مٽياري تعلقو(انگريزي: Matiari Taluka) , پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جو ھڪ تعلقو جنھن جو صدر مقام مٽياري شھر آھي[1] ھن تعلقي ۾ واقع ننڍن شھرن جا نالا اڏيرولال اسٽيشن، اڏيرولال وليج، سيکاٽ، خيبراڻي، پليجاڻي ۽ شاھپور درپور آھن. ھتان جي معيشت زرعي آھي. ڪمند، ڪپھ ۽ ڪيلو جام ٿئي ٿو. ان کان سواءِ فاروان (ڦاروا) ۽ انب بہ ڪثرت سان ٿيندا آھن. مٽياري شھر کان ٿوري فاصلي تي مٽياري شگر مل واقع آهي، جيڪا ماڻھن جي روزگار جو ذريعو آهي.

تعلقه مٽياري
تعلقو
مٽياري
مٽياري ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان مٽياري تعلقو
مٽياري ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان مٽياري تعلقو
تعلقه مٽياري is located in Pakistan
تعلقه مٽياري
تعلقه مٽياري
تعلقه مٽياري is located in سنڌ
تعلقه مٽياري
تعلقه مٽياري
سنڌ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°45′N 68°30′E / 25.750°N 68.500°E / 25.750; 68.500مڪانيت: 25°45′N 68°30′E / 25.750°N 68.500°E / 25.750; 68.500
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو مٽياري ضلعو

تاريخ سنواريو

ھي علائقو صوفين جي سرزمين آھي. مٽياري جا سيد سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور آھن جن مان سيدن جو کوڙ شاخون سڄي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر ڦھليون جن مان وڏا نالي وارا بزرگ ۽ دانشور پيدا ٿيا . جي. ايم سيد جي خاندان يا سن جي سيدن جو بہ اصل تعلق مٽياري جي سيدن سان آھي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي بہ انھن جي شاخ مان پيدا ٿيو ھو.

ديھون سنواريو

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ مطابق مٽياري تعلقي ۾ ڪل 49 ديھون واقع آهن.

مٽياري تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 ابڙيجاڻي 2 آرائين 3 ٻاريچاڻي 4 بائوديرو
5 ڀاڻوڪي 6 ننديرو 7 اڏيرولال 8 ڀورڪو
9 ٻھريون 10 ڇارائو 11 ڍانڍو 12 گڻنگ جاگير
13 گڻنگ ريئتي 14 ھڪڙا 15 جھيڪي 16 جيئندل ڪوٽ
17 جاکري جاگير 18 جاکري ريئتي 19 جاکري جويا 20 ڪيٽي
21 کورکاڻي 22 کڏي 23 کيبراڻي 24 ڪوھيڪي
25 لتڙيون 26 مري 27 مٽياري 28 مبارڪ واھ
29 پليجاڻي 30 پنھوارڪي 31 پنو 32 پوراٺ
33 ريڇل 34 سدري 35 سعيدپور 36 صاحب سمن
37 ستار 38 سيکاٽ 39 شاھپور 40 سپڪي جاگير
41 سپڪي ريئتي 42 سوھيڪي 43 سومرا 44 سلطان پور
45 تاجپور 46 ٿاڻو 47 ٺوڙھا 48 ويسرو
49 وساڻ

حوالا سنواريو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

Official website   سانچو:Tehsils of Sindh