اتر ڪوريا

اتر-اوڀر ايشيا ۾ ملڪ

اتر ڪوريا(انگريزي: North Korea ) ايشيا کنڊ جي اوڀر واري پاسي ڪوريائي اپٻيٽ جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع ھڪ ملڪ جنھن جو سرڪاري نالو 'عوامي جمهوريه ڪوريا يا ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا آھي. هي اتر اوڀر ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ چين، اتر اوڀر ۾ روس، اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اولهه ۾ پِيلو سمنڊ واقع آھي. ملڪ جي ڪل پکيڙ 122098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. ھي ملڪ پوري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جي جائز حاڪميت جو دعويدار آھي. ان جي گادي جو هنڌ پيانگ يانگ آھي. ملڪي آئين جي پھرين شق مطابق ھي ملڪ ھڪ خودمختيار سماجوادي رياست آھي.[13] ھتي جي ھڪ پارٽي واري نظام ھيٺ ڪوريا جي ورڪرز پارٽي ۽ ڪم خاندان جي سربراھي واري مطلق العنان آمريت تي مشتمل آهي[3][4][5] [14][15] ھن ملڪ جو آئين جوشي نظريي تي مشتمل آهي. ملڪ جا سمورا پيداواري ذريعا رياست جي ملڪيت آھن. ھتان جي فوج چين، آمريڪا ۽ انڊيا کان پوء دنيا جي چوٿين وڏي فوج آھي جنھن ۾ فعال فوجي تعداد 12،10،000 آھي. ھن ملڪ وٽ ايٽمي ھٿيار پڻ آھن. گڏيل قومن ۾ رڪنيت سان گڏوگڏ ھي ملڪ آسيان، غيرجانبدار تحريڪ ۽ گروپ 77 ۾ پڻ شامل آهي. قديم سلطنت ڪوريو (Koryo) جي مناسبت سان ان کي ڪوريا سڏيو ويو. ملڪ جو سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ پائي ڪتوسان (بلندي 2744 ميٽر) آهي هتان جي سرڪاري ٻولي ڪورين آهي. موسم گرمين ۾ گرم ۽ گھميل پر خوشگوار هوندي آهي، جڏهن ته سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. اتر ڪوريا جي مکيه زرعي پيداوار چانور، مڪئي، جَوَ، پٽاٽا، جوئر، ڪڻڪ، صوف، مٺا پٽاٽا، سورج مکي، ڀاڄيون ۽ ميوا آهن، هتان جي مکيه صنعتن ۾ مشينري، آبي توانائي، ڪيميائي شيون، فولاد، ڪپڙو، سيمنٽ، پيٽروليم جي صفائي ۽ ايلومينيم آهن ۽ مکيه معدنيات ۾ ڪوئلو، لوهه، گرينائيٽ، پيٽروليم، شيهو، نڪل، ٽنگسٽن، جست، سون، چاندي، ٽامو، زنڪ ۽ موليبڊ نيم شامل آهي.
اتر ڪوريا هڪ مضبوط سوشلسٽ حڪومت آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 8 سيپٽمبر 1948ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 1991ع کان اٿس[16].2019ع ۾ اتر ڪوريا هائيڊروجن بم جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي اتان جي سرڪاري ٽي وي تي ظاھر ڪيو تہ صدر ڪم جونگ ان جي 3 جنوري تي منظوري ڏني هئي.[17]

ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا
조선민주주의인민공화국
Chosŏn Minjujuŭi Inmin Konghwaguk

Flag of اتر ڪوريا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نشان
شُعار: '강성대국 (ڊي فيڪٽو)
"مضبوط ۽ خوشحال قوم"
ترانو: 애국가
"اِيگَوڪَا"(Aegukka)
("حب الوطني وارو گيت")
اتر ڪوريا تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. اختيار کان ٻاهر علائقو جن لاءِ اتر ڪوريا دعويدار آهي ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل.
اتر ڪوريا تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل. اختيار کان ٻاهر علائقو جن لاءِ اتر ڪوريا دعويدار آهي ھلڪي سائي رنگ سان ڏيکاريل.
حیثیت خودمختيار رياست
گادي جو هنڌ پيانگ يانگ
39°2′N 125°45′E / 39.033°N 125.750°E / 39.033; 125.750
سڀ کان وڏو شهر پيانگ يانگ
دفتري ٻوليون ڪوريائي يا ڪورين [1]
دفتري اسڪرپٽ چوزان گال (Chosŏn'gŭl)[2]
مذهب رياستي الحاد
مقامي آبادي اتر ڪوريائي يا نارٿ ڪَورِيَن
حڪومت وحداني، جُوشَي ھڪ جماعتي ريپبلڪ جيڪا مطلق العنان آمريت جي ماتحت آهي[3][4][5][6]
ڪِم جَانگ اُن
ڪم جانگ ان
ڪو رائيئونگ ھا (Choe Ryong-hae)
ڪو رائيئونگ ھا
پاڪ پانگ جيو
ڪم ٽاڪ ھان
پاڪ تيئي سونگ
مقننه سپريم پيپلز اسيمبلي
قيام
29 آگسٽ 1910
15 آگسٽ 1945
3 آڪٽوبر 1945
8 فيبروري 1946
22 فيبروري 1947
• عوامي جمهوريه ڪوريا جو قيام
9 سيپٽمبر 1948
آڪٽوبر 1958
27 ڊسمبر 1972
17 سيپٽمبر 1991
27 اپريل 2018
پکيڙ
• جملي
120٬540 km2 (46٬540 sq mi)[7] (97th)
• پاڻي (%)
0.11
آبادي
• 2016 اندازو
25,368,620[8] (55th)
• 2008 مردم شماري
24,052,231[9]
•  گھاٽائي
212 /km2 (549.1 /sq mi) (45th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2014 لڳ ڀڳ
• ڪل
$40 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$1,800
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$30 ارب ڊالر[10][11]


نالوسنواريو

لفظ ڪوريا ڪوريو لفظ مان نڪتل آهي جيڪو سڀ کان پهرين ڪوگوريو واري قديم بادشاھت استعمال ڪيو ھو جيڪا پنھنجي دور جي اوڀر ايشيا جي وڏين بادشاھتن منجھان ھئي[18][19][20][21] جنھن جو گوانگائتو اعظم وارو راڄ ڪوريائي اپٻيٽ جي لڳ ڀڳ سموري حصي، منچوريا ۽ روس جي آخري اوڀر ۽ انر منگوليا واري علائقن تائين ڦهليل ھيو[22][23][24] ڏھين صدي عيسويءَ ۾ ڪوگوريو جي جاء ڪوريو واري بادشاھت ورتي[25][26][27][28] اھڙي طرح ان علائقي تي ڪوريو نالو پيو ۽ فارسي واپارين ان کي ڪوريا سڏڻ شروع ڪيو[29]


 
اتر ڪوريا جو جھنڊو

تاريخسنواريو

ڪوريا جي رياست جي پيڙهه 2400 ق. م ۾ هڪ حڪمران تنگول جي هٿان پئي، هن سلطنت جو نالو چوزن (Chosen) ”پرهه ڦٽيءَ جي آسودگي“ رکيو، ڪوريائي ماڻهو ان کي تائي هان (Tai Han) چوندا هئا[16]. هتي هزارين سال اڳ وچ ايشيا جي قبيلن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا[16]. ڪوريا جو پهريون بادشاهه ٽانڪون هو، جنهن ڪوريا تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوريائين کي پنهنجي 4300 سال اڳ جي تاريخ تي وڏو فخر آهي[16]. ڪوريا جا اصل رهواسي منگولن ۽ قازقن جي نسل مان ٻڌايا وڃن ٿا[16]. ڇهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري سلطنت سيلا ڏاکڻيئن ڪناري جي رياست ڪايا (Kaya) کي فتح ڪيو[16]. چوٿين صديءَ ۾ ٻڌمت ڦهليو، جيڪو ڇهين صديءَ ۾ طاقتور ۽ مضبوط حيثيت اختيار ڪري ويو[16]. اوڻويهين صديءَ ۾ ڪوريا تي قابض ٿيڻ لاءِ چين ۽ جاپان وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ شروع ٿي. 95-1894ع جي چين جاپان ويڙهه کانپوءِ 17 اپريل 1895ع تي ڪوريا جي ڌار وجود ۽ آزاديءَ کي تسليم ڪيو ويو[16]. چين کانپوءِ، 1905ع ۾ جاپان روس کي به شڪست ڏني، جنهن سان هن جا حوصلا وڌيا. 1948ع ۾ ڪوريا کي ٻن حصن اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ ورهايو ويو. اتر ڪوريا جي گاديءَ جو هنڌ پيانگ يانگ قرار ڏنو ويو[16]. 1948ع جي آخر ۾ روسي فوجون ملڪ مان نڪري ويون[16].

اتر ڪوريا جو قيامسنواريو

 
ڪم ال سنگ, جيڪو اتر ڪوريا جو باني ھيو

چين ۽ جاپان جي پھرين جنگ ۽ روس جاپان جي جنگ بعد 1910 کان 1945 تائين ڪوريا تي جاپان جو قبضو رھيو. ڪوريائي مزاحمتي گروپن ڊونگنپگون جي نالي سان آزادي جي جنگ وڙھندڙ فوج ٺاھي چين۽ ڪوريا واري سرحد کان جاپاني فوج سان گوريلا جنگ جوٽي جن مان جڪ گوريلا اڳواڻ ڪم ال سنگ ھيو جيڪو بعد ۾ اتر ڪوريا جو پھريون سربراھ ٿيو. 1945ع ۾ ٻين جنگ عظيم جي پڇاڙيءَ ۾ جاپان جي پيش پوڻ بعد ڪوريائي اپٻيٽ ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. ان جي اترئين تي سوويت يونين ۽ ڏاکڻي حصي تي يونائيٽيڊ اسٽيٽس قابض ٿيا. ڪوريا جي ٻنھي حصن جي الحاق لاء مذاڪرات ناڪام ٿي ويا. سوويت جنرل ٽرينٽيئاء شتائيڪوف آڪٽوبر 1945ع ۾ سوويت شھري انتظاميه قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي ۽ ڪم ال سنگ جي فيبروري 1946ع ۾ قائم ٿيل اتر ڪوريا جي عارضي پيپلز ڪاميٽي جي چيئرمين ٿيڻ جي حمايت ڪئي. سيپٽمبر 1946ع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي ماڻھن اتحادين جي فوجي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪئي. اپريل 1948ع ۾ جيجو ٻيٽ وارن جي بغاوت کي سختي سان ڪچليو ويو. مئي 1948 ۾ ڏکڻ ڪوريا جي رياست جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ٻن مهينن بعد ڪميونسٽ مخالف سنگمين ري ان نئين ملڪ جو سربراھ ٿيو[30] 9 سيپٽمبر 1948ع ۾ ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا جو قيام عمل ۾ آيو جنھن جو پھريون پريميئر ڪم ال سنگ مقرر ٿيو. شتائيڪوف سوويت يونين جو اتي پھريون سفير مقرر ٿيو. 1948ع ۾ سوويت فوج اتر ڪوريا مان نڪري وئي ۽ 1949 ۾ آمريڪي فوج پڻ ڏکڻ ڪوريا مان نڪري وئي پر جلد ئي اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ جنگ ڇڙي پئي.

ڪوريائي جنگسنواريو

 
ڪوريا جي جنگ دوران قبضي جي صورتحال
  اتر ڪوريا، چين ۽ سوويت يونين جون فوجون
  ڏکڻ ڪوريا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، دولت مشترڪه ۽ گڏيل قومن جون فوجون

25 جون 1950ع تي اتر ڪوريا جي فوج ڏکڻ ڪوريا تي حملو ڪري گھري آئي ۽ تيزي سان ڏکڻ ڪوريا جي لڳ ڀڳ سموري علائقي تي قابض ٿي پر جلد ئي گڏيل قومن جي فوج مداخلت ڪئي ۽ تيزي سان اتر ڪوريا طرف پيشقدمي ڪئي ۽ جڏھن چيني سرحد ويجھو پھتي تي چيني فوج اتر ڪوريا جي فوج جي مدد لاءِ مداخلت ڪئي جنھن سان توازن تبديل ٿي ويو. 27 جولاءِ 1953ع تي ڪوريائي جنگبندي واري معاھدي ذريعي جنگ جو خاتمو ٿيو. ان معاهدي سان پراڻي سرحد بحال ڪئي وئي پر امن معاھدو عمل ۾ نہ اچي سگھيو[31] ان جنگ 30 لک ماڻھن کي پنھنجو کاڄ بڻايو جيڪو ٻين جنگ عظيم کان پوءِ ويٽنام جنگ وانگر سڀ کان وڏو انساني الميو ھيو ۽ اھا سرد جنگ جو سڀ کان وڏو موتمار تڪرار ھيو[32][33][34]

جنگ کان پوءِ جي صورتحالسنواريو

 
پيانگ يانگ ۾ ڪوليما تحريڪ جو يادگار مجسمو

جنگبندي جي معاھدي باوجود سرحدي فوجي چڪريون، اھم شخصيتن تي قاتلاڻي حملن ۽ اغوائن جا واقعا جاري رھيا جن ٻنھي ملڪن ۾ ٽڪراء واري صورتحال کي برقرار رکيو[35] جنگ کان پوءِ ٻن ڏهاڪن تائين ٻنھي ملڪن ۾ مذاڪرات شروع ٿي نہ سگھيا. 1971 ۾ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ مٿين سطح وارا رابطا مخفي طرح شروع ٿيا ۽ 4 جولاءِ 1972ع ۾ ٻنھي ملڪن ڪوريا جي پرامن الحاق لاء گڏيل بيان جاري ڪيو. 1973ع ۾ ڏکڻ ڪوريا ٻنھي ملڪن جي عالمي ادارن ۾ الڳ رڪنيت وٺڻ جي موقف ڪري مذاڪرات ناڪام ٿي ويا[36] 1956ع ۾ ڪم ال سنگ سويت يونين ۽ چين طرفان سندن حامي ڌڙن جي حق ۾ معزول ڪرڻ جي ڪوششن جي مزاحمت ڪئي[37][38] آڪٽوبر 1958 ۾ چيني فوج جو آخري جٿو اتر ڪوريا مان ٻاھر نڪتو[37][38][39] اتر ڪوريا چين ۽ سوويت يونين جي ويجھو رھيو ۽ جڏھن ٻنھي طاقتن ۾ اختلاف ٿي پيا تہ ان پاڻ کي ٻنھي کان پاسيرو رکي پنھجو الڳ نظريو رکيو جنھن جو نالو جوشي رکيو[40]


 
گادي جي هنڌ زير زمين ريلوي اسٽيشن پيانگ يانگ ميٽرو جنھن ۾ بم کان محفوظ رھڻ وارو نظام رکيل آهي

جنگ بعد 1954 ۽ 1955 ۾ ھڪ وڏو ڏڪار آيو جنھن ۾ 8 لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. ,1994 کان 1998 تائين آيل ڏڪار ۾ 28 لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا[41] ملڪ جي قيام بعد صنعتي ترقيءَ ۾ اضافو آندو ويو ۽ ملڪ جي ڪرنسي جو قدر ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪَ ھيو. 1960 واري ڏهاڪي ۾ ان جي معاشي واڌ ڏکڻ ڪوريا کان وڌيڪَ ھئي. 1976ع ۾ اتر ڪوريا جي جي ڊي پي ۽ في ڪس آمدني جي شرح ڏکڻ ڪوريا جي برابر ھئي پر 1980 واري ڏهاڪي ۾ ھن ملڪ جي معيشت جي رفتار تمام سست ٿي وئي ۽ 1987ع ۾ معاشي ترقي جي شرح منفي ٿي وئي. 1991ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد روسي امداد بند ٿي وڃڻ ڪري ھن ملڪ جي معيشت بلڪل ويھجي وئي. ڏڪار کان اڳ ھن ملڪ ۾ متوقع عمر جي حد 72 سالن تائين ھئي[42]. ڏڪار کان اڳ ھن ملڪ جي صحت جو نظام 45000 ڊاڪٽرن، 800 اسپتالن ۽ 1000 ڪلنڪن تائين ھيو[43]

سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِسنواريو

1992 ۾ ڪم ال سنگ جي صحت تمام بگڙي وئي ۽ سندس پٽ ڪم جانگ ال آھستي آھستي رياستي معاملن کي سنڀالڻ شروع ڪيو. 1994ع ۾ دل جي دوري پوڻ ڪري وفات ڪري ويو. ڪم جانگ ال ملڪ ۾ ٽن سالن تائين قومي سوڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون[44]. ھن ملڪ ۾ فوج کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سونگن يعني "فوج اول" واري پاليسي متعارف ڪرائي[45]. 1990 واري ڏهاڪي جي وچ دوران ٻوڏ سان فصلن جي تباھي ڪري ھڪ وڏو معاشي بحران شروع ٿيو ۽ نتيجي ھڪ وڏي ڏڪار کي جنم ڏنو جنهن ۾ 240000 کان 420000 ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. 1996ع ۾ حڪومت گڏيل قومن کان خوراڪ جي مدد ورتي.

ايڪويهين صديسنواريو

 
پيانگ يانگ جون ڪجھ رھائشي عمارتون

2001 ۾ آمريڪي صدر جارج بش جي چونڊجڻ بعد آمريڪا اتر ڪوريا کي ھڪ بدمعاش رياست قرار ڏنو. اتر ڪوريا عراق جھڙي انت کان بچڻ لاء ايٽمي صلاحيت جي حاصلات لاءِ ڪوششون وڌائي ڇڏيون[46][47][48] 9 آڪٽوبر 2006 تي ھن ملڪ پنھنجو پھريون ايٽم بم جو تجربو ڪيو[49][50] 17 ڊسمبر 2011 تي ڪم جانگ ال دل جي دوري پوڻ ڪري وفات ڪئي ۽ سندس ننڍي پٽ ڪِم جَانگ اُن کي سندس جانشين بڻايو ويو[51]. اتر ڪوريا ممڪن طور تي آمريڪا تائين ميزائيل حملي ڪرڻ ۽ ھائڊروجن بم ٺاھڻ جي صلاحيت پڻ حاصل ڪري ورتي آهي[52]. 2017ع ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد آمريڪا ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو آيو[53] اتر ڪوريا گئام لڳ نشانو آزمائڻ لاء ميزائيل تجربي جي پڻ ڌمڪي ڏني[54] پر 2018ع ۾ ڇڪتاڻ ۾ ڪمي آئي[55] 2018 ۽ 2020 ۾ اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ سلسليوار امن ڪانفرنسون منعقد ٿيون جن ۾ ڪم جانگ ان، ڏکڻ ڪوريا جي صدر مون جئي ان ۽ ڊونالڊ ٽرمپ شرڪت ڪئي[56]

جاگرافيسنواريو

 
اتر ڪوريا جو ٽوپو گرافي وارو نقشو

اتر ڪوريا ڪوريائي اپٻيٽ جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع آهي جنھن جي پکيڙ 120٬540 ڪلوميٽرزچورس (46٬541 sq mi) آھي[7]. اتر ڪوريا ۽ چين جي سرحد تي امنوڪ ندي (چين ۾ ان کي يالو ندي سڏيندا آهن) واقع آهي جيڪو ٻنھي ملڪن کي ڌار ڪري ٿو. اتر ڪوريا ۽ روس جي سرحد تي وري تومين ندي واقع آهي جيڪا ٻنھي ملڪن کي ڌار ڪري ٿي[57]. ان جي ڏکڻ ڪوريا سان ملندڙ سرحد تي ڪوريائي غير فوجي علائقو واقع آهي. ملڪ جي اولھ ۾ پيلو سمنڊ ۽ ڪوريائي نار واقع آهي. اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ جي ٻئي پار جاپان واقع آهي.


 
ھيمھانگ لڳ اتر ڪوريائي سامونڊي ڪنارو

ھن ملڪ جو 80 سيڪڙو علائقو جابلو ۽ مٿانهين پٽن تي مشتمل آهي جن کي سوڙھيون اونھيون واديون ڌار ڪن ٿيون. ڪوريائي اپٻيٽ ۾ سمورا 2000 ميٽرن کان بلند جبل اتر ڪوريا ۾ واقع آھن. ملڪ جو سڀ کان اوچو مقام پِيڪٽُو جبل (Paektu Mountain) جنھن جو شمار ٻرندڙ جبلن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان اوچائي 2٬744 ميٽر (9٬003 ft) آھي ۽ ان کي اتر ڪوريا جا ماڻھو ھڪ مقدس مقام سمجھندا آھن[58] ملڪ جي اولھ پاسي ساحلي ميدان واقع آھن جيڪي اوڀر طرف ختم ٿين ٿا. آبادي جو وڏو حصو ميداني ۽ ھيٺاھين علائقن ۾ وسي ٿو. 2003 ۾ ملڪ جي 70 سيڪڙو حصي ۾ ٻيلا واقع ھيا. ملڪ جي سڀ کان وڏي ندي امنوڪ ندي آھي جنھن جي ڊيگھ 790 ڪلوميٽر (491 mi) آھي[59]. ھن ملڪ جا ٽي ماحولياتي خطا آھن: وچ ڪوريائي پن ڇڻ ٻيلا، چنگبائي جبلن وارا گڏيل ٻيلا ۽ منچوريائي گڏيل ٻيلا [60]

آبھواسنواريو

 
اتر ڪوريائي ڪوپن واري درجابندي وارو نقشو

ھن ملڪ جي آبھوا ۾ ٻئي زميني ۽ سامونڊي شامل آھن[61] ڪوپن واري درجابندي واري اسڪيم مطابق ملڪ جي وڏي حصي ۾ گھميل زميني آبھوا آھي. سياري جي موسم ۾ وايومنڊل صاف رھندو آھي ۽ اتر ۽ اتر اولھ جي سائبيريائي ھوائن جي ڪري برفاني طوفان پڻ ايندا رھندا آھن[61] پيسفڪ سمنڊ جي مون سون وارين ھوائن ڪري اونھارو گرم، گھڻي ڀاڱي گھميل ۽ برساتن سان ڀرپور ھوندو آھي. 60 سيڪڙو برساتون جون کان سيپٽمبر تائين پونديون آهن[61] سرء ۽ بھار عارضي موسمون آهن جيڪي سياري ۽ اونھاري جي وچ ۾ اينديون آهن. پيانگ يانگ جو جنوري م سراسري گرمي پد −3 ۽ −13 °C (27 ۽ 9 °F) ۽ آگسٽ ۾ 29 ۽ 20 °C (84 ۽ 68 °F) رھندو آھي[61]

انتظامي ورھاستسنواريو

سياسي نظامسنواريو

 
مينسيوڊئي اسيمبلي ھال, جتي سپريم پيپلز اسيمبلي ويھندي آھي

اتر ڪوريا انتھائي مرڪزيت واري ھڪ جماعتي رياست آھي. ان جي 2016 واري آئين مطابق اھا ھڪ انقلابي ۽ سوشلسٽ رياست آھي جيڪا جوشي نظريي ۽ سونگن نظريي جي رھنمائي تحت ڪم ڪري ٿي[62] ملڪ جي واحد رياستي جماعت ڪوريا جي ورڪرز پارٽي آھي جنھن جي سربراهي ڪم خاندان جو ڀاتي ڪندو آهي[63] سن جماعت جا 30 لک رڪن آھن جيڪي اتر ڪوريا جي سموري سياست تي حاوي ھوندا آھن. ان جماعت جون ٻہ ذيلي جماعتون: ڪوريائي سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ چونڊوئسٽ چونگو پارٽي آھن[64]. ملڪ جو موجوده سپريم ليڊر ڪم جانگ ان آھي[65] جيڪو حڪومت جي سمورن ڍانچن جو سربراھ آھي. ھي ڪوريا جي ورڪرز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري، رياستي معاملن جي ڪميشن جو صدر ۽ فوج جو سپريم ڪمانڊر پڻ آهي[66][67]. ان جو ڏاڏو ڪم ال سنگ ملڪ جو باني ۽ 1994ع ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين تاحيات صدر رھيو[68] سندس پيءُ ڪم جانگ ال پاڻ کي تاحيات جنرل سيڪريٽري ۽ نيشنل ڊفينس جو تاحيات چيئرمين قرار ڏنو. ملڪ جي آئين مطابق حڪومت جون ٽي سرڪاري شاخون آهن جن ۾ اتر ڪوريا جي رياستي معاملن واري ڪميشن پڻ شامل آهي جيڪو رياستي سالميت لاء قوم جي سڀ کان عظيم رھنمائي وارو ادارو آھي.[69][70] اھو ادارو رياستي جي دفاع وارا فيصلا ڪندو آهي ۽ ملڪ جون اھم پاليسيون جوڙيندو آهي ۽ ڪميشن جي چيئرمين ڪم جانگ ان جي حڪمن تي عملدرآمد ڪندو آهي. ٻين شاخ ملڪ جو قانونساز ادارو آهي جيڪو اتان جي ھڪ ايواني سپريم پيپلز اسيمبلي آھي جنھن جا ڪل 687 رڪن آھن جن جي چونڊ پنجن سالن لاءِ عام ووٽن ذريعي ٿيندي آهي[71]. حڪومت جي ٽين شاخ اتر ڪوريا جي ڪابينه آھي جنھن جو سربراهه پريميئر ھوندو آھي. 14 آگسٽ 2020ع تي ملڪ جو پريميئر ڪم ڊاڪ ھون مقرر ٿيو. ھن اداري کي ملڪ جا ايگزيڪيوٽو وارا اختيار ڏنل آھن[72]. پريميئر حڪومت جي نمائندگي ڪندو آهي. ڪابينه جي رڪنن ۾ ٻہ نائب پريميئر ۽ 30 وزير، 2 ڪابينه جي ڪميشن جا چيئرمين، ڪابينه جو چيف سيڪريٽري، مرڪزي بينڪ جو چيئرمين، سينٽرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جو ڊائريڪٽر، سائنسن واري اڪيڊمي جق صدر شامل آهن. اتر ڪوريا پنھنجي مخالف ڏکڻ ڪوريا وانگر سموري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جو دعويدار آھي[73] ڪجھ مبصرن جي خيال مطابق ھن ملڪ جو سياسي نظام مطلق بادشاھت يا وراثت واري آمريت وارو آھي[74][75][76][77] ان جي تشبيهه اسٽالن واري آمريت سان پڻ ڪئي ويندي آهي.

سياسي نظريوسنواريو

حڪومتي ونھوار ۽ ورڪرز پارٽي جي ڪم جو بنياد ڪم ال سنگ جي حڪمت واري جوشي نظريي تي آهي جيڪو ان ڊسمبر 1955ع ۾ پنهنجي ھڪ تقرير ۾ ڏنو. ان نظريي جا متا معاشي خود انحصاري، فوجي خود انحصاري ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي آھن. ھن نظريي کي شروع ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي نفاذ جي نئين صورت طور متعارف ڪرايو ويو پر 1970 واري ڏهاڪي ۾ ان نظريي کي ڪميونسٽ سماج جي قيام لاء واحد انقلابي ۽ نظرياتي ڍانچو قرار ڏنو ويو. 1980 واري ڏهاڪي ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي جاء مڪمل طور تي ھن نظريي کي ڏني وئي. 1992ع ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي حوالن کي آئين مان مڪمل طور تي خارج ڪيو ويو. 2009 واري آئين مان ڪميونزم کي خارج ڪيو ويو ۽ ان جي جاء تي فوج اول وارو سونگن نظريو متعارف ڪرايو ويو[78]. آئين ۾ سوشلزم کي تنھن ھوندي بہ برقرار رکيو ويو[79]. جوشي جو خود انحصاري وارو نظريو وقت۽ حالات سان اسريو جيڪو پارٽي کان اسپارٽا واري سادگي، قرباني ۽ نظم جي تقاضا ڪري ٿو. برائن رينولڊس مائرس مطابق اتر ڪوريا جو اصل نظريو ڪوريائي نسلي قوم پرستي آھي جيڪا يورپي فسطائيت ۽ جاپاني شووا اسٽيٽزم وانگر آھي[80][81][82]

ڪم گھراڻوسنواريو

 
اتر ڪوريا جا ماڻھو مانسو ھل واري وڏي يادگار تي ڪم ال سنگ (کاٻي پاسي) ۽ ڪم جانگ ال جي مجسمن جي تعظيم ڪندي ڏيکاريل

اتر ڪوريا ۾ ڪم گھراڻي کي پيڪٽو جبل وارو نسل سڏيندا آهن جيڪو ڪم ال سنگ ۽ ان جي اولاد جي ٻن نسلن تي مشتمل آهي. جوشي نظريي تحت ڪم ال سنگ شخصيت وارو مسلڪ متعارف ڪرايو. ان تحت پارٽي ۽ انقلاب جي تاحيات سربراھي ڪم ال سنگ جي خاندان مان ھوندي[83] ڪم ال سنگ جي ذات جي محور واري شخصيتي مسلڪ خانداني وراثتي جانشيني کي جائز بڻائي ڇڏيو[84]

 
ڪم جانگ ان ۽ سندس ڀيڻ ڪم يو جانگ (ساڄي پاسي) مارچ 2018ع ۾

پرڏيهي ناتاسنواريو

 
پيانگ يانگ ۾ راندين واري اريرانگ جشن ذريعي چين ۽ اتر ڪوريا جي ويجھن لاڳاپن جو ڏيک

ملڪ جي قيام بعد شروعات ۾ ھن ملڪ جا پرڏيهي ناتا رڳو ڪميونسٽ ملڪن سان ھيا. 1960 ۽ 1970 واري ڏهاڪن ۾ ھن ملڪ آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي جنھن تحت ان ڪيترن ئي ترقي پزير ملڪن سان ناتا جوڙيا ۽ غير جانبدار تحريڪ جو رڪن ٿيو. سوويت يونين جي خاتمي بعد معاشي بحران جو شڪار ٿيڻ بعد ان کوڙ ملڪن ۾ پنھنجا سفارتخانا بند ڪري ڇڏيا پر ساڳئي وقت ترقي يافتہ آزاد تجارت وارن ملڪن سان ناتا جوڙڻ جي شروعات ڪئي[85] 1991 ۾ گڏيل قومن جو رڪن ٿيو. غيرجانبدار تحريڪ سان گڏوگڏ آسيان جي علائقائي فورم ۽ گروپ 77 جو پڻ رڪن ٿيو[86] ھن وقت ان جا سڀ کان وڌيڪَ ويجھا لاڳاپا چين سان آھن[87] اتر ڪوريا جا 166 ملڪن سان سفارتي ناتا آھن ۽ 47 ملڪن ۾ ان جا سفارتخانا آھن[85] تنھن ھوندي بہ ان جا ارجنٽينا، فرانس، اسٽونيا، عراق، اسرائيل، يونائيٽيڊ اسٽيٽس، جاپان، تائيوان ۽ بوٽسوانا سان سفارتي لاڳاپا ڪانه آھن[88] [89][90][91][92][93] ان جا ويٽنام، لائوس ۽ ڪمبوڊيا سان مضبوط لاڳاپا آھن.[94]

 
ڪم جانگ ان 25 اپريل 2019 تي روسي صدر پيوٽن سان ملندي
 
جون 2018ع ۾ سنگاپور جي اتر ڪوريا يونائيٽيڊ اسٽيٽس سمٽ ۾ ڊونالڊ ٽرمپ سان گڏ
 
ڪم جانگ ان ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مون جئي ان اپريل 2018ع تي انٽر ڪورين سمٽ ۾ ھٿ ملائيندي

عدالتي نظامسنواريو

اتر ڪوريا جو قانوني نظام پروشيائي ماڊل جي بنياد تي بيٺل آھي ۽ اھو جاپاني روايتن ۽ ڪميونسٽ قانوني نظام کان متاثر ٿيل سول قانون وارو نظام آھي[95] ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آھي جيڪا اپيل واري سڀ کان اعليَ عدالت آھي. ان کان علاوه ھتان جي عدالتي نظام ۾ صوبائي سطح واريون ڪورٽون، اسپيشل شھري سطح واريون ڪورٽون، پيپلز ڪورٽون ۽ اسپيشل ڪورٽون شامل آهن. سڀ کان ھيٺين سطح واريون ڪورٽون پيپلز ڪورٽون آھن جيڪي شھرن، ڪائونٽين ۽ شھري ضلعن ۾ ڪم ڪن ٿيون. فوج، ريل روڊن ۽ بحري معاملن لاء خاص عدالتون ڪم ڪن ٿيون. ججن جي ڀرتي مقامي پيپلز اسيمبليون چونڊ ذريعي ڪنديون آهن پر عملن ورڪر پارٽي انھن جي ڀرتي ڪندي آهي. ھتان جي تعزيراتي قانون جو بنياد ان اصول تي آھي تہ قانون کان بغير ڪوبه ڏوھ ناھي. ملڪ ۾ سياسي قيدين کي پورھئي واري ڪيمپن ۾ موڪليو ويندو آھي ۽ ڏوھارين کي الڳ جيلن ۾ رکيو ويندو آهي[96]

مذھبسنواريو

 
پيانگ يانگ ۾ چلگول چرچ جتي ڪم ال سنگ جي ماء شماسه طور ڪم ڪيو

سرڪاري طور تي اتر ڪوريا ھڪ ملحد رياست آھي[97][98]. ھڪ اندازي مطابق ھتان جي آبادي جو 64 سيڪڙو ماڻھو لامذھب، 16 سيڪڙو ڪوريائي شامنزم، 14 سيڪڙو ڪونڊوازم، 4 سيڪڙو ٻڌ ۽ 2 سيڪڙو عيسائي آھن[99] ھتان جي آئين ۾ مذھبي آزادي ۽ مذھبي رسمون ادا ڪرڻ جي ضمانت ڏنل آهي تنھن جي باوجود حڪومت پاران مذھبن تي پابنديون لڳل آھن[100] ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران مذھبي جبر تي ڳڻتي جو پڻ اظھار ڪيو ويو آهي[101] ھتان جي ثقافتي زندگي اڄ بہ ٻڌ مذھب ۽ ڪوريائي ڪنفيوشسزم کان گھڻو متاثر آهي[102][103].

حوالاسنواريو

  1. Minahan, James B. (2014). Ethnic Groups of North, East, and Central Asia: An Encyclopedia. Santa Barbara: ABC-CLIO. p. 147. ISBN 978-1-61069-018-8. https://books.google.com/books?id=oZCOAwAAQBAJ&pg=PA147. 
  2. Alton, David; Chidley, Rob (2013). Building Bridges: Is There Hope for North Korea?. Oxford: Lion Books. p. 89. ISBN 978-0-7459-5598-8. https://books.google.com/books?id=eTWqpOOXI_QC&pg=PA89. 
  3. 3.0 3.1 "North Korea country profile". BBC News. 9 April 2018. https://www.bbc.co.uk/news/world-asia-pacific-15256929. 
  4. 4.0 4.1 "Kim Jong Un's North Korea: Life inside the totalitarian state". Washington Post. 
  5. 5.0 5.1 "Totalitarianism". Encyclopædia Britannica. 
  6. "Korea, North". Britannica Book of the Year 2014. London: Encyclopedia Britannica, Inc.. 2014. p. 642. ISBN 978-1-62513-171-3. https://books.google.com/books?id=LccRAwAAQBAJ&pg=PA642. 
  7. 7.0 7.1 Demographic Yearbook – Table 3: Population by sex, rate of population increase, surface area and density. United Nations Statistics Division. 2012. p. 5. http://unstats.un.org/unsd/demographic/products/dyb/dyb2012/Table03.pdf#page=5. Retrieved 29 November 2014. 
  8. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  9. "DPR Korea 2008 Population Census National Report" (PDF). Pyongyang: DPRK Central Bureau of Statistics. صفحو. 14. وقت 31 March 2010 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 February 2011.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. "National Accounts Main Aggregate Database". United Nations Statistics Division. وقت 5 February 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "North Korean Economy Watch » GDP statistics". وقت 8 January 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 February 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد) Hyundai Research Institute (South Korea)
  12. "Decree on Redesignating Pyongyang Time". Naenara. حاصل ڪيل 4 May 2018. 
  13. DPRK Socialist Constitution
  14. Spencer, Richard (28 August 2007). "North Korea power struggle looms". The Telegraph (online version of United Kingdom's national newspaper) (London). https://www.telegraph.co.uk/news/main.jhtml?xml=/news/2007/08/28/wnkorea128.xml. "A power struggle to succeed Kim Jong-il as leader of North Korea's Stalinist dictatorship may be looming after his eldest son was reported to have returned from semi-voluntary exile." 
  15. Parry, Richard Lloyd (5 September 2007). "North Korea's nuclear 'deal' leaves Japan feeling nervous". The Times (online version of United Kingdom's national newspaper of record) (London). http://www.timesonline.co.uk/tol/news/world/asia/article2388356.ece. "The US Government contradicted earlier North Korean claims that it had agreed to remove the Stalinist dictatorship’s designation as a terrorist state and to lift economic sanctions, as part of talks aimed at disarming Pyongyang of its nuclear weapons." 
  16. 16.0 16.1 16.2 16.3 16.4 16.5 16.6 16.7 16.8 16.9 اتر ڪوريا : (Sindhianaسنڌيانا)
  17. http://awamiawaz.com/%D8%A7%D8%AA%D8%B1-%DA%AA%D9%88%D8%B1%D9%8A%D8%A7-%D9%87%D8%A7%D8%A6%D9%8A%DA%8A%D8%B1%D9%88%D8%AC%D9%86-%D8%A8%D9%85-%D8%AC%D9%88-%D8%AA%D8%AC%D8%B1%D8%A8%D9%88-%DA%AA%D8%B1%D9%8A-%DA%87%DA%8F%D9%8A/
  18. Roberts, John Morris; Westad, Odd Arne (2013). The History of the World. Oxford University Press. p. 443. ISBN 978-0-19-993676-2. https://books.google.com/books?id=A2cfZkU5aQgC&q=koguryo+powerful+empire. Retrieved 15 July 2016. 
  19. Gardner, Hall (27 November 2007). Averting Global War: Regional Challenges, Overextension, and Options for American Strategy. Palgrave Macmillan. pp. 158–159. ISBN 978-0-230-60873-3. https://books.google.com/books?id=acvGAAAAQBAJ&q=Inner+Mongolia. Retrieved 15 July 2016. 
  20. Laet, Sigfried J. de (1994). History of Humanity: From the seventh to the sixteenth century. UNESCO. p. 1133. ISBN 978-92-3102813-7. https://books.google.com/books?id=PvlthkbFU1UC&pg=PA1133. Retrieved 8 November 2016. 
  21. Walker, Hugh Dyson (20 November 2012). East Asia: A New History. AuthorHouse. pp. 6–7. ISBN 978-1-4772-6517-8. https://books.google.com/books?id=GBvRs-za0CIC&pg=PA6. Retrieved 19 November 2016. 
  22. Kotkin, Stephen; Wolff, David (2015). Rediscovering Russia in Asia: Siberia and the Russian Far East: Siberia and the Russian Far East. Routledge. ISBN 978-1-317-46129-6. https://books.google.com/books?id=t_DqBgAAQBAJ&q=Koguryo+Siberia+Russia%27s. Retrieved 15 July 2016. 
  23. Tudor, Daniel (2012). Korea: The Impossible Country: The Impossible Country. Tuttle Publishing. ISBN 978-1-4629-1022-9. https://books.google.com/books?id=BA_QAgAAQBAJ&q=Inner+Mongolia. Retrieved 15 July 2016. 
  24. Kim, Jinwung (2012). A History of Korea: From "Land of the Morning Calm" to States in Conflict. Bloomington: Indiana University Press. p. 35. ISBN 978-0-253-00078-1. https://books.google.com/books?id=QFPsi3IK8gcC&pg=PA35. Retrieved 15 July 2016. 
  25. Rossabi, Morris (20 May 1983) (en ۾). China Among Equals: The Middle Kingdom and Its Neighbors, 10th–14th Centuries. University of California Press. p. 323. ISBN 9780520045620. https://books.google.com/books?id=sNpD5UKmkswC&q=%22As+the+self-proclaimed+successor+to+Koguryo+and+the+protector+of+Parhae+refugees%2C+many+of+them+of+Koguryo+origin%2C+Koryo+considered+the+northern+territories+in+Manchuria+its+rightful+legacy.%22. Retrieved 8 November 2016. 
  26. Yi, Ki-baek (1984) (en ۾). A New History of Korea. Harvard University Press. p. 103. ISBN 978-0674615762. https://books.google.com/books?id=g2mdVwXpMzwC&pg=PA103. Retrieved 8 November 2016. 
  27. Kim, Djun Kil (30 January 2005) (en ۾). The History of Korea. ABC-CLIO. p. 57. ISBN 978-0313038532. https://books.google.com/books?id=ci_iGuAAqmsC&pg=PA57. Retrieved 8 November 2016. 
  28. Grayson, James H. (5 November 2013) (en ۾). Korea – A Religious History. Routledge. p. 79. ISBN 9781136869259. https://books.google.com/books?id=LU78AQAAQBAJ&pg=PA79. Retrieved 8 November 2016. 
  29. Yunn, Seung-Yong, "Muslims earlier contact with Korea", Religious culture of Korea, Hollym International, صفحو. 99 
  30. "Administrative Population and Divisions Figures (#26)" (PDF). DPRK: The Land of the Morning Calm. Permanent Committee on Geographical Names for British Official Use. وقت 25 September 2006 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 October 2006.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  31. "U.S.: N. Korea Boosting Guerrilla War Capabilities". Associated Press. FOX News Network, LLC. 23 June 2009. http://www.foxnews.com/story/0,2933,528320,00.html. 
  32. Kim, Samuel S. (2014). "The Evolving Asian System". International Relations of Asia. Rowman & Littlefield. p. 45. ISBN 978-1442226418. "With three of the four major Cold War fault lines—divided Germany, divided Korea, divided China, and divided Vietnam—East Asia acquired the dubious distinction of having engendered the largest number of armed conflicts resulting in higher fatalities between 1945 and 1994 than any other region or sub-region. Even in Asia, while Central and South Asia produced a regional total of 2.8 million in human fatalities, East Asia's regional total is 10.4 million including the Chinese Civil War (1 million), the Korean War (3 million), the Vietnam War (2 million), and the Pol Pot genocide in Cambodia (1 to 2 million)." 
  33. Cumings, Bruce (2011). The Korean War: A History. Modern Library. p. 35. ISBN 978-0812978964. "Various encyclopedias state that the countries involved in the three-year conflict suffered a total of more than 4 million casualties, of which at least 2 million were civilians—a higher percentage than in World War II or Vietnam. A total of 36,940 Americans lost their lives in the Korean theater; of these, 33,665 were killed in action, while 3,275 died there of nonhostile causes. Some 92,134 Americans were wounded in action, and decades later, 8,176 were still reported as missing. South Korea sustained 1,312,836 casualties, including 415,004 dead. Casualties among other UN allies totaled 16,532, including 3,094 dead. Estimated North Korean casualties numbered 2 million, including about one million civilians and 520,000 soldiers. An estimated 900,000 Chinese soldiers lost their lives in combat." 
  34. McGuire, James (2010). Wealth, Health, and Democracy in East Asia and Latin America. Cambridge University Press. p. 203. ISBN 978-1139486224. https://archive.org/details/wealthhealthdemo00mcgu. "In Korea, war in the early 1950s cost nearly 3 million lives, including nearly a million civilian dead in South Korea." 
  35. Kirkbride, Wayne (1984). DMZ, a story of the Panmunjom axe murder. Hollym International Corp.
  36. Bandow, Doug; Carpenter, Ted Galen, eds (1992). The U.S.-South Korean Alliance: Time for a Change. New Brunswick: Transaction Publishers. pp. 99–100. ISBN 978-1-4128-4086-6. https://books.google.com/books?id=HXdhDRCGD1kC&pg=PA99. 
  37. 37.0 37.1 Chung, Chin O. Pyongyang Between Peking and Moscow: North Korea's Involvement in the Sino-Soviet Dispute, 1958–1975. University of Alabama, 1978, p. 45.
  38. 38.0 38.1 Kim, Young Kun; Zagoria, Donald S. (December 1975). "North Korea and the Major Powers". Asian Survey 15 (12): 1017–1035. doi:10.1525/as.1975.15.12.01p0132i. 
  39. Armstrong, Charles. Tyranny of the Weak: North Korea and the World, 1950–1992. Studies of the Weatherhead East Asian Institute, Columbia University. Cornell University Press. pp. 99–100. "Kim would not yield to Soviet and Chinese pressure even when combined, much less when the Soviets and Chinese were later in competition with one another." 
  40. Schaefer, Bernd. "North Korean 'Adventurism' and China's Long Shadow, 1966–1972". Washington, D.C .: Woodrow Wilson International Center for Scholars, 2004.
  41. Andrei Lankov. “Trouble Brewing: The North Korean Famine of 1954–1955 and Soviet Attitudes toward North Korea.” Journal of Cold War Studies 22:2 (Spring 2020) pp:3-25. online
  42. Lankov, Andrei (2013-05-02) (en ۾). The Real North Korea: Life and Politics in the Failed Stalinist Utopia. OUP USA. pp. 64. ISBN 978-0-19-996429-1. https://books.google.com/books?id=LNpRyIPgi3wC. 
  43. Demick, Barbara. "North Korea's giant leap backwards". the Guardian. حاصل ڪيل 2021-01-21. 
  44. Chinoy, Mike. "North Korea ends mourning for Kim Il Sung". CNN. وقت 19 May 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 May 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  45. H. Hodge (2003). "North Korea's Military Strategy" آرڪائيو ڪيا ويا 24 February 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Parameters, U.S. Army War College Quarterly.
  46. Jager, Sheila Miyoshi (2013). Brothers at War – The Unending Conflict in Korea. London: Profile Books. p. 456. ISBN 978-1-84668-067-0. 
  47. Abt, Felix (2014). A Capitalist in North Korea: My Seven Years in the Hermit Kingdom. Tuttle Publishing. pp. 55, 109, 119. ISBN 9780804844390. 
  48. Oberdorfer, Don; Carlin, Robert (2014). The Two Koreas: A Contemporary History. Basic Books. pp. 357–359. ISBN 9780465031238. 
  49. Burns, Robert; Gearan, Anne (13 October 2006). "U.S.: Test Points to N. Korea Nuke Blast". The Washington Post. https://www.washingtonpost.com/wp-dyn/content/article/2006/10/13/AR2006101300576.html. 
  50. Bliss, Jeff (16 October 2006). "North Korea Nuclear Test Confirmed by U.S. Intelligence Agency". Bloomberg News. https://www.bloomberg.com/apps/news?pid=20601101&sid=aO7kW.RjqqaE&refer=japan. 
  51. "North Korean leader Kim Jong Il, 69, has died". Associated Press. 19 December 2011. https://www.google.com/hostednews/ap/article/ALeqM5izIlSjdJ6OnbxnvsA8REol_H-PpA?docId=e4eb9efdbd884d2fbff01ada250d87de. 
  52. Albert, Eleanor. "North Korea's Military Capabilities". Council on Foreign Relations. 
  53. Bierman, Noah. "Trump warns North Korea of 'fire and fury'". latimes.com. حاصل ڪيل 4 August 2018. 
  54. "N Korea promises Guam strike plan in days" (en-GB ۾). BBC News. 10 August 2017. https://www.bbc.co.uk/news/world-asia-40883372. 
  55. Ji, Dagyum (12 February 2018). "Delegation visit shows N. Korea can take 'drastic' steps to improve relations: MOU". NK News. https://www.nknews.org/2018/02/delegation-visit-shows-n-korea-can-take-drastic-steps-to-improve-relations-mo. 
  56. Donald Trump meets Kim Jong Un in DMZ; steps onto North Korean soil. USA Today. 30 June 2019.
  57. Jacobs, Frank (21 February 2012). "Manchurian Trivia". The New York Times. http://opinionator.blogs.nytimes.com/2012/02/21/manchurian-trivia/. 
  58. Song, Yong-deok (2007). "The recognition of mountain Baekdu in the Koryo dynasty and early times of the Joseon dynasty". History and Reality V.64. 
  59. Bill Caraway. "Korea Geography". The Korean History Project. وقت 6 July 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 August 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  60. Dinerstein, Eric; Olson, David; Joshi, Anup; Vynne, Carly; Burgess, Neil D.; Wikramanayake, Eric; Hahn, Nathan; Palminteri, Suzanne et al. (2017). "An Ecoregion-Based Approach to Protecting Half the Terrestrial Realm". BioScience 67 (6): 534–545. doi:10.1093/biosci/bix014. ISSN 0006-3568. PMID 28608869. 
  61. 61.0 61.1 61.2 61.3 "North Korea Country Studies. Climate". Lcweb2.loc.gov. وقت 12 December 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 June 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  62. Socialist Constitution of the Democratic People's Republic of Korea. Foreign Languages Publishing House. 2016. Chapter I, Articles 1–3. http://www.naenara.com.kp/en/politics/?rule+2. Retrieved 22 May 2018. 
  63. Audrey Yoo (16 October 2013). "North Korea rewrites rules to legitimise Kim family succession". South China Morning Post. http://www.scmp.com/news/asia/article/1296394/democratic-peoples-monarchy-korea-north-korea-changes-ruling-principles. 
  64. "The Parliamentary System of the Democratic People's Republic of Korea" (PDF). Constitutional and Parliamentary Information. Association of Secretaries General of Parliaments (ASGP) of the Inter-Parliamentary Union. صفحو. 5. وقت 3 March 2012 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 October 2010. 
  65. Petrov, Leonid. "DPRK has quietly amended its Constitution". Korea Vision. وقت 16 October 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 July 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  66. "North Korea profile: Leaders". BBC. وقت 18 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 May 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  67. "North Korea: Kim Jong-un hailed 'supreme commander'". BBC. وقت 7 January 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 May 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  68. Hitchens, Christopher (24 December 2007). "Why has the Bush administration lost interest in North Korea?". Slate. http://www.slate.com/id/2180464/. 
  69. اتر ڪوريا جي آئين جي شق نمبر 109
  70. "DPRK Constitution Text Released Following 2016 Amendments". North Korea Leadership Watch. وقت 18 April 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 April 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  71. "Preamble". Socialist Constitution of the Democratic People's Republic of Korea. Pyongyang: Foreign Languages Publishing House. 2014. p. 1. ISBN 978-9946-0-1099-1. http://www.naenara.com.kp/en/book/download.php?4+4047#.pdfAmended and supplemented on 1 April, Juche 102 (2013), at the Seventh Session of the Twelfth Supreme People's Assembly. 
  72. "Pak Opens Account with Conservative Aire". The Daily NK. 23 April 2013. http://www.dailynk.com/english/read.php?cataId=nk01700&num=10516. 
  73. www.law.go.kr (ٻولي ۾ Korean) http://www.law.go.kr/lsInfoP.do?lsiSeq=61603&efYd=19880225#0000. حاصل ڪيل 25 October 2019.  Missing or empty |title= (مدد)
  74. Young W. Kihl, Hong Nack Kim. North Korea: The Politics of Regime Survival. Armonk, New York, M. E. Sharpe, Inc., 2006. p. 56.
  75. Robert A. Scalapino, Chong-Sik Lee. The Society. University of California Press, 1972. p. 689.
  76. Bong Youn Choy. A history of the Korean reunification movement: its issues and prospects. Research Committee on Korean Reunification, Institute of International Studies, Bradley University, 1984. p. 117.
  77. Sheridan, Michael (16 September 2007). "A tale of two dictatorships: The links between North Korea and Syria". The Times (London). http://www.timesonline.co.uk/tol/news/world/asia/article2452356.ece. 
  78. Herskovitz, Jon; Kim, Christine (28 September 2009). "North Korea drops communism, boosts "Dear Leaders"". Reuters. https://www.reuters.com/article/2009/09/28/idUSSEO253213. 
  79. JH Ahn (30 June 2016). "N.Korea updates constitution expanding Kim Jong Un's position". NK News. https://www.nknews.org/2016/06/n-korea-updates-constitution-expanding-kim-jong-uns-position. 
  80. Andrei Lankov. "Review of The Cleanest Race". Far Eastern Economic Review. وقت 4 January 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 June 2015. 
  81. Christopher Hitchens: A Nation of Racist Dwarfs – Kim Jong-il's regime is even weirder and more despicable than you thought آرڪائيو ڪيا ويا 1 June 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (2010)
  82. Brian Reynolds Myers (1 October 2009). "The Constitution of Kim Jong Il.". Wall Street Journal. https://www.wsj.com/articles/SB10001424052748704471504574445980801810944. "From its beginnings in 1945 the regime has espoused—to its subjects if not to its Soviet and Chinese aid-providers—a race-based, paranoid nationalism that has nothing to do with Marxism-Leninism. [...] North Korea has always had less in common with the former Soviet Union than with the Japan of the 1930s, another 'national defense state' in which a command economy was pursued not as an end in itself, but as a prerequisite for rapid armament. North Korea is, in other words, a national-socialist country" 
  83. The Twisted Logic of the N.Korean Regime آرڪائيو ڪيا ويا 13 January 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Chosun Ilbo. 13 August 2013. Accessed date: 11 January 2017.
  84. Staff. "We have just witnessed a coup in North Korea". New Focus International. وقت 26 January 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 January 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  85. 85.0 85.1 Daniel Wertz; JJ Oh; Kim Insung. "Issue Brief: DPRK Diplomatic Relations" (PDF). The National Committee on North Korea. صفحا. 1–7; n4. وقت 4 March 2016 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 April 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  86. "A Single Flag – North And South Korea Join U.N. And The World". The Seattle Times. 17 September 1991. http://community.seattletimes.nwsource.com/archive/?date=19910917&slug=1306025. 
  87. Nanto, Dick K.; Manyin, Mark E. (2011). "China-North Korea Relations". North Korean Review 7 (2): 94–101. doi:10.3172/NKR.7.2.94. ISSN 1551-2789. https://digital.library.unt.edu/ark:/67531/metadc227656/. 
  88. "Botswana Cuts Ties with North Korea". www.gov.bw. Ministry of Foreign Affairs and International Cooperation. وقت 6 January 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 January 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  89. Commission de la défense nationale et des forces armées. "Audition de M. Jack Lang, envoyé spécial du Président de la République pour la Corée du Nord." (ٻولي ۾ French). وقت 21 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 May 2010.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  90. Kennedy, Pamela. "Taiwan and North Korea: Star-Crossed Business Partners". 38 North. حاصل ڪيل 18 November 2019. 
  91. Haggard, M (1965). "North Korea's International Position". Asian Survey 5 (8): 375–388. doi:10.2307/2642410. ISSN 0004-4687. OCLC 48536955. 
  92. Seung-Ho Joo, Tae-Hwan Kwak - Korea in the 21st Century
  93. "Quelles relations la France entretient-elle avec la Corée du Nord ?". 
  94. "Kim Yong Nam Visits 3 ASEAN Nations To Strengthen Traditional Ties". The People's Korea. وقت 30 September 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 August 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  95. "Legal System field listing". CIA The World Factbook. وقت 18 May 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 May 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  96. "Outside World Turns Blind Eye to N. Korea's Hard-Labor Camps". The Washington Post. 20 July 2009. https://www.washingtonpost.com/wp-dyn/content/article/2009/07/19/AR2009071902178.html. 
  97. World and Its Peoples: Eastern and Southern Asia. Marshall Cavendish. 2007. ISBN 9780761476313. https://books.google.com/books?id=YG2AFyFppJQC&pg=PA933. Retrieved 20 May 2019. "North Korea is officially an atheist state in which almost the entire population is nonreligious." 
  98. Joanne O'Brien, Martin Palmer (December 1993). The State of Religion Atlas. Simon & Schuster. https://archive.org/details/stateofreligiona00obri. Retrieved 20 May 2019. "Atheism continues to be the official position of the governments of China, North Korea and Cuba." 
  99. "Religious Intelligence UK report". Religious Intelligence. Religious Intelligence. وقت 13 October 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 July 2009. 
  100. "Human Rights in North Korea". Human Rights Watch. وقت 1 December 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 August 2007.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  101. "North Korea: Freedom of Movement, Opinion and Expression". Amnesty International. حاصل ڪيل 4 March 2014. 
  102. "Culture of North Korea – Alternative name, History and ethnic relations". Countries and Their Cultures. Advameg Inc. وقت 5 August 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 July 2009.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  103. Bureau of East Asian and Pacific Affairs. "Background Note: North Korea". U.S. State Department. حاصل ڪيل 4 July 2009.