موکي ۽ متارا

سنڌي لوڪ داستان جي آکاڻي

موکي ۽ متارا (سنڌي: Mokhi and Matara) (ساقي ۽ بچنال) شراب خانو، هوٽل وغيرہ ۾ شراب وڪرو ڪرڻ جي تختي جي پويان شراب آڇيندڙ هڪ سنڌي ناري، "موکي" جي مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ڪيٻائيندي طور متارا لاءِ زهريلي "مانڌ" (مَڌُ، شراب) پيش ڪرڻ جي خدمت ڏني، اَٺ هٺيلا بهادر نوجوان مرد جِن سندس مي خانو (شراب جو گُتو) تي هليا آيا ۽ ان جام سان ڀريل شراب پيئڻ کانپوءِ انهن جي موت ٿي وئي. هي متارا (باچو جا ڀڳت ، جوڳي هيا) سندن تعلق چنا، چوهاڻ، سما ۽ سومرا ذات سان هيو جيڪي سنڌ جي ريگستاني علائقي ڪوهستان ۾ هڪ علائقي ساري جا ذڪر لائق جوڌا هيا. انهن جا مقبرا اڄ تائين ڪراچي جي تعلقي گڏاپ ۾ ناراٿر جي هيٺانهين جابلو ميدان ۾ موجود آهن.[1]

هڪ ڪاروباري ناري، ناتر پاران اڄڪلهہ جتي گڏاپ تعلقو آهي اتي موجود هڪ "ڪونڪر" ڳوٺ جي ماڳ تي هڪ شراب خانو (بيئر جو ڪارخانو) قائم ڪيو هيو ۽ بي پرواهہ ماڻهن جي سارَسنڀال ڪرڻ لاءِ هڪ شَراب جي بٺِي کولي رکي هئي.

ناتر جي ڌيءُ موکي، هڪ سياڻي ۽ سُلڇڻي ڇوڪري هئي، جنهن ساقي (بارميڊ، شراب خاني ۾ شربت وڪڻندڙ ناري) طور خدمتون ڪندي هئي. شراب خانو ۽ موکي جو نالو ڏُور پَري مشهور ٿي ويو ۽ شراب پيئندڙ، گهڻو پياڪڙن ۽ بدمستن ان جڳهہ تي ڪيترائي ڀيرا اچڻ شروع ڪيو. پر، هڪڙي ڏينهن، باچس جا اصلي ڀڳت متارا اُتي آيا. هو اَٺ جوڌا هيا، انهن ۾ هر هڪ همراهه سما، سومرا، چنا ۽ چوهاڻ ذات منجهان هيو. هو ان مشهور شراب خانو هوٽل ۾ مڌ (شراب) جي مختلف قِسم پيئڻ جي لاءِ پنهنجي ڏُور علائقن کان آيا هيا. هنن پنهنجي شربت منجهان سنجوڳ آنند ماڻيو ۽ ٻيهر ان جڳهہ تي اچڻ جو نبيرو (فيصلو) ڪيائون. ڇھ مهينن کانپوءِ، هو ٻيهر واپس آيا ۽ ان تجربي منجهان ايترا سنجوڳ ماڻيائون تہ هاڻي هنن هي پختو اردو ڪين تہ هر لمحي ۾ ان ڊگهي سفر کي هر ڇھ مهينن کانپوءِ شراب خانو تائين ڪاهي ايندا. جڏهن بہ هو ايندا هيا تہ موکي سندن خدمت ڪندي هئي ۽ هر ڀيري هو آنند محسوس ڪندا هيا.

هڪ ڀيري، جڏهن هو اتي پهتا تہ، هيئن ٿيو تہ انهن جي لاءِ ڪوبہ پراڻو شراب باقي نہ بچيو. موکي ان صوتحال ۾ گهڻي ٻُڏتر ۾ پئجي وئي. پر پوءِ کيس ياد آيو تہ هڪ پراڻي شراب جي گهڙو (مٽڪو، دِلو) وڏي وقت کان ڪُنڊ ۾ ڦٽو ڪري رکيل هيو ۽ هوءَ تڪڙي اهو مٽڪو نهارڻ لاءِ وئي. مٽڪو ڍڪڻ تائين ڀريل پيل هيو، پر ايئن لڳي پيو تہ هڪ ڪارِيھَرُ (واسينگ، ڪوبرا نانگ) هڪ ڊگهي سمعي کان ان ۾ ڪِري پيو هيو. ان جو گوشت ڳري ڳار ٿي ويو هيو ۽ رُڳو نانگ جي بچيل کَلَ ۽ ڍانچو ان ڪُني ۾ پيل هيو. متارن جي ان شراب سان "خدمت ڪرڻ يا نہ ڪرڻ" لاءِ، موکي سوچ ويچار ڪرڻ لڳي. چٽي نموني، ان شراب ۾ ڪارِيھَرُ (واسينگ) جو زهر هيو، جيتوڻيڪ اهو شراب ڏاڍو رنگين هيو پر ان هڪ ڊگهي عرصي تاين خمير لڳايو هيو. تنهنڪري پنهنجي شوقين گراهڪن کي مايوس ڪرڻ بدران، موکي ان شراب سان انهن جي خدمت ڪرڻ جو نبيرو ڪيو، انهيءَ مهل معافي وتائين تہ جيئن تہ ٻيو ڪوبہ شراب رکيل نہ هيو، تنهنڪري کيس وٽ شراب جو پراڻو گهڙو (مٽڪو ، ڪُنو) ۾ پيل شراب کانسواءِ ڪابہ چُونڊ نہ هئي. هنن ان آڇ کي ڀليڪار ڪيو، ان منجهان ڍُڪَ ڀريائون ۽ ان جي ذائقي منجهان ڏاڍو مزو ورتائون. هنن ان شراب منجهان وڌيڪ کڻي اچڻ جي طلب ڪئي ۽ هڪ پيالو کانپوءِ وري ٻيو پيالو پي ڇڌيائون. "ڏاڍو سُٺو اسان ڪڏهن بہ اهڙي دارون جو ذائقو ناهي چکيو"، هنن وڏي ساراهہ سان ائين چيو. هو نشي ۾ ڌُت لڳا پيا هيا ۽ دارون جي مدهوش ڪيفيت منجهان مزو ماڻيندي ۽ موکي جي ان چڱي عمل جي ساراهہ ڪندا مي خانو ڇڏي هليا ويا.

هڪ سال کانپوءِ واپس موٽي آيا. موکي سندن آڌرڀاءُ ڪندي ڏاڍي خوش ٿي، اهو سوچي رهي هئي تہ هن ڀيري انهن جي لاءِ سُٺي ۽ جُجِهي دارون (شراب) موجود آهي. پر پهريون ڍُڪ ڀرڻ کانپوءِ هنن پيالو کيس واپس موٽائي ڏنو ۽ کين گذريل سال ڏنل شراب کڻي اچڻ لاءِ چيو. موکي ان صورتحال تي گھٻرائجي وئي. موکي کين بهترين معيار جي هڪ ٻئي سُٺِي دارون (شراب) پيش ڪرڻ لاءِ آزمائي پر اها بہ واپس ڪري ڇڏين. هنن کيس گذارش ڪئي تہ کين اُهائي پُراڻي دارو کڻي اچي ڏني وڃي. انهن کي مايوس ٿيندو ڏسي موکي کان رهيو ڪين هن کين اڳيان گذريل سال واري دارون (شراب) بابت حقيقت ٻُڌائڻ کانسواءِ ٻئي ڪابہ راهہ نہ ڏٺِي. کين چيائين تہ "توهان کي گذريل سال جيڪا شراب ڏني هئي اها هڪ پُراڻي ڦِٽو ڪيل مٽڪو منجهان ڏني وئي هئي ۽ ان مٽڪي ۾ پيل شراب ۾ واسينگ نانگ مري ويو هيو ۽ ان دارون سان گڏ ڪاريهر نانگ جو زهر ملي ويو هيو.

""ڇا؟ ڪاريهرُ! هڪ ڪاريهرُ!" هنن سمورن گڏجي هڪ آواز ۾ رڙ ڪري پڇيو.

زهر ۽ ان جي اثر جي باري ۾ سوچيندي هو صدمي ۾ پئجي ويا ۽ ٿڏي تي ئي پرلوڪ پڌاري ويا ۽ کين اُتي ئي دفن ڪيو ويو. انهن سورهيا مُڙسن متارن جون قبرون، اڄ بہ جبل جي هڪ پُراڻي قبرستان ۾ نظر اچن ٿيون.

تاريخ ۽ چؤچاءُ (چئوٻول)

سنواريو

ان ڪهاڻي ۾ وچئين دور جي سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي پاسن کي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ ناري (ناتر ۽ ان جي ڌيءٌ موکي) جي وسيلي هڪ مي خانو جا معاملا هلايا ويندا هيا. ان ڪهاڻي جيا مُنڍَ وارا حوالا سنڌ جي ناليوارن شاعرن شاهہ ڪريم، شاهہ عنايت ۽ شاهہ لطيف جي بيتن ۾ من ٿا. پوءِ ان کي ٻين شاعرن پڻ پنهنجي ڪويتائن ۾ ان واقعي جي سُڃاڻپ ڪئي آهي. ڪهاڻي بابت سنڌي لوڪ ساهتيا ۾ انيڪ حوالا ملن ٿا.[2] ڌيان جو مرڪز يا هڪ نُڪتو نفسياتي خيال آهي تہ "حقيقي اُتساهه ۽ وڏو آنند، گهڻي چاهه رس سان حقيقي جوکم (خطري) کان بچي سگهجي ٿو، پر جوکو ختم ٿيڻ کانپوءِ به هوش جو احساس جيوگھاٽڪ (موتمار) ٿي سگهي ٿو." ٻين لفظن ۾ ايئن بيان ڪجي ته نانگ جو کاڌل وڇون جي کاڌل کان تُرت مَرندو ڇوته نانگ جو ٻُڌي دَپ ۾ هو مري وڃِي ٿو، جڏهن ته نانگ جي زهر کان وڇون جو زهر گهڻو اثرائتو سمجهيو وڃي ٿو پر جيئن ته اهو ننڍڙو جيوُ آهي ۽ نانگ ڪُجهه وڌو جيوُ آهي تنهنڪري ڊڄ ئي ماڻهوءَ جو انت آڻيندو آهي.

پڻ ڏسو

سنواريو
  1. Famous Folktales of Sindh – Nabi Bux Khan Baloch – Sindhi Adabi Board. 1964. 
  2. Famous Folktales of Sindh – Nabi Bux Khan Baloch – Sindhi Adabi Board. 1964. 

ٻاهريان ڳنڍڻا

سنواريو