وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون لاءِ مقرر معيار
اوزار چونڊ مضمون:
|
هڪ چونڊ مضمون، بهترين ڪم، لکڻ جي معيار ۽ حوالن جي لحاظ کان هڪ مڪمل مضمون هوندو آهي. وڪيپيڊيا جي پاليسين کان سواءِ هيٺيان شرط چونڊ مضمون لاءِ ضروري آهن.
- اهي شرط هي آهن—
- سٺو لکيل هجي: مضمون جي لکت فني حوالي سان بهترين هجي؛
- جامع هجي: مضمون جي حوالي سان ڪو به تاريخي يا اهم واقعو رهيل نه هجي؛
- تحقيق ڪيل هجي: سٺي نموني مضمون جي حوالي سان ڇڊڇاڻ ڪيل هجي، جتي ڪا وڏي دعوا ڪيل هجي اها مستند حوالن سان قابل تصديق هجي ۽ جتي مناسب هجي، اتي هر سٽ ۾ حوالو هجڻ ضروري آهي؛
- غيرجانبدار: مضمون ۾ غيرجانبداري جو خيال رکيو وڃي ۽؛
- مستقل: مضمون کي واپرائيندڙ جلد جلد تبديل نه ڪندا هجن ۽ مضمون هر روز تبديل ٿيندڙ واقعن جي متعلق نه هجي.
- مضمون نموني دستي جي اصولن کان سواءِ هيٺين معيار تي پورو لهندڙ هجي—
- ديباچو: مضمون ۾ سڀ کان مٿي ديباچو شامل هجي، جنهن ۾ سٺي مضمون جو مختصر احوال پيش ڪيل هجي، وڌيڪ ڄاڻ مطلوبه سيڪشن ۾ ڄاڻيل هجي.
- مناسب بناوت: مضمون جي بناوٽ مناسب هجي، ۽؛
- متوازن حوالا: هر سٽ ۾ مناسب جاءِ تي حوالن جو اندراج ڪيو وڃي جيئن (<ref>سمٿ 2007، ص. 1.</ref>) يا هارورڊ حوالن جيان (سمٿ، 2007 ص. 1)— حوالن واري سانچي جي ضرورت ناهي.
- تصويرون' /مضمون ۾ مناسب تصويرن جو هجڻ ضوري آهي.
- ڊيگھ مضمون ۾ گھربل ۽ اهميت واري ڄاڻ جو هجڻ ضوري آهي، نامناسب ديگھ کان پاسو ڪيو.
وڌيڪ ڏسو
سنواريوحوالا
سنواريو- Smith, Jane (2007). The Book of Examples. New York: Best Publishers, Inc.