ديھ ھالا نوان : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن تعلقي جو ھيڊ ڪوارٽر ھالا شھر واقع آھن.ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ ۾ سروري جماعت جي باني مخدوم نوح جو مقبرو واقع آهي. ھن ديھ جون حدون ديھ ڀنڍ، ديھ سانداڻ، ديھ کاڻوٺ سان ملن ٿيون