ديھ

ايراضي جي ورهاست جي ننڍي ايڪائي

ديھ (انگريزي ٻولي: Deh / Mozeh)، جنهن کي پاڪستان جي ٻين صوبن ۽ هندوستان توڙي بنگلاديش ۾ موزه چيو ويندو آهي،[1] اهو ايراضي جي ورهاست جي ننڍي ايڪائي آهي.[2] ديھ آبادگارن لاءِ زمين جي ورهاست، زمين جي مالڪي ۽ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن جي حدن جي تعين لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هر ديھ جو نالو ۽ نمبر مختلف هوندو آهي.[3]

پاڪستان سنواريو

سنڌ سنواريو

سنڌ جي ڪُل ديهن جو تعداد 6093 آهي.[4] سنڌ ۾ ديهن جي حدبندين جو تعين آپباشي جو بورڊ ڪندو آهي.[2]

ڀارت ۽ بنگلاديش سنواريو

مغل دور ۾ پرڳڻن کي مختلف ديهن ۾ ورهايو ويو هو، پر آبادي جي گھڻائي سبب ديھ جي نالن جو استعمال گھٽجي ويو آهي ۽ ان جي جڳھ ڳوٺ توڙي شهرن جي نالن ورتو آهي.[1] آسام ۾ ديھ کي موزه چيو ويندو آهي ۽ ديھ جي اڳواڻ کي موزهدار چيو ويندو آهي.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Islam, Sirajul (2012). Islam, Sirajul; Jamal, Ahmed A.. eds. Banglapedia: National Encyclopedia of Bangladesh (Second ed.). Asiatic Society of Bangladesh. 
  2. 2.0 2.1 "Deh Maps". sindhzameen.gos.pk. حڪومت سنڌ. حاصل ڪيل 1 July 2018. 
  3. "Pakistan Mouza Census 2008". pbs.gov.pk. Pakistan Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 1 July 2018. 
  4. "List of Dehs in Sindh" (PDF). sindhzameen.gos.pk. حڪومت سنڌ. حاصل ڪيل 1 July 2018.