ديھ راڻو
ديھ راڻو (انگريزي ٻولي: Deh Rano)، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي سعيدآباد جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جيڪا زير پير تپي ۾ واقع آهي. ڪجهه ھن جنھن ۾ ڳوٺمنصورہ جتي جماعت اسلامي جو مشھور مدرسو به آھي ۽ ڳوٺ طيب ڏاھري. ديھ جي 1976 واري نقشي مطابق ان ۾ ڳوٺ ڪوڙو ڏاھري، ڳوٺ ڏيپر پڻ واقع آھن. ھن ديھ جو وڏو حصو زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ فتح پور، ديھ سھراب پور، ديھ تارا، ديھ ڀنڀري ۽ ديھ بنگلو سان لڳن ٿيون.ھن ديھ جو قيام 1949 ۾ عمل ۾ آيو. ھن ۾ 1 کان 230 روينيو سروي نمبر آھن.[1] ھن ديھ جي سھراب پور ديھ واري دنگ تي آوت واھ هوندو هو جيڪو ڦٽي ويو.ديھ بنگلو واري دنگ تي ڏني جو ڦٽل ڪڙيو ھوندو ھو.[2]
ديھ راڻو جو نقشو | |
ضلعو | مٽياري |
---|---|
تعلقو | سعيدآباد |
صوبو | سنڌ |
پوليس ٿاڻا | سعيدآباد ٿاڻو |
تپو | زير پير |
سروي نمبر | 1 کان 230 |
مشهور ڳوٺ | طيب ڏاھري ۽ منصورہ |
صوبائي تڪ | PS.58 |
قومي تڪ | NA.223 |
قيام | 1949ع |
لاڳاپيل ديهون | ديھ بنگلو، ديھ تارا، ديھ سھراب پور، ديھ فتح پور، ديھ ڀنڀري |
اهم مقام | منصورہ ۾ جماعت اسلامي جو مڪتب جيڪو ديھ جو اھم تعليمي مرڪز آھي. |
حوالا
سنواريو- ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/. Missing or empty
|title=
(مدد)