بادل جمالي (انگريزي: Badal Jamali) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر رهي چڪو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو.

هن 29 جون 1947ع تي بکر جمالي جي ھڪ ڳوٺ شھداد جمالي، نيو سعيد آباد، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. پنهنجي ڳوٺ جو پهريون مئٽرڪ پاس، گرئجوئيٽ ۽ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيل شخص آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. هيءُ پي. ٽي وي ڪراچي اسٽيشن تي 1974ع ڌاري اسڪرپٽ سيڪشن ۾ ڀرتي ٿيو هو، ان دوران هن پنهنجي وڌيڪ تعليم خانگي طرح جاري رکي.

1985ع ۾ پي. ٽي. ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ پنهنجيءَ محنت ۽ صلاحيت سان 1989ع ۾ پروڊيوسر ٿيو بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر ٿيو. پي ٽي ويءَ جا سمورا پروگرام، موسيقي، اسٽيج شو، ڊراما، ٻارن جا پروگرام، لانگ پلي، پورٽريٽ ۽ ادبي پروگرام ڪري چڪو آهي. پي. ٽي وي ٽئين چئنل تي ”ادبيات“ جو سنڌي پروگرام به سندس هٿ ۾ هو. هن وقت رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي. بادل -جمالي- 1975ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ادبي دُنيا ۾ پير پاتو. هن وقت تائين سندس ڪهاڻين جا مجموعا (1) ’پاڙي ناهه پروڙ‘ (1980ع) ۽ (2) ’سنگرام‘ (1987ع) ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ’پاڙي ناهه پروڙ‘ تي کيس سگا گولڊ ميڊل به مليو هو. هن چار ڪتاب: (1) ’چار ڪهاڻيڪار، چار نقاد‘ (2) ’چونڊ سنڌي ڪهاڻيون، 1975ع کان 1980ع تائين ۽ منصور پبليڪيشن جا ”ٻه ڪهاڻي نمبر“ (ڪتاب) مرتب ڪيا آهن.[1]