ديھ شاھپور
ديھ شاھپور: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي مٽياري جي تپي شاھپور جي ھڪ ديھ جو نالو آھي جنھن ۾ ڳوٺ شاهپور ۽ لوريڙن جو ڳوٺ واقع آھن.ھن ديھ جي زمين اڪثر زرعي ۽ زرخيز آهي.ھن ديھ جون حدون ديھ سومرا، ديھ سوھڪي ، ديھ پليجاڻي، ديھ جھڪي، ديھ پنھورڪي سان ملن ٿيون. ھن ديھ جي جاگرافيائي بيهڪ 3293-28 آهي ۽ 1998 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي آبادي 5266 آهي[1]. ھن ديھ جو قيام 1935کان اڳ ٿيو ۽ 1979 جي بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ مطابق ھن ديھ جا روينيو سروي نمبر 1 کان 268 تائين ھيا.[2] ھن ديھ جي چئن ديھن سوھڪي، پليجاڻي، ڪيٽي ۽ پنھورڪي ديھن جي دنگن تي چوڌاري نصير واھ وھندو ھيو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو . شاھپور مائنر، سومرا مائينر ۽ روھڙي ڪئنال پڻ ھن ديھ مان وھندڙ ٿا. شاھپور ڳوٺ ۽ مٽياري لنڪ روڊ ذريعي ڳنڍيل آھن. نصر پور مٽياري لنڪ روڊ بہ ھن ديھ مان گذري ٿو.ھي ديھ انتظامي طور تي شاھپور ٿاڻي جي حدن ۾ واقع آهي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ NA-223 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 ۾ شامل آھي.
فائل:شاھپور.jpg ديھ شاھپور جو نقشو | |
ضلعو | مٽياري |
---|---|
تعلقو | مٽياري |
صوبو | سنڌ |
پوليس ٿاڻا | شاھپور ٿاڻو |
تپو | شاھپور |
سروي نمبر | 1 کان 268 |
مشهور ڳوٺ | شاھپور |
صوبائي تڪ | PS-59 |
قومي تڪ | NA-223 |
آبادي | 5266 [1] |
قيام | 1935ع کان اڳ |
لاڳاپيل ديهون | ديھ سومرا، ديھ سوھڪي ، ديھ پليجاڻي ، ديھ جھڪي، ديھ پنھورڪي |
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 http://www.nasarpur.com/citysurround.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ http://map.sindhzameen.gos.pk/. Missing or empty
|title=
(مدد)