سعيدآباد تعلقو (انگريزي: Taluka Saeedabad ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي مٽياري جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام نيو سعيد آباد شھر آھي. ھن تعلقي ۾ نيو سعيدآباد ۽ پراڻو سعيدآباد ، تاريخي ڳوٺ پير جھنڊو، جمالين ۽ راھو ذاتين جا ڳوٺ واقع آھن.ھن تعلقي جون سنڌي ٽوپيون ڏاڍيون مشھور آھن. ھتان جي معيشيت زراعت آھي. ڪڻڪ، ڪپھ، ڪمند ۽ ڪيلي جا فصل ڪثرت سان پوکجن ٿا. سنڌو درياءَ سان لڳو لڳ ھجڻ ڪري ھتي ٻيلا پڻ آھن. ھتان جو مصروف ترين روڊ نيشنل ھاء وي اين-5 آھي جيڪو ھالا تعلقي ۽ سڪرنڊ تعلقي جي وچ ۾ ھن تعلقي مان گذري ٿو. ھڪ ٽال پلازه بہ ھن تعلقي جي شھر نيوسعيد آباد ۾ واقع اٿس. [1]

سعيدآباد تعلقه
تعلقو سعيدآباد
تعلقو
Taluka Saeedabad
مٽياري ضلعي ۾ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل سعيدآباد تعلقو
مٽياري ضلعي ۾ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل سعيدآباد تعلقو
سعيدآباد تعلقه is located in سنڌ
سعيدآباد تعلقه
سعيدآباد تعلقه
سعيدآباد تعلقه is located in Pakistan
سعيدآباد تعلقه
سعيدآباد تعلقه
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سعيدآباد جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°58′N 68°22′E / 25.967°N 68.367°E / 25.967; 68.367مڪانيت: 25°58′N 68°22′E / 25.967°N 68.367°E / 25.967; 68.367
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو مٽياري
آبادي
 • ڪل 15,000

ديھون سنواريو

سعيد آباد تعلقي ۾ ڪل 28 ديھون واقع آهن.

سعيدآباد تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 اھانجو 2 امين لاکو 3 ٻاوري 4 ڇاڇري
5 ڇپر خان 6 چتوري 7 دالو ڪيٽي 8 ڏيٿڪي
9 فتح پور 10 گدالي 11 گيس 12 جمالي
13 ڪاڪا 14 کاتوري 15 ختيرو 16 ڪونر
17 لڙھ 18 مناھي 19 اوڍياڻو 20 پنج مورو
21 پينگھارو جاگير 22 پينگھارو ريئتي 23 راھو 24 راھوڪي
25 راڻو 26 سعيد آباد 27 سھراب پور 28 زير پير

حوالا سنواريو