ديھ جيندل ڪوٽ: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جيڪا خود ھڪ تپو پڻ آهي. ان ۾ ڳوٺ شيخ ٽيھڙ ، جيندل ڪوٽ، ڳوٺ دليل مڱريو ۽ ڳوٺ مشتاق حاجاڻو واقع آھن. ھن ديھ جي اڪثر زمين زرعي آھي.ھن ديھ جون حدون مٽياري ضلعي ۾ ديھ ٻارچاڻي، ديھ ڀورڪو ۽ ديھ صاحب سمان سان ملن ٿيون ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ تعلقي حيدرآباد جي ديھن اميلپر ۽ ملڪي سان ملن ٿيون. ھن ديھ جو قيام 1883 ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار جي دؤر ۾ عمل ۾ آيو. 1962 عيسويءَ جي ديھ جي نقشن مطابق ھن ديھ جي روينيو سروي نمبرن جو تعداد 1 کان 462 تائين ھيون[2] انتظامي طور تي ھيء ديھ مٽياري ٿاڻي جي حدن ۾ آھي.ھي ديھ قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر 223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 جو حصو آهي. روينيو کاتي جي پراڻن نقشن مطابق ساندن واري ريلوي اسٽيشن کان ھڪ روڊ ھن ديھ مان گذري مٽياري طرف وڃي ٿو . ديھ ٻارچاڻي مان مٽياري طرف ھڪ رستو ھن ديھ مان گذرندو ھو جيڪو روينيو کاتي جي 1962 واري نقشي ۾ ڦٽل ڏيکاريو ويو آهي. ھن ديھ ۾ ٻيا ڳوٺ راضي وگھايل، ڳوٺ نورخان وگھايل، سروي نمبر 340 ۽ 363 جي وچ ۾ چنڊن جو ڳوٺ، سروي نمبر 101 ,106, 100 جي وچ ۾ درزين جو ڳوٺ، ڳوٺ لعل ڏنو، ڳوٺ ڏاتر ڏنو 1962 واري نقشي ۾ موجود ڏيکاريل آھن. ديھ آرائين واري دنگ تي ڦٽل نصير واھ واقع اٿس. ديھ ڀورڪو واري دنگ تي ڀورڪو واھ وھندڙ اٿس[3] ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 2999-34 آهي ۽ 1998 جي آدمشماري موجب ھن جي آبادي 4036 ھئي.[1]

ديھ جيندل ڪوٽ
Deh Jeendal Kot
فائل:جيندل ڪوٽ.jpg
ديھ جيندل ڪوٽ جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا مٽياري ٿاڻو
تپو ساڳيو -- جيندل ڪوٽ
سروي نمبر 1 کان 462
مشهور ڳوٺ جيندل ڪوٽ، ڳوٺ دليل مڱريو ۽ ڳوٺ مشتاق حاجاڻو.
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
آبادي 4036 [1]
قيام 1883ع
لاڳاپيل ديهون ديھ صاحب سمان ، ديھ ڀورڪو، ديھ ٻارچاڻي، ديھ آرائين، تعلقي حيدرآباد جي ديھ اميلپر ۽ ديھ ملڪي

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 http://www.nasarpur.com/citysurround.html.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)