ڍنڍو
ديھ ڍنڍو: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي اڏيرولال ۾ ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ خليفو يار محمد شاھ ۽ ڳوٺ بچل ورياء واقع آھن. ھن ديھ جا دنگ ديھ ماڙي، ديھ اڏيرولال، ديھ ھڪڙا، ديھ کورکاڻي سان ملن ٿا. ديھ ماڙي ء ديھ کورکاڻي جي دنگ تي ڦٽل ڪڙيو ڪلياڻ ھوندو ھو. ھن ديھ ۾ اڏيرولال ديھ مان سروي نمبر 431 کان سئي گئس جي پائيپ لائين داخل ٿي سروي نمبر 249 وٽان کورکاڻي ديھ ۾ داخل ٿئي ٿي. ھڪڙا ديھ جي دنگ تي نصرپور ڏانهن ويندڙ رستو اٿس.ھن ديھ جو قيام 1955 ۾ ٿيو ۽ 1977 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ ۾ 1 کان 449 تائين روينيو سروي نمبر ھيا.[1] 1977 جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ خليفي يارمحمد شاھ جي لڳ ڳوٺ سيد محمد شاھ واقع ھو ۽ ھڪ ڳوٺ ديھ ماڙي جي دنگ تي سروي نمبر 379 ۽ 378 سان لڳ واقع ھو. ان پراڻي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جي اندر مشھور دنگ ڳوٺ بچل ورياء لڳ ڦٽل ڪڙيو ڳاڙھي، ڦٽل ڪڙيو فسادي، ڦٽل ڪڙيو ڪلياڻ، ڦٽل ڪڙيو نئون موجود ھيا.[1]
فائل:ڍنڍو.jpg ديھ ڍنڍو جو نقشو | |
ضلعو | مٽياري |
---|---|
تعلقو | مٽياري |
صوبو | سنڌ |
پوليس ٿاڻا | اڏيرولال وليج ٿاڻو |
تپو | اڏيرولال |
سروي نمبر | 1 کان 449 |
مشهور ڳوٺ | ڳوٺ خليفو يار محمد شاهه ۽ ڳوٺ بچل ورياء |
صوبائي تڪ | PS-59 |
قومي تڪ | NA-223 |
قيام | 1955ع |
لاڳاپيل ديهون | ديھ ماڙي، ديھ کورکاڻي، ديھ اڏيرولال، ديھ ھڪڙا |
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 http://map.sindhzameen.gos.pk/. Missing or empty
|title=
(مدد)