ديھ دالو ڪيٽي : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي سعيد آباد جي ھڪ ديھ جو نالو آھي ھن ديھ ۾ ٻيلو ۽ ڪچي جو علائقو شامل آھي . ٻيلي کاتي طرفان زمينن جون چوڪڙيون ماڻھن کي مقاطعي تي ڏنل آھن جنھن تحت زمين جي ڪجهه حصي تي ھڙيون پوکيون وينديون آهن.ھن ديھ جون حدون ديھ سعيد آباد، ديھ مناھي، ديھ امين لاکو، ديھ ڪنڙ، ديھ نور ڪيٽي ۽ ديھ ٻيلو دٻاڻو سان ملن ٿيون.