنھنجا پنھنجا لشڪر وٺي انگريزن تي ڪڙڪي پيا. انگريزن کي زبردست جاني ۽ مالي نقصان پھتو ۽ ھو پوئتي ھٽڻ تي مجبور ٿي پيا.

1896ع ۾ ناصرالدين شاھ جي قتل کان پوءِ ھتي ايران جي مرڪزي حڪومت جي گرفت ڪمزور ٿي وئي ۽ ھتان جي مقامي بلوچ قبيلن جو اثرورسوخ وڌي ويو. 1925ع ۽ 1927ع وارن سالن ۾ بلوچي اڳواڻ دوست محمد ۽ ايراني فوج وچ ۾ خونريز چڪريون ٿيون. دوست محمد کي شڪست آئي ۽ کيس گرفتار ڪري تھران موڪليو ويو[1]. شھر کي فوج جي حوالي ڪيو ويو جنھن ڪري بلوچن جو ھن شھر تي غلبو گھڻي حد تائين گھٽجي ويو.

جيئن تہ ھي شھر پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدن جي ويجھو آباد آھي ان ڪري مرڪزي حڪومت ھن شھر کي ترقي ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا تہ جيئن ننڍي کنڊ سان وڻج واپار کي ھٿي ڏئي سگھجي. حڪومت ھتي ڪسٽم آفيس بہ قائم ڪئي. ھتي مختلف حڪومتي ادارا قائم ٿيا ۽ ڪجهه ھندستاني واپارين بہ ھتي پنھنجون ڪوٺيون کوليون. 1923ع ۾ قومي اسيمبليءَ زاهدان جي قيام ۽ ترقيءَ جو حڪم ڏنو. 1930ع ۾ ڪمانڊر جهانباني جي تجويز ۽ رضا شاهه جي حڪم سان هن شهر جو نالو ديزاپ مان بدلائي زاهدان رکيو ويو. مشهد ۽ يزد جي بازارن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان به ڪافي بلوچ مزدور هن شهر ۾ اچي آباد ٿيا. ايران جي ٻين علائقن مان بہ ماڻھو روزگار لاءِ ھن شھر جو رخ ڪرڻ لڳا. ڪوئيٽا ۽ زاھدان جي وچ ۾ ريل جي پٽڙي وڇائجڻ کان پوءِ وڌيڪ سک واپاري ھن شھر ۽ اچي آباد ٿيا. ايئن وقت گذرڻ سان گڏ ھتي جي آبادي وڌي وئي.

موجودھ شھر سنواريو

زاھدان جي آسپاس ۾ ڪجهه پراڻين وستين جا اھـڃاڻ موجود آھن پر زاھدان جو موجودھ شھر ويھين صديءَ ۾ آباد ٿيو. ھي شھر 1930ع واري ڏھاڪي ۾ ايران جي سيستان و بلوچستان صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ بنيو. ان کان اڳ ھي ھڪ ننڍو ڳوٺ ھو. 1956ع ۾ ھن شھر جي آبادي 17500 ھئي پر 1976ع ۾ اھا آبادي وڌي 93000 ٿي وئي. سوويت يونين جي افغانستان تي قبضي وارن ڏينھن ۾ افغان پناھگيرن جو ھڪ وڏو تعداد ھجرت ڪري زاھدان ۾ اچي رھيو جنھن ڪري 1986ع ۾ ھن شھر جي آبادي 281000 ٿي وئي جيڪا ھاڻي ٻيڻي ٿي وئي آھي.

ھتي زرتشتي مذھب جا پوئلڳ چڱي تعداد ۾ رھندا ھئا پر ھاڻي انھن جو تعداد گھٽجي ويو آھي. ساساني دور ۾ ھتان جي ھامون ڍنڍ (Lake Hamun) زرتشت مذھب جي پوئلڳن لاءِ ھڪ ڀلاري جاءِ ھئي جتي ماڻھو روحاني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا ھئا. رسول بازار ھتان جو مشھور ڪاروباري مرڪز آھي جتي اڪثر دوڪانن جا مالڪ بلوچ ۽ پٺاڻ آھن. زاھدان جي ڏکڻ ۾ اٽڪل 100 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تفتان نالي ھڪ ٻرندڙ جبل موجود آھي جنھن جي اوچائي 4042 ميٽر آھي.

اپريل 2008ع ۾ ھتي زاھدان فوٽ بال اسٽيڊيم جو افتتاح ٿيو جنھن ۾ 15000 ماڻھن جي ويھڻ جي گنجائش آھي. شھر ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وچولي درجي جون صنعتون قائم آھن جن ۾ ڪاٽن ٽيڪسٽائيل، ھٿ سان ٺھيل قالين، دٻن ۾ بند کاڌو، صاف ٿيل کلون، تڏا، تئونريون، ٽوڪريون ۽ اھڙي قسم جون ٻيون شيون شامل آھن[2] .

ھتي اونھاري جي موسم ۾ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا منعقد ٿين ٿا. ھتي سني مسلمانن لاءِ مڪي مسجد، شيعا مسلمانن لاءِ جامع مسجد ۽ سکن جو گوردوارو موجود آھن.

آمدورفت سنواريو

ھوائي سفر لاءِ ھتي زاھدان بين الاقوامي ھوائي اڏو موجود آھي جتان ايران جي مختلف شھرن سان گڏ ڪجهه عرب ملڪن طرف سفر ڪري سگھجي ٿو. ھي شھر ريل ذريعي پاڪستان کي ايران سان ملائي ٿو. پاڪستان جي ڪوئيٽا تفتان ريلوي لائين مسافرن کي ڪوئيٽا کان زاھدان پھچائيندي آھي جتان تھران سميت ايران جي مختلف شھرن ڏانھن ريل جون پٽڙيون وڇايل آھن. . 2009ع ۾ زاھدان کان ڪرمان تائين ريل سروس شروع ٿي. زاھدان کان بندر چا بھار تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم 2020ع ۾ شروع ٿي چڪو آھي.

ھن شھر کان روڊ رستي اتر ۾ تھران ۽ مشھد ۽ ڏکڻ ۾ بندر چا بھار تائين وڃي سگھجي ٿو. اولھ ۾ ڪرمان تائين شاھراھ تعمير ٿيل آھي. اوڀر ۾ ھي شھر ريل سان گڏ روڊ رستي پاڪستان جي شھر ڪوئيٽا سان ڳنڍيل آھي[3].

اعليٰ تعليم سنواريو

زاھدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاٰءِ ھيٺيان تعليمي ادارا موجود آھن:

  • اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف زاھدان
  • زاھدان يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز
  • يونيورسٽي آف سيستان ۽ بلوچستان

زاھدان جي ميڊيڪل يونيورسٽي ايران جي واحد يونيورسٽي آھي جتي 50 سالن کان وڏي ڄمار وارا ماڻھو بہ تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا[4].

حوالا سنواريو

  1. "Iran's Troubled Provinces: Baluchistan". iranprimer.usip.org. حاصل ڪيل 2022-01-07. 
  2. "Iran Chamber Society: Iranian Cities: Zahedan". www.iranchamber.com. حاصل ڪيل 2022-01-07. 
  3. "About Sistan and Baluchestan Province". www.usb.ac.ir. حاصل ڪيل 2022-01-07. 
  4. Behnegarsoft.com. "زاھدان میں عمر رسیدہ لوگوں کے لیے خصوصی دانشگاہ کا قیام". تقريب خبررسان ايجنسی (TNA) (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-01-07.