[1] آرڪائيو ڪيا ويا 2018-07-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.__ديھ ٺوڙھا جو ديھ ميپ
[2]___ديھ ٺوڙھا جي ڳوٺ شير محمد ٺوڙھا جي سيٽلائيٽ واري تصوير گوگل ارٿ جي سائيٽ تي.

ديھ ٺوڙھا
Deh Thorha

ديھ ٺوڙھا جو نقشو
ضلعو مٽياري
تعلقو مٽياري
صوبو سنڌ
پوليس ٿاڻا اڏيرولال وليج ٿاڻو
تپو اڏيرولال
سروي نمبر 1 کان 455
مشهور ڳوٺ شير محمد ٺوڙھا ۽ ڳوٺ غالب خيبر
صوبائي تڪ PS-59
قومي تڪ NA-223
قيام 1932ع
لاڳاپيل ديهون ديھ کيبراڻي ، ديھ وساڻ، تعلقي ٽنڊو آدم جي ديھ ٻيلاڙو، ديھ ننڌيرو، ديھ اڏيرولال


ديھ ٺوڙھا: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي ھڪ ديھ جو نالو جنھن ۾ ڳوٺ شير محمد ٺوڙھا ۽ ڳوٺ غالب خيبر واقع آھن. ھن ديھ جو وڏو حصو آباد زرعي زمينن تي مشتمل آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ ننڌيرو، ديھ اڏيرولال، ديھ کيبراڻي، ديھ وساڻ ۽ تعلقي ٽنڊي آدم جي ديھ ٻيلاڙو سان ملن ٿيون. ھن ديھ مان روھڙي ڪئنال وھندڙ آھي ۽ ان جي کوٽائي وقت ھن ديھ جا سروي نمبر 30 ,40, 298, 303, 304, 306 روھڙي مين ڪينال ھيٺ اچي ويا.[1]ھي ديھ مٽياري پي ايس 59 جي صوبائي تڪ ۽ مٽياري آهن اي 223 جي قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ واقع آهي.ھن ديھ ۾ 1988 تائين 455 روينيو سروي نمبر ھيا. اھا اڏيرولال تپي ۾ واقع آهي ۽ انتظامي طور تي اڏيرولال وليج ٿاڻي جي حدن ۾ شامل آھي.ھن ديھ مان ٽنڊو آدم ۽ کيبراڻي لنڪ روڊ گذري ٿو جيڪو اڏيرولال ديھ جي بائونڊري کان داخل ٿي کيبراڻي ديھ طرف نڪري ٿو.ھڪ ٻيو رستو اڏيرولال ۽ ھالا لنڪ روڊ بہ ھن ديھ مان گذري ٿو.ھن ديھ جو سڀ کان وڏو ڳوٺ شير محمد ٺوڙھا آھي[3] جيڪو روھڙي ڪينال جي ڀرسان واقع آهي. ديھ جو نالو بہ ان ڳوٺ جي نالي جي ڪري رکيل آھي . ٺوڙھا سنڌ ۾ بلوچ ذات ٽالپرن جو ھڪ پاڙو سڏبو آھي. شير محمد ٺوڙھا جي ڀرسان پير ڇتو جو مقام پڻ واقع آهي. ھن ديھ ۾ وساڻ ديھ جي دنگ تي جتن جو ڳوٺ واقع آهي.ھن ديھ جا پراڻا دنگ ڪڙيو ناگڻ، ڪڙيو شير محمد، ڦٽل ڪڙيو الھ اڀايو شامل آهن.[2]

حوالا سنواريو

  1. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. http://map.sindhzameen.gos.pk/.  Missing or empty |title= (مدد)