ديھ ريشل : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي ھڪ ديھ جو نالو آھي ھن ديھ ۾ ٻيلو ۽ ڪچي جو علائقو شامل آھي . ٻيلي کاتي طرفان زمينن جون چوڪڙيون ماڻھن کي مقاطعي تي ڏنل آھن جنھن تحت زمين جي ڪجهه حصي تي ھڙيون پوکيون وينديون آهن.ھن ديھ جون حدون درياءَ سنڌ، ديھ ڪچو ڪيٽي، ديھ نور ڪيٽي ۽ ديھ ڪنڙ سان ملن ٿيون