ديھ ٻيلو کاڻوٺ : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي ھڪ ديھ جو نالو آھي ھن ديھ ۾ ٻيلو ۽ ڪچي جو علائقو شامل آھي . ٻيلي کاتي طرفان زمينن جون چوڪڙيون ماڻھن کي مقاطعي تي ڏنل آھن جنھن تحت زمين جي ڪجهه حصي تي ھڙيون پوکيون وينديون آهن.ھن ديھ جون حدون ديھ گھوٽاڻا،دہھ جھرڪي، ديھ کاڻوٺ ۽ ديھ ٻيلو شورڪي سان ملن ٿيون. جي مٽياري ضلعي جي سڀ کان وڏي ديھ آھي.